مواد ڏانھن هلو

آڪسيجن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون ڪيميائي تت تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ آڪسيجن (سلجھائپ) ڏسو.
آڪسيجن
Oxygen
8O
مائع آڪسيجن (O2 گئس، 184°C- کان هيٺيان)
مائع آڪسيجن (O2 گئس، 184°C- کان هيٺيان)

نشان
وجود شروع کان
ايٽمي انگ (Z) 8
ايٽمي وزن (A) وزن 15.99 [1]
گروپ 16
سيريز 7
بلاڪ s-block
اليڪٽران جي ترتيب 1s2 2s2 2p4
اليڪٽران في شيل 2,6
ايٽمي ريڊيس 66±2 پيڪو ميٽر (ڪوويلنت)
آئيونائزيشن انرجي (ڪلو جول في مول) 1st: 1313.9 kJ/mol

2nd: 3388.3 kJ/mol

3rd: 5300.5 kJ/mol
آڪسائيڊيشن نمبر عام: -2
-1، +1، +2[2]
اليڪٽرو نيگيٽيئٽي 3.44 (پالنگ اسڪيل)
حالت (معياري حرارت ۽ داٻ تي) سالڊ
گھاٽائي (معياري حرارت ۽ داٻ تي) 1.429 گرام في لٽر
حڪومتفزيڪل خاصيتون
  اُبلڻ جو نقطو (90.188°K) (182.962°C-)
  پگھلڻ جو نقطو (54.36°K) (218.79°C-)
  پگھرائڻ لاء حرارت 0.444 ڪلو جول في مول
  ٻاڦ جي حرارت 6.82 ڪلو جول في مول
  مولر گرميء گنجائش 29.378 جول في مول.ڪيلون

leader_name6آڪسيجنleader_title5آڪسيجنleader_title6آڪسيجنleader_name5آڪسيجن

آڪسيجن (Oxygen) هڪ ڪيميائي عنصر آهي؛ ان جي علامت "O" ۽ ايٽمي نمبر "8" آهي. اهو دوري جدول ۾ گروپ-16، جن جي ميمبرن کي چالڪوجين (Chalcogen) سڏيو ويندو آهي، جو ميمبر آهي. هڪ انتهائي رد عمل وارو غير ڌاتو ۽ هڪ طاقتور آڪسائيڊائيزنگ ايجنٽ، [3] جيڪو آساني سان گھڻن عنصرن ۽ ٻين مرڪبن سان گڏ ٿي آڪسائيڊ ٺاهيندو آهي. اها ڌرتي جي اندرين پرت ۾ سڀ کان وڌيڪ مقدار ۾ موجود تت ۽ ڌرتي جي اندرين پرت جو تقريباً اڌ حصو مختلف آڪسائيڊ جهڙوڪ پاڻي، ڪاربان ڊاءِ آڪسائڊ، آئرن آڪسائڊ ۽ سليڪيٽ جي صورت ۾ هوندو آهي.[4] ڪائنات ۾ ھائڊروجن ۽ هيليئم کانپوءِ ٽيون سڀ کان وڌيڪ مقدار ۾ موجود عنصر آهي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي مطابق؛

"آڪسيجن هڪ بي رنگ گئس آهي جنھن ۾ نہ بوءِ آهي ۽ نہ وري ذائقو اَٿس. هيءَ گئس هوا کان ڳري آهي ۽ پاڻيءَ کان هلڪي ۽ حل ٿيندڙ آهي."

معياري گرمي پد ۽ دٻاءُ تي، ٻہ آڪسيجن ايٽم، هڪ بي رنگ ۽ بي بوءِ ٻه-ايٽمي گيس (O2) ٺاھڻ لاءِ هڪ ڪو-ويلينٽ بونڊ (covalent bond) جي ذريعي ڳنڍيل هوندا آهن. ڊائي آڪسيجن گيس هن وقت زمين جي وايومنڊل (atmosphere) جو لڳ ڀڳ %24 مايو ٺاهيندي آهي. آڪسيجن جو هڪ تمام گهٽ 3-ايٽمي الوٽروپ، اوزون (O3) الٽرا وائليٽ (UV) شعاعن کي مضبوطيءَ سان جذب ڪري ٿو ۽ هيٺين اسٽريٽوسفيئر تي هڪ حفاظتي اوزون پرت ٺاهيندو آهي. جيڪو بايوسفيئر کي آئنائزنگ الٽراوائلٽ شعاعن کان بچائيندو آهي. بهرحال، مٿاڇري تي موجود اوزون سموگ جي هڪ ضمني پيداوار آهي ۽ ان ڪري هڪ هوائي آلودگي آهي.

سڀني يوڪريوٽڪ جاندارن، جن ۾ ٻوٽا، جانور، فنگس، الجي ۽ گهڻا پروٽسٽس شامل آهن، کي جيو گهرڙن جي تنفس، هڪ اهڙو عمل جيڪو کاڌي مان نڪتل نامياتي ماليڪيولن سان آڪسيجن جي رد عمل ذريعي ڪيميائي توانائي ڪڍي ٿو ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي فضول پيداوار طور جاري ڪري ٿو، لاءِ آڪسيجن جي ضرورت هوندي آهي. جانورن ۾ نامياتي ماليڪيولن جا ڪيترائي وڏا طبقا، پروٽين، نيوڪليائي تيزاب، ڪاربوهائيڊريٽ ۽ چربی (fats) جا ماليڪيول آڪسيجن ايٽم تي مشتمل هوندا آهن.

زمين جي ماحول ۾ آڪسيجن بايوٽڪ فوٽو سنٿيسس ذريعي پيدا ٿئي ٿي. جنهن ۾ سج جي روشني ۾ موجود فوٽون جي توانائي، پنن ۾ موجود ڪلوروفل جي حاصل ڪئي ويندي آهي ۽ هن توانائي جي موجودگي ۾ پاڻي ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي رد عمل سان ڪاربوهائيڊريٽ پيدا ٿئين ٿا ۽ آڪسيجن هڪ ضمني پيداوار جي طور تي خارج ٿئي ٿي.

آڪسيجن جي عام صنعتي استعمال ۾ اسٽيل، پلاسٽڪ ۽ ڪپڙي جي پيداوار، اسٽيل ۽ ٻين ڌاتو جي بريزنگ، ويلڊنگ ۽ ڪٽڻ، راڪيٽ پروپيلنٽ، آڪسيجن ٿراپي، ۽ هوائي جهازن، آبدوزين، خلائي پرواز ۽ ڊائيونگ ۾ لائف سپورٽ سسٽم شامل آهن.

آڪسيجن کي سال 1604ع کان اڳ مائيڪل سينڊيووجيئس ھوا مان ڌار ڪئي، پر عام خيال اھو آھي ته اھا سال 1773ع يا ان کان اڳ سوئيڊن جو ڪارل وليم شيلي دريافت ڪئي. اِھو به خيال آهي ته هن کي انگلش ڪيميادان، جوزف پريسٽلي 1774ع دريافت ڪيو ۽ هن کي هڪ الڳ عنصر جي بجاء "ڊي فلوجسٽيڪيٽڊ ھوا" جو نالو ڏنو. جوزف پريسٽلي جي تحقيق سڀ کان پھرين ڇپي، هن ڪري آڪسيجن جي دريافت جو ڪريڊٽ جوزف پريسٽلي کي ڏنو وڃي ٿو. سال 1777ع ۾ اينٽوئن ليوازئي ان کي بطور ڪيميائي عنصر تسليم ڪيو ۽ ان کي "آڪسيجن" جو نالو ڏنو. ليوازئي ان جي ٻرڻ جي عمل (combustion) جو صحيح وضاحت ڪيو.

آڪسيجن، جاندارن جي جياپي لاءِ تمام ضروري آهي. اسان جي ساھہ کڻڻ سان آڪسيجن ڦڦڙن ۾ ويندي آهي. هيءَ گئس ڏينهن ۾ وڻن مان خارج ٿيندي آهي. آڪسيجن جي ھڪ ائٽم ۽ هائڊروجن جي ٻن ايٽمن جي ميلاپ سان پاڻي ٺهي ٿو، جنهن جو ڪيميائي فارمولو H2O آهي. ڌرتيءَ جي ماحولياتي دائري ۾ آڪسيجن گئس جو مقدار 21 سيڪڙو آهي.[5]


زندگي زمين تي پنھنجا پير کوڙي چڪي هئي ۽ پکڙجڻ شروع ٿي ۽ ايروبڪ مائيڪروب جي شڪل ۾ ھئي. جن مان ٽي ارب سال پھريان سائنوبئڪٽيريا نڪتا. انھن جي توانائي جو ذريعو سج جي گرمي هئي. آڪسيجن گئس جنھن تي زندگي جو دارومدار آهي، انھن ۾ ڦوٽوسنٿيسس جو عمل شروع ڪري ڇڏيو. انھن سائنو بيڪٽريا جا ڪيترائي قسم هيا. هر هڪ سج کان ايندڙ مختلف ويولينٿ کي پڪڙيندو ھيو. سمنڊ جي لھرن ۾ ان وقت ڄمو ڳاڙهي رنگ وارو سائنو بيڪٽيريا ۽ سائي رنگ جي الجي شامل ھيا. سج جي روشني جي مدد سان پاڻي ۾ اليڪٽران هلندا هئا جن ڪيميائي ري ايڪشن ڪرڻ شروع ڪيو. گھٽ ملندڙ سلفر جي بجائي سائنو بيڪٽيريا هاڻي زمين تي گھڻا عام ملندا ھيا، جيڪي ماليڪيولز مان توانائي وٺي سگهن پيا جنھن ڪري انھن جي پيداوار ۾ تمام گھڻو اضافو ٿيو. ان کي مفيد توانائي ۾ بدلجڻ جو عمل ڪلوروفل مان شروع ٿيندو آهي سائي رنگ جي ماليڪيول جيڪي اينٽينا جيان ڪم ڪندا آهن ۽ زمين جي مٿاڇري کان ايندڙ روشني کي جذب ڪندا آهن.

مطالعي جي تاريخ

[سنواريو]

زندگي جي ابتدا

[سنواريو]

ان کانپوءِ بائيو ڪيمسٽري ٿيوري پيچيدهه آهي. بنيادي طور تي، ان مان ڪيميائي ري ايڪشن ٿيندو آهي ۽ پاڻي هائيڊروجن ۽ آڪسيجن ۾ بدلجي ويندو آهي. انھن جا ڪجهه حصا ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ سان ملي ڪري گلوڪوز جھڙي شوگر ٺاهيندا آهن. ڪيمسٽري جي ان جمع خرچ ۾ ڪجهه آڪسيجن بچي ويندي آهي آزاد آڪسيجن اڄ بہ اسانکي سٺي لڳندي آهي، پر ان وقت جي زندگي جي لاءِ زهريلي هئي. سج تاري جون الٽرا وائلٽ شعاعون آڪسيجن جي ماليڪيول کي ٽوڙي ڪري آزاد ريڊيڪل ٺاهينديون هيون. هي ڊي اين اي کي چٻاڙيندو هيو ۽ ڦاڙي ڇڏيندو هيو. آزاد آڪسيجن نائيٽروجن مقرر ڪرڻ وارن بيڪٽريان جي صلاحيت کي تباھ ڪري ڇڏيندي هئي. ڇوجو هي انجي ان انزام مان لوھ جي ايٽم کي ٽوڙي ڪري ناڪارو ڪري ڇڏيندي هئي آڪسيجن ان وقت زميني زندگي لاءِ خطرناڪ دشمن هئي انھن نازڪ مائيڪروبز جي لاءِ شروع ۾ خوشي قسمتي اهيا رهي تہ آڪسيجن گڏ نہ ٿئي رهي هئي هي گھڻو ڪري شين مان ري ايڪٽ ڪري ويندي هئي ڇونہ هوا ۾ هجي يا پاڻي ۾ پاڻي ۾ لوھ جي وڏي مقدار ڦليل هئي ان آڪسيجن ان لوھ کي زنگ ڏيڻ شروع ڪري ڏنو زنگ جا هي ننڍڙا ڊرڙا سمنڊ جي تھ ۾ جمع ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ انھن کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هي اڄ بہ هر قديم سمنڊ تھ ۾ نظر ايندا آهن دنيا جي نوي سيڪڙو لوھ جا ذخیرا ان طرح جا آهن ۽ هي ان مائيڪروبز جو ڪم آهي جيستائين تهي حل ٿيل لوھ باقي رهيو آڪسيجن ماحول کي آلودو نہ ڪيو سال بہ سال زمانو بہ زمانو سائينو بيڪٽيريا پکڙجڻ لڳا اهو ئي ڪم ڪندا رهيا لوھ ختم ٿيندو رهيو ايستائين جو انجو معاملو بگڙجڻ شروع ٿي ويو آزاد آڪسيجن سمنڊ ۾ جمع ٿيڻ شروع ٿي ويو زندگي کي مارڻ شروع ڪري ڇڏيو پوءِ هي فضا ۾ پکڙجڻ شروع ٿي انهن مائيڪروبز جي لاءِ هي زهريلا ڪڪر هيا زندگي جي لاءِ ايترو وڏو خطرو انکان سواءِ ٻيو ڪو بہ نہ رهيو زندگي جي ڪڙي کي موت جو خطرو هيو پوءِ زندگي ان خطري جو مقابلو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ڪجهه پاران ٻاهرا ممبرين ٺاهي ڪري ۽ ڪجهه پاران اندر جي ڀت ۾ چادر چاڙهي ڪري تہ جيئن نائيٽروجن برقرار ڪرڻ وارا انزام کي بچايو وڃي ڪجهه هڪ ٻيا هيا جن ڪجهه نہ ڪيو انھن جي خلياتي مشينري انھن گيسن کي اي تواناني جي لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو انجي ڌماڪي دار طاقت کي پنھنجي توانائي جي لاءِ اپنائي ڇڏيو جيئن ڪنھن تي ڪيميائي هٿيارن جو حملو ٿي ۽ اهو ان زهريلي گيس کي ئي ڪم ۾ آڻي آڻ يقيني طور تي حيرت انگيز پر هي اهوئي خاص بيڪٽيريا هيا جن ڪمال ئي ڪري ڇڏيو

اڄ اسان ۽ زمين تي تقريبن سڄي زندگي ان جراثيمن جي جدوجهد ڪارڻ آهيون ڇوجو انھن جي وجهہ سان زندگي جو پيچ ممڪن ٿي ڪثرت خلوي جاندار ممڪن ٿيا سڀني خلين ۾ ننڍڙا مائيٽوڪونڊريا پاتا ويندا آهن جيڪي انھن جراثيمن جي وجهہ سان آهن هي مائيٽوڪونڊريا آڪسيجن سان توانائي ممڪن بڻائيندا آهن اسڪولن ۾ پڙهايو تہ ويندو آهي تہ جاندارن کي آڪسيجن زندھ رکڻ جي لاءِ ضروري آهي پر عام طور تي اهيو ناهي ٻڌايو ويندو تہ ڇاڪاڻ؟ انجو سولو جواب اي آهي تہ مائيٽرو ڪونڊريا آڪسيجن کي استعمال ڪري گلوڪوز جھڙي شوگر ۾ ٽوڙيندا آهن انھن کان بغير انهن شوگرز مان گھڻي ڀاڱي گھٽ ئي توانائي ڪڊهجي سگھجي ٿي پر ان سان توانائي چوسي وڃڻ وارا ڪم مائيٽو ڪونڊريا جو آهي جيڪي آڪسيجن جي مدد سان ڪندا آهن انھن کان سواءِ اسانجي توانائي جي بيٽري ختم ٿي ويندي ۽ اسان ڪجهه سيڪنڊن ۾ مري وينداسين  ياد رهي تہ ٻوٽا بہ ان طرح آڪسيجن مان ساهہ کڻندا آهن انھن کي وڌڻ ۽ پنھنجي نسل جي پرورش جي لاءِ کپي آڪسيجن زندگي کان سواءِ زمين کي پڻ بدلي ڇڏيو آزاد آڪسيجن پنھنجو حملو گرين هائوس گيسن تي ڪيو ميٿين جھڙين گيسن کي ختم ڪري ڇڏيو ان سان زمين جو پد ڪري پيو زمين برف سان ڌڪجي وئي خط استوا تي بہ گليشيئر اچي ويا زمين جو ٻہ سيڪڙو معدنيات اهوئي آهن جيڪي صرف آڪسيجن جي موجودگي ۾ ٺھي سگھن ٿيون انھن ۾ ڪئي گوهر ۽ نگينا بہ هئا ياقوت ۽ نيلم ان آڪسيجن جي حملي سان ٺهيا ڪيتريون معدنيات آڪسيجن جي موجودگي ۾ نٿا رهي سگھن يعني ان قديم معدنيات کي آڪسيجن ختم ڪري ڇڏيو پٿر بہ ان طرح گيسن جي موجودگي ۾ وڌندا ۽ ختم ٿيندا آهن آڪسيجن انھن مان ڪيترن جي لاءِ زندگي جو پيغام هئي ۽ ڪيترن جي لاءِ موت جو

اڄ آڪسيجن فضا جو ايڪويهه سيڪڙو آهي ۽ ان سطح تي برقرار آهي ان مان ڪجهه ٻوٽن جي طرف کان ايندي آهي ۽ ڪجهه مائيڪروبز جي طرف کان اڄ کان ٻہ ارب ٽيھ ڪروڙ سال سڳ جڏهن سمنڊ مان لوھ ختم ٿيو هيو تہ ان وقت آڪسيجن فضا ۾ ڏھ کرب مان هڪ ماليڪيول هيو اڳئين ڪجهه سئو ملين صدين ۾ هي پنج سئو مان هڪ ماليڪيول تائين پھچي چڪي هئي گھٽ وقت ۾ ان قدر تيزي سان ان اضافي زندگي ويجھو ويجھو مٽائي ئي ڇڏي هئي هڪ ارب اسي ڪروڙ سال پهريان هي سطح هڪ ليول تائين اچي چڪي هئي جڏهن زمين تي معدنيات ان کي چوسڻ شروع ڪيو اڳئين هڪ ارب سال تائين هي هڪ سطح تي رهي جڏهن معدنيات سينچوريٽ ٿي وئي ۽ پوءِ وڌڻ شروع ٿي ٻوٽا ۽ جانور ان وقت ريڪارڊ ۾ اچڻ شروع ٿيا ان مان حاصل ٿيندڙ توانائي جي وجهہ سان اهوئي مخلوقات جيڪي ڀڄي سگهنديون هيون شڪار ڪري سگهنديون هيون جنسي طريقي سان پنھنجي نسل ڪري سگهنديون هيون ۽ ماري سگهنديون هيون

انکان پوءِ آڪسيجن جي سطح پندرهن ۽ پنجٽيهہ سيڪڙو جي ويجھي مٿي هيٺ ٿيندي رهي انجا پنھنجا اثر ٿيا جڏهن هي گھڻي هئي تہ ايتري گھڻي جو معمولي ڀڙڀٽ وڏي باھ لڳائڻ جي سگھ هئي ۽ جڏهن گھٽ تہ ايتري گھٽ جو ڪرندڙ بجلي يا آتش فشان جي لاءِ بہ ڪجهہ ساڙڻ مشڪل هجي جيڪڏهن فرض ڪجي ڪو ٽائيم مشين ٺاهي ڪري وقت ۾ پوئتي وڃڻ چاهي تہ هي زمين جي تاريخ جو پھريون مرحلو آهي جڏهن اهو ٽائيم مشين مان قديم ٻاهر نڪري ڪري موت جو شڪار نہ ٿيندو سترهن سيڪڙو آڪسيجن مان گھٽ سطح تي سوچڻ جي صلاحيت متاثر ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ هلڻ مشڪل ٿي ويندو آهي آڪسيجن جي وڌندڙ ليول سان سڀ کان گھڻو فائدو جيتن کنيو ڪيڙن جا ڦڦڙ ناهين هوندا هي آڪسيجن کي پنھنجي خلين جي مسامن جي ذريعي اندر وٺي ويندا آهن جيو ميٽري مان پتو پوندو آهي تہ انھن جو سائز وڌڻ جي سطح جو رقبو واليوم جي مقابلي ۾ آهستہ سان وڌندو آهي انجي وجہ سان ڪيڙا گھڻا وڏا نٿا ٿي سگھن نہ تہ آڪسيجن جي گهٽتائي سان مري وڃن ها انهي وجھ سان اڄ جي ڪيڙا ننڊڙي سائز جا هوندا آهن جڏهن آڪسيجن جي سطح پنجٽيهه سيڪڙو تائين پھتي هئي ان وقت انھن وٽ وڏو ٿيڻ آسان هيو جيڪڏهن ٽائيم مشين ۾ اسانجا دوست ٽيھ ڪروڙ سال پهريان وڃن تہ انھن کي گز وڏي ڪبوتر جي سائز جون مکيون ۽ ٽائرن جي سائز جون مڪڙيون ملنديون هي آڪسيجن جو ڪارنامو هيا

هاڻوڪي آڪسيجن جي ليول تي اسانکي چار سيڪنڊن ۾ هڪ ساهہ گھرجي ڏينھن جا ويھ هزار اهيا آڪسيجن ٺاهڻ وارا بيڪٽريا جيڪي اڄ جي سڀئي زندگي ونڊ ڪندي آهي جيڪڏھن ٻوٽن ۽ آڪسيجن ٺاهڻ وارا بيڪٽريا انھن کي ٺاهڻ ڇڏي ڏين تہ هڪ هزار صدي ۾ آڪسيجن تي جيئندڙ سڀ زندگي زمين مان ختم ٿي ويندي جيترو عرصو انھن کي ٺھڻ ۾ لڳو انجي هڪ ملين حصي ۾ پر جيڪي جراثيم ۽ ٻوٽا هي ڪم روزانو ڪندا آهن زندگي جي مختلف شڪلن جي ويجھو ڏئي وٺ جو هي سندرتا توازن برقرار آهي ٻوٽا ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ ۽ پاڻي ٺاهيندا آهن. فزڪس ۾ اوهان قدرت جي سندرتا کي پڙهندا هوندا پر آڪسيجن ۽ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جي هي ڪميسٽري گھڻو متاثر ڪندڙ آهي ڇوجو انکي هاڻي تائين پهچڻ ان قدر گھڻو وقت لڳو آهي ۽ ان ۾ ان قدر گھڻين شين حصو ورتو ان ۾ ايتريون گھڻون شيون خراب ٿي سگھن ٿيون پر ٿينديون ناهين برگد جا وڻ جهرڪيون سائنو بيڪٽيريا ۽ اسان ان توازن ۾ سڀ گڏ آهيون.

خاصيتون

[سنواريو]

حياتياتي پيداوار

[سنواريو]

صنعتي پيداوار

[سنواريو]

اسٽوريج

[سنواريو]

ايپليڪيشن

[سنواريو]

مرڪب

[سنواريو]

احتياطون

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

باب:ڪيميا

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Prohaska, Thomas; Irrgeher, Johanna; Benefield, Jacqueline; Böhlke, John K.; Chesson, Lesley A.; Coplen, Tyler B.; Ding, Tiping; Dunn, Philip J. H.; Gröning, Manfred; Holden, Norman E.; Meijer, Harro A. J. (May 4, 2022). "Standard atomic weights of the elements 2021 (IUPAC Technical Report)". Pure and Applied Chemistry. doi:10.1515/pac-2019-0603. ISSN 1365-3075.
  2. Greenwood, Norman N.; Earnshaw Alan (1997). Chemistry of the Elements (2nd ed.). Butterworth-Heinemann. p. 28. ISBN 978-0-08-037941-8.
    1. Arblaster, John W. (2018). Selected Values of the Crystallographic Properties of Elements. Materials Park, Ohio: ASM International. ISBN 978-1-62708-155-9.
  3. Greenwood, Norman N.; Earnshaw Alan (1997). Chemistry of the Elements (2nd ed.). Butterworth-Heinemann. p. 28. ISBN 978-0-08-037941-8. Arblaster, John W. (2018). Selected Values of the Crystallographic Properties of Elements. Materials Park, Ohio: ASM International. ISBN 978-1-62708-155-9.
  4. Atkins, P.; Jones, L.; Laverman, L. (2016).Chemical Principles, 7th edition. Freeman. ISBN 978-1-4641-8395-9
  5. آڪسيجن : (Sindhianaسنڌيانا)