محمدي ٽانوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
محمدي ٽانوري (سجاول جوڻيجو)
ديھ محمدي ٽانوري
ديھ
Deh Muhammadi Tanwri
محمدي ٽانوري (سجاول جوڻيجو) is located in سنڌ
محمدي ٽانوري (سجاول جوڻيجو)
محمدي ٽانوري (سجاول جوڻيجو)
محمدي ٽانوري (سجاول جوڻيجو) is located in Pakistan
محمدي ٽانوري (سجاول جوڻيجو)
محمدي ٽانوري (سجاول جوڻيجو)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°53′49″N 68°05′01″E / 27.89694°N 68.08361°E / 27.89694; 68.08361مڪانيت: 27°53′49″N 68°05′01″E / 27.89694°N 68.08361°E / 27.89694; 68.08361
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو سجاول جوڻيجو تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 2,804


ديھ محمدي ٽانوري(انگريزي: Deh Muhammadi Tanwri ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي سجاول جوڻيجو تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڌڱاڻو مھيسر تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1883ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ نارائڻداس ۽ ان سان لڳولڳ ڪرشن وارو ڳوٺ، پيروز شاھ وارو مقام، گل شاھ وارو ڳوٺ، ڳوٺ رسول بخش ڪلھوڙو واقع ھيا[2]. ھاڻي ھن ديھ ۾ ھندن جا ڳوٺ ڪرشن ۽ نارائڻداس ڳوٺ لڪ جي نالي سان معروف آھن. ديھ جا ٻيا ڳوٺ محمدي ٽانوري ۽ ڳوٺ پير گل شاھ آھن.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ حيات گوپانگ، اوڀر ۾ ديھ ڌڱاڻو مھيسر، اولھ ۾ ديھ گل شاھ، ديھ لال خان مستوئي، ديھ سونھارو ڀٽي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ جيند لڪ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. ھن ديھ جي ڏاکڻي حصي ۾ شھدادڪوٽ برانچ چئن شاخن ۾ ورهائجي ٿي جن م گل شاھ ڊسٽري، سونھارو ڊسٽري ۽ شھدادڪوٽ ڊسٽري شامل آهن. شھدادڪوٽ ڊسٽري جي ھن ديھ مان ورھائجي اڳتي وھندڙ حصي کي ھن ديھ مان شروع ٿيڻ جي ڪري ٽانوري شاخ جي نالي سان پڻ سڏين ٿا.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,804 ھئي جيڪا 465 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
  2. [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]