مواد ڏانھن هلو

گئنيميڊ (چنڊ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گئنيميڊ
Ganymede
True-color image taken by the Galileo orbiter
گئلئليو خلائي جهاز، (Galileo orbiter) طرفان ورتو ويو (برعڪس وڌايو ويو آهي). ھلڪي مٿاڇريون، جھڙوڪ تازن اثرن ۾، ناريل زمينون ۽ اڇي اتر قطبي ڪيپ مٿئين ساڄي پاسي، پاڻيءَ جي برف ۾ ظاھر ٿيل آھن.
دريافت
دريافت ڪندڙگئليليو گئليلي
دريافت جي تاريخ7 جنوري، 1610ع
سڃاڻپون
جوپيٽر III
صفتونگئنيميڊيئن
مداري خاصيتون
Periapsis10,69,200 ڪلوميٽر
Apoapsis10,71,600 ڪلوميٽر
10,70,400 ڪلوميٽر
انحرافيت0.0013 سيڪڙو
7.15455296 ڏينهن
اوسط مداري رفتار
10.880 ڪلوميٽر في سيڪنڊ
جهڪاءُ2.214° (گرھڻ تائين) °0.20 (جپيٽر جي خط استوا ڏانهن)
جنهن جو سيٽلائيٽمشتري
جسماني خاصيتون
اوسط رداس
2,634.1±0.3 ڪلوميٽر (ڌرتي جو %0.413)
مٿاڇري جو رقبو
7^10×8.72 چورس ڪلوميٽر (زمين جو %0.171)
حجم10^10×7.66 ڪعبي ڪلوميٽر (زمين جو %0.0704) (حجم)
ڪاميٽي23^10×1.4819 ڪلوگرام (زمين جو %0.025) (ڪميت)
اوسط کثافت
1.936 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر
مٿاڇري جي ڪشش ثقل
1.428 ميٽر في چورس سيڪنڊ
جڙت جي لمحي جو عنصر
0.3105±0.0028 (اندازو)
فرار جي رفتار
2.741 ڪلوميٽر في سيڪنڊ
هم وقتي گردش جو عرصو
هم وقت ساز (synchronous)
محوري جهڪاءُ
0–0.33°
عڪاسي0.43±0.02
ظاهري چمڪ
4.61 (opposition)
4.38 (in 1951)
فضا
مٿاڇري جو دٻاءُ
0.2–1.2 µPa
حجمي جوڙجڪآڪسيجن


گينيميڊ (Gaynemede) مشتري جو وڏي ۾ وڏو چنڊ آھي ۽ اسان جي نظام شمسي جو پڻ وڏي ۾ وڏو چنڊ آھي. [1] ھي مشتري کان ستون نمبر ۽ ٽيون گليلين چنڊ آھي. گينيميڊ اسان جي نظام شمسي جو نائين نمبر تي وڏو جسم آھي. ھن جي قطر لڳ ڀڳ 5,268 ڪلوميٽر آھي. ھي 1.08 سيڪڙو مرڪري گرھه کان وڏو آھي. اسان جي چنڊ، لونر کان 0.41 سيڪڙو ۽ زحل جي چنڊ، ٽائيٽن کان 2 سيڪڙو وڏو آھي. گينيميڊ اھو اڪيلو چنڊ آھي جنھن کي پنھنجي مقناطيسي ميدان آھي.

گينيميڊ چنڊ جي ڪميت (Mass)، ٽائيٽن کان 10 سيڪڙو، ڪولسٽو کان 38 سيڪڙو ۽ IO کان 66 سيڪڙو وڌيڪ آھي. گينيميڊ پنھنجي گرھه مشتري کي 10,70,400 ڪلوميٽر جي مفاصلي کان چڪر ھڻي ٿو. ھي مشتري سان مڪمل طور ڳنڍيل آھي. زمين وانگي ھن تي به زلزلا يعني ٽيڪٽونڪ اڪٽيويٽي (Tectonic Activity) ٿيندي رھندي آھي جيڪو مشتري جي مضبوط ڪشش ثقل جي ڪري ٿئي ٿي.

گينيميڊ جو ڪو به وايو منڊل نه آھي. ھن جي مٿاڇري جي گرمي پڌ ڪاٽو 183 آھي. ھن جو 90 سيڪڙو مٿاڇرو پاڻياٺي برف سان ڍڪيل آھي. اھيو ظاھر ٿو ڪري ته ھن جي مٿاڇري واري برف جي ھيٺان پاڻياٺ ۾ پاڻي پڻ موجود ھوندو. برف جي مٿاڇري ڪري ھي زندگيء لاء ناقابل آھي پر ڪجهه ماھرن جو چوڻ آھي ته برف جي ھيٺ سمنڊن ۾ زندگي ٿي سگھي ٿي.

گينيميڊ 7.15 زميني ڏينھن ۾ پنھنجو ھڪ چڪر پنھنجي گرھه، مشتري جو ھڻي ٿو. سال 1996ع ۾ خلادانن ھبل ٽيلي اسڪوپ کي استعمال ڪندي ھي دعوا ڪيائون ته ھن کي بلڪل سنھي تھه جي آڪسيجن جو وايو منڊل آھي.

تاريخ

[سنواريو]

قديم تاريخ کان اسان اھيو خيال ڪندا آيا آھيون ته ھر شيء زمين جي چوڌاري چڪر ڪاٽيندي آھي. سج چنڊ ۽ ڪروڙين تارا اسان جي زمين کي ڦرندا آھن ۽ زمين انھن جو مرڪز آھي. اسان کي رڳو پنج گرھن جي خبر ھئي جن کي اگھاڙي اک سان ڏسي سگھندا ھئا سين. جن ۾ مرڪري Mercury، زھرہ Venus، مريخ Mars، مشتري Jupiter ۽ زحل Saturn شامل ھئا.

پھرين ڀيري گليليو گليلي 1610ع ۾ ٽيلي اسڪوپ جي مدد سان تارن ۽ گرھن کي ڏسن شروع ڪيو. 7 جنوري 1610ع تي ھن مشتري جي چار چنڊن؛ ڪولسٽو، آيو IO، يوروپا ۽ گينيميڊ جي کوجنا ڪئي ۽ پراڻن خيالاتن جو رد ڪيائين ته زمين ڪائنات جو مرڪز آھي. ڇو ته پھرين ڀيري انسان ڪنھن جسم کي گرھ جي چوگرد ڦرندي ڏٺو.

گليليو گليلي جي کوجنا ڪري انھن چنڊن کي گليلين چنڊ (Gallilean Moon) جي نالي سڃاڻو ٿا. انھن چنڊن ۾ ھڪ گينيميڊ GAYNEMEDE پڻ آھي.

خلائي مشن

[سنواريو]

ڪيترائي خلائي مشن مشتري ڏانھن موڪليا ويا انھن ۾ سال 1973ع پھريون مشن، "پايونير-10 ھو.[2] ھن کان پوء سال 1974ع ۾ "پايونير-11" ۽ ھڪ ٻئي پٺيان "ووياجر-1" ۽ "2" ويا ۽ مشتري سان گڏ گينيميڊ جي عڪس بندي پڻ ڪيائون. "گليليو خلائي مشن" ته بلڪل ھن جي ويجھي 261 ڪلوميٽر کان گذريو.

سال 2022ع ۾ يورپي خلائي ايجنسي جي مدد سان روس پنھنجو، گينيميڊ لينڊر (Gaynemede Lander) گينيميڊ جي مٿاڇري تي لاھيندو. اميد ٿا ڪيون ته اسان کي گينيميڊ جي باري ۾ ڪارائتي ڄاڻ ملي سگھندي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Ganymede Fact Sheet". www2.jpl.nasa.gov. Archived from the original on January 5, 1997. Retrieved January 14, 2010.
  2. "Pioneer 11". Solar System Exploration. Archived from the original on September 2, 2011. Retrieved January 6, 2008.