آڪسيجن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
آڪسيجن


Oxygen,  8O
سانچو:Infobox element/symbol-to-top-image/alt
Liquid oxygen boiling
Oxygen
مادي شڪليون O2, O3 (Ozone)
ڏيک gas: colorless
liquid and solid: pale blue
اسٽينڊرڊ ائٽمي وزن Ar, std() [15.9990315.99977] conventional: 15.999
Oxygen دوري جدول ۾
Hydrogen Helium
Lithium Beryllium Boron Carbon Nitrogen Oxygen Fluorine Neon
Sodium Magnesium Aluminium Silicon Phosphorus Sulfur Chlorine Argon
Potassium Calcium Scandium {{Periodic table (32 columns,
micro)/elementcell|category=transition metal|number=22|name=Titanium|mark=O|symbol=Ti}}
Vanadium Chromium Manganese Iron Cobalt Nickel Copper Zinc Gallium Germanium Arsenic Selenium Bromine Krypton
Rubidium Strontium Yttrium Zirconium Niobium Molybdenum Technetium Ruthenium Palladium Silver Cadmium Indium Tin Antimony Tellurium Iodine Xenon
Caesium Barium Lanthanum Cerium Praseodymium Neodymium Promethium Samarium Europium Gadolinium Terbium Dysprosium Holmium Erbium Thulium Ytterbium Lutetium Hafnium Tantalum Tungsten Rhenium Osmium Iridium Platinum Gold Mercury (element) Thallium Lead Bismuth Polonium Astatine Radon
Francium Radium Actinium Thorium Protactinium Uranium Neptunium Plutonium style="border:none;padding:0;"
Americium
Curium Berkelium Californium Einsteinium Fermium Mendelevium Nobelium Lawrencium Rutherfordium Dubnium Seaborgium Bohrium Hassium Meitnerium Darmstadtium Roentgenium Copernicium Nihonium Flerovium Moscovium Livermorium Tennessine Oganesson


O

S
nitrogenoxygenfluorine
ايٽمي نمبر (Z) 8
گروھ group 16 (chalcogens)
دؤر period 2
خانو p-block
عنصرن جو گروھ   reactive nonmetal
اليڪٽرانن جي ترتيب [He] 2s2 2p4
اليڪٽران في خول مطابق
2, 6
طبعي خاصيتون
مرحلو معياري حرارت ۽ داٻ تي O: Gas
رجڻ وارو نقطو 54.36 K ​(−218.79 °C, ​−361.82 °F)
اٻرڻ وارو نقطو 90.188 K ​(−182.962 °C, ​−297.332 °F)
گھاٽائي (معياري حرارت ۽ داٻ تي) 1.429 g/L
گھاٽائي (اٻرڻ واري نقطي مطابق) 1.141 g/cm3
ٽيڻو نقطو 54.361 K, ​0.1463 kPa
ڪرٽيڪل نقطو 154.581 K, 5.043 MPa
رجڻ واري حرارت (O2) 0.444 kJ/mol
بخاري حرارت (O2) 6.82 kJ/mol
مولر واري حرارت جي گنجائش (O2) 29.378 J/(mol·K)

[[ٻخاري داٻ

| pressure]]
P (Pa) 1 10 100 1 k 10 k 100 k
at T (K)       61 73  
ايٽمي خاصيتون
آڪسيڊہشن واري حالت −2, −1, +1, +2
برقي منفيت Pauling scale: 3.44
آئنن جي توانائي
  • 1st: 1313.9 kJ/mol
  • 2nd: 3388.3 kJ/mol
  • 3rd: 5300.5 kJ/mol
  • (more)
ڪوويلنٽ محور 66±2 pm
وان ڊير والس محور 152 pm
Color lines in a spectral range
شعاعي لڪيرن جا oxygen
ٻيون خاصيتون
قدرتي وقوع O: Primordial
قلمي بناوٽcubic
Cubic crystal structure for oxygen
آواز جي رفتار 330 m/s (gas, at 27 °C)
حرارت جي ايصاليت 26.58×10−3  W/(m·K)
مقناطيسي ترتيب paramagnetic
مقناطيسيت کان متاثر

+3449.0·10−6 cm3/mol

(293 K)[1]
CAS نمبر 7782-44-7
تاريخ
دريافت Carl Wilhelm Scheele (1771)
نالو ڏيندڙ Antoine Lavoisier (1777)
oxygen جا آئسوٽوپ
Iso­tope Abun­dance Half-life (t1/2) Decay mode Pro­duct

سانچو:Infobox element/isotopes stable سانچو:Infobox element/isotopes stable سانچو:Infobox element/isotopes stable

| حوالا
آڪسيجن,  00Xx
آڪسيجن
{{{name}}} دوري جدول ۾
Hydrogen Helium
Lithium Beryllium Boron Carbon Nitrogen Oxygen Fluorine Neon
Sodium Magnesium Aluminium Silicon Phosphorus Sulfur Chlorine Argon
Potassium Calcium Scandium {{Periodic table (32 columns,
micro)/elementcell|category=transition metal|number=22|name=Titanium|mark={{{symbol}}}|symbol=Ti}}
Vanadium Chromium Manganese Iron Cobalt Nickel Copper Zinc Gallium Germanium Arsenic Selenium Bromine Krypton
Rubidium Strontium Yttrium Zirconium Niobium Molybdenum Technetium Ruthenium Palladium Silver Cadmium Indium Tin Antimony Tellurium Iodine Xenon
Caesium Barium Lanthanum Cerium Praseodymium Neodymium Promethium Samarium Europium Gadolinium Terbium Dysprosium Holmium Erbium Thulium Ytterbium Lutetium Hafnium Tantalum Tungsten Rhenium Osmium Iridium Platinum Gold Mercury (element) Thallium Lead Bismuth Polonium Astatine Radon
Francium Radium Actinium Thorium Protactinium Uranium Neptunium Plutonium style="border:none;padding:0;"
Americium
Curium Berkelium Californium Einsteinium Fermium Mendelevium Nobelium Lawrencium Rutherfordium Dubnium Seaborgium Bohrium Hassium Meitnerium Darmstadtium Roentgenium Copernicium Nihonium Flerovium Moscovium Livermorium Tennessine Oganesson
{{{above}}}

{{{symbol}}}

{{{below}}}
{{{left}}} ← {{{name}}} → {{{right}}}
ايٽمي نمبر (Z) {{{number}}}
گروھ group n/a
دؤر period {{{period}}}
خانو [[{{{block}}}-block]]
طبعي خاصيتون
مرحلو معياري حرارت ۽ داٻ تي
ايٽمي خاصيتون
ٻيون خاصيتون
قدرتي وقوع
Iso­tope Abun­dance Half-life (t1/2) Decay mode Pro­duct
| حوالا

آڪسيجن(انگريزي: Oxygen) ھڪ ڪيميائي عنصر آهي جنھن جو ڪيميائي نشان O آهي ۽ ان جو ائٽمي نمبر 8 آھي. ھي عنصر وڏي پيماني تي ڪيميائي ردعمل ڪندڙ ھوندو آھي. وزن ۾ ھن عنصر جو ٽيون نمبر آھي. ڪائنات ۾ ھيليم ۽ ھائڊروجن کان پوءِ ھي عنصر ڪثرت سان ملندڙ آھي. آڪسيجن 1604 کان اڳ سينڊيووگئس (Sendivogius) ھوا مان ڌار ڪئي پر عام خيال اھو آھي تہ اھا 1773 يا ان کان اڳ ڪارل وليم شيلي (Carl Wilhelm Scheele) سوئيڊن جي شھر اپسالا (Uppsala) ۾ دريافت ڪئي.اھو بہ خيال آهي تہ آڪسيجن جوزف پريسٽلي 1774 ۾ ولٽ شائر ۾ دريافت ڪئي. انھن سڀني مان جوزف پريسٽلي کي ترجيح ملي ڇوتہ ان جي اھا تحقيق سڀ کان پھرين ڇپي. جوزف پريسٽلي ان تحقيق ۾ ھن عنصر کي ڊيفلوجسٽيڪيٽيڊ ھوا جو نالو ڏنو ۽ ان کي بطور عنصر تسليم نہ ڪيو. سڀ کان پھريون 1777 ۾ اينٽوئن لوائيزيئر (Antoine Lavoisier) ان کي آڪسيجن نالو ڏنو ۽ ان کي ڪيميائي عنصر طور تسليم ڪيو ۽ ان جي ٻرڻ جي عمل (combustion) واري ڪردار جو صحيح ذڪر ڪيو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق: آڪسيجن هڪ بي رنگ گئس آهي جنھن ۾ نہ بوءِ آهي ۽ نہ وري ذائقو اٿس. هيءَ گئس هوا کان ڳري آهي ۽ پاڻيءَ کان هلڪي ۽ حل ٿيندڙ آهي. آڪسيجن، جاندارن جي جياپي لاءِ تمام ضروري آهي. اسان جي ساهه کڻڻ سان ڦڦڙن ۾ ويندي آهي. هيءَ گئس ڏينهن جو وڻن مان خارج ٿيندي آهي. آڪسيجن جي ھڪ ايٽم ۽ هائڊروجن جي ٻن ايٽمن جي ميلاپ سان پاڻي ٺهي ٿو، جنهن جو ڪيميائي فارمولو : H2 O آهي. ڌرتيءَ جي ماحول ۾ آڪسيجن گئس جو مقدار 21 سيڪڙو آهي.[2]

آڪسيجن ۽ زندگي جي ابتدا[سنواريو]

آڪسيجن هڪ گئس جنھن تي زندگي جو دارومدار آهي

زندگي زمين تي پنھنجا پير کوڙي چڪي هئي ۽ پکڙجڻ شروع ٿي تہ ايروبڪ مائيڪروب جي شڪل ۾ ھئي. جن مان ٽي ارب سال پھريان سائنو بيڪٽيريا نڪتا. انھن جي توانائي جو ذريعو آتش فشاني حرارت نہ هئي ۽ اھي پنھنجي توانائي سج مان وٺندا هيا. زندگي انھن ۾ فوٽوسينٿيسز جو عمل شروع ڪري ڇڏيو. انھن سائنو بيڪٽريا جا ڪيترائي قسم هيا. هر هڪ سج کان ايندڙ مختلف ويولينٿ کي پڪڙيندو ھيو. سمنڊ جي لھرن ۾ ان وقت ڄمو ڳاڙهي رنگ وارو سائنو بيڪٽيريا ۽ سائي رنگ جي الجي شامل ھيا. سج جي روشني جي مدد سان پاڻي ۾ اليڪٽران هلندا هئا جن ڪيميائي ري ايڪشن ڪرڻ شروع ڪيو. گھٽ ملندڙ سلفر جي بجائي سائنو بيڪٽيريا هاڻي زمين تي گھڻا عام ملندا ھيا جيڪي ماليڪيولز مان توانائي وٺي سگهن پيا جنھن ڪري انھن جي پيداوار ۾ تمام گھڻو اضافو ٿيو. ان کي مفيد توانائي ۾ بدلجڻ جو عمل ڪلوروفل مان شروع ٿيندو آهي سائي رنگ جي ماليڪيول جيڪي اينٽينا جيان ڪم ڪندا آهن ۽ زمين جي مٿاڇري کان ايندڙ روشني کي جذب ڪندا آهن انکان پوءِ بائيو ڪيمسٽري ٿيوري پيچيدهہ آهي پر بنيادي طور تي ان اس مان ڪيميائي ري ايڪشن ٿيندو آهي ۽ پاڻي هائيڊروجن ۽ آڪسيجن ۾ بدلجي ويندو آهي انھن جا ڪجھ حصا ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ سان ملي ڪري گلوڪوز جھڙي شوگر ٺاهيندا آهن ڪيمسٽري جي ان جمع خرچ ۾ ڪجھ آڪسيجن بچي ويندي آهي آزاد آڪسيجن اڄ بہ اسانکي سٺي لڳندي آهي پر

ان وقت جي زندگي جي لاءِ زهريلي هئي سج تاري جون الٽرا وائلٽ شعاعون آڪسيجن جي ماليڪيول کي ٽوڙي ڪري آزاد ريڊيڪل ٺاهينديون هيون هي ڊي اين اي کي چٻاڙيندو هيو ۽ ڦاڙي ڇڏيندو هيو آزاد آڪسيجن نائيٽروجن مقرر ڪرڻ وارن بيڪٽريان جي صلاحيت کي تباھ ڪري ڇڏيندي هئي ڇوجو هي انجي ان انزام مان لوھ جي ايٽم کي ٽوڙي ڪري ناڪارو ڪري ڇڏيندي هئي آڪسيجن ان وقت زميني زندگي لاءِ خطرناڪ دشمن هئي انھن نازڪ مائيڪروبز جي لاءِ شروع ۾ خوشي قسمتي اهيا رهي تہ آڪسيجن گڏ نہ ٿئي رهي هئي هي گھڻو ڪري شين مان ري ايڪٽ ڪري ويندي هئي ڇونہ هوا ۾ هجي يا پاڻي ۾ پاڻي ۾ لوھ جي وڏي مقدار ڦليل هئي ان آڪسيجن ان لوھ کي زنگ ڏيڻ شروع ڪري ڏنو زنگ جا هي ننڍڙا ڊرڙا سمنڊ جي تھ ۾ جمع ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ انھن کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هي اڄ بہ هر قديم سمنڊ تھ ۾ نظر ايندا آهن دنيا جي نوي سيڪڙو لوھ جا ذخیرا ان طرح جا آهن ۽ هي ان مائيڪروبز جو ڪم آهي جيستائين تهي حل ٿيل لوھ باقي رهيو آڪسيجن ماحول کي آلودو نہ ڪيو سال بہ سال زمانو بہ زمانو سائينو بيڪٽيريا پکڙجڻ لڳا اهو ئي ڪم ڪندا رهيا لوھ ختم ٿيندو رهيو ايستائين جو انجو معاملو بگڙجڻ شروع ٿي ويو آزاد آڪسيجن سمنڊ ۾ جمع ٿيڻ شروع ٿي ويو زندگي کي مارڻ شروع ڪري ڇڏيو پوءِ هي فضا ۾ پکڙجڻ شروع ٿي انهن مائيڪروبز جي لاءِ هي زهريلا ڪڪر هيا زندگي جي لاءِ ايترو وڏو خطرو انکان سواءِ ٻيو ڪو بہ نہ رهيو زندگي جي ڪڙي کي موت جو خطرو هيو پوءِ زندگي ان خطري جو مقابلو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ڪجھ پاران ٻاهرا ممبرين ٺاهي ڪري ۽ ڪجھ پاران اندر جي ڀت ۾ چادر چاڙهي ڪري تہ جيئن نائيٽروجن برقرار ڪرڻ وارا انزام کي بچايو وڃي ڪجھ هڪ ٻيا هيا جن ڪجھ نہ ڪيو انھن جي خلياتي مشينري انھن گيسن کي اي تواناني جي لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو انجي ڌماڪي دار طاقت کي پنھنجي توانائي جي لاءِ اپنائي ڇڏيو جيئن ڪنھن تي ڪيميائي هٿيارن جو حملو ٿي ۽ اهو ان زهريلي گيس کي ئي ڪم ۾ آڻي آڻ يقيني طور تي حيرت انگيز پر هي اهوئي خاص بيڪٽيريا هيا جن ڪمال ئي ڪري ڇڏيو

اڄ اسان ۽ زمين تي تقريبن سڄي زندگي ان جراثيمن جي جدوجهد ڪارڻ آهيون ڇوجو انھن جي وجهہ سان زندگي جو پيچ ممڪن ٿي ڪثرت خلوي جاندار ممڪن ٿيا سڀني خلين ۾ ننڍڙا مائيٽوڪونڊريا پاتا ويندا آهن جيڪي انھن جراثيمن جي وجهہ سان آهن هي مائيٽوڪونڊريا آڪسيجن سان توانائي ممڪن بڻائيندا آهن اسڪولن ۾ پڙهايو تہ ويندو آهي تہ جاندارن کي آڪسيجن زندھ رکڻ جي لاءِ ضروري آهي پر عام طور تي اهيو ناهي ٻڌايو ويندو تہ ڇاڪاڻ؟ انجو سولو جواب اي آهي تہ مائيٽرو ڪونڊريا آڪسيجن کي استعمال ڪري گلوڪوز جھڙي شوگر ۾ ٽوڙيندا آهن انھن کان بغير انهن شوگرز مان گھڻي ڀاڱي گھٽ ئي توانائي ڪڊهجي سگھجي ٿي پر ان سان توانائي چوسي وڃڻ وارا ڪم مائيٽو ڪونڊريا جو آهي جيڪي آڪسيجن جي مدد سان ڪندا آهن انھن کان سواءِ اسانجي توانائي جي بيٽري ختم ٿي ويندي ۽ اسان ڪجھ سيڪنڊن ۾ مري وينداسين  ياد رهي تہ ٻوٽا بہ ان طرح آڪسيجن مان ساهہ کڻندا آهن انھن کي وڌڻ ۽ پنھنجي نسل جي پرورش جي لاءِ کپي آڪسيجن زندگي کان سواءِ زمين کي پڻ بدلي ڇڏيو آزاد آڪسيجن پنھنجو حملو گرين هائوس گيسن تي ڪيو ميٿين جھڙين گيسن کي ختم ڪري ڇڏيو ان سان زمين جو پد ڪري پيو زمين برف سان ڌڪجي وئي خط استوا تي بہ گليشيئر اچي ويا زمين جو ٻہ سيڪڙو معدنيات اهوئي آهن جيڪي صرف آڪسيجن جي موجودگي ۾ ٺھي سگھن ٿيون انھن ۾ ڪئي گوهر ۽ نگينا بہ هئا ياقوت ۽ نيلم ان آڪسيجن جي حملي سان ٺهيا ڪيتريون معدنيات آڪسيجن جي موجودگي ۾ نٿا رهي سگھن يعني ان قديم معدنيات کي آڪسيجن ختم ڪري ڇڏيو پٿر بہ ان طرح گيسن جي موجودگي ۾ وڌندا ۽ ختم ٿيندا آهن آڪسيجن انھن مان ڪيترن جي لاءِ زندگي جو پيغام هئي ۽ ڪيترن جي لاءِ موت جو

اڄ آڪسيجن فضا جو ايڪويهه سيڪڙو آهي ۽ ان سطح تي برقرار آهي ان مان ڪجھ ٻوٽن جي طرف کان ايندي آهي ۽ ڪجھ مائيڪروبز جي طرف کان اڄ کان ٻہ ارب ٽيھ ڪروڙ سال سڳ جڏهن سمنڊ مان لوھ ختم ٿيو هيو تہ ان وقت آڪسيجن فضا ۾ ڏھ کرب مان هڪ ماليڪيول هيو اڳئين ڪجھ سئو ملين صدين ۾ هي پنج سئو مان هڪ ماليڪيول تائين پھچي چڪي هئي گھٽ وقت ۾ ان قدر تيزي سان ان اضافي زندگي ويجھو ويجھو مٽائي ئي ڇڏي هئي هڪ ارب اسي ڪروڙ سال پهريان هي سطح هڪ ليول تائين اچي چڪي هئي جڏهن زمين تي معدنيات ان کي چوسڻ شروع ڪيو اڳئين هڪ ارب سال تائين هي هڪ سطح تي رهي جڏهن معدنيات سينچوريٽ ٿي وئي ۽ پوءِ وڌڻ شروع ٿي ٻوٽا ۽ جانور ان وقت ريڪارڊ ۾ اچڻ شروع ٿيا ان مان حاصل ٿيندڙ توانائي جي وجهہ سان اهوئي مخلوقات جيڪي ڀڄي سگهنديون هيون شڪار ڪري سگهنديون هيون جنسي طريقي سان پنھنجي نسل ڪري سگهنديون هيون ۽ ماري سگهنديون هيون

انکان پوءِ آڪسيجن جي سطح پندرهن ۽ پنجٽيهہ سيڪڙو جي ويجھي مٿي هيٺ ٿيندي رهي انجا پنھنجا اثر ٿيا جڏهن هي گھڻي هئي تہ ايتري گھڻي جو معمولي ڀڙڀٽ وڏي باھ لڳائڻ جي سگھ هئي ۽ جڏهن گھٽ تہ ايتري گھٽ جو ڪرندڙ بجلي يا آتش فشان جي لاءِ بہ ڪجهہ ساڙڻ مشڪل هجي جيڪڏهن فرض ڪجي ڪو ٽائيم مشين ٺاهي ڪري وقت ۾ پوئتي وڃڻ چاهي تہ هي زمين جي تاريخ جو پھريون مرحلو آهي جڏهن اهو ٽائيم مشين مان قديم ٻاهر نڪري ڪري موت جو شڪار نہ ٿيندو سترهن سيڪڙو آڪسيجن مان گھٽ سطح تي سوچڻ جي صلاحيت متاثر ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ هلڻ مشڪل ٿي ويندو آهي آڪسيجن جي وڌندڙ ليول سان سڀ کان گھڻو فائدو جيتن کنيو ڪيڙن جا ڦڦڙ ناهين هوندا هي آڪسيجن کي پنھنجي خلين جي مسامن جي ذريعي اندر وٺي ويندا آهن جيو ميٽري مان پتو پوندو آهي تہ انھن جو سائز وڌڻ جي سطح جو رقبو واليوم جي مقابلي ۾ آهستہ سان وڌندو آهي انجي وجہ سان ڪيڙا گھڻا وڏا نٿا ٿي سگھن نہ تہ آڪسيجن جي گهٽتائي سان مري وڃن ها انهي وجھ سان اڄ جي ڪيڙا ننڊڙي سائز جا هوندا آهن جڏهن آڪسيجن جي سطح پنجٽيهه سيڪڙو تائين پھتي هئي ان وقت انھن وٽ وڏو ٿيڻ آسان هيو جيڪڏهن ٽائيم مشين ۾ اسانجا دوست ٽيھ ڪروڙ سال پهريان وڃن تہ انھن کي گز وڏي ڪبوتر جي سائز جون مکيون ۽ ٽائرن جي سائز جون مڪڙيون ملنديون هي آڪسيجن جو ڪارنامو هيا

هاڻوڪي آڪسيجن جي ليول تي اسانکي چار سيڪنڊن ۾ هڪ ساهہ گھرجي ڏينھن جا ويھ هزار اهيا آڪسيجن ٺاهڻ وارا بيڪٽريا جيڪي اڄ جي سڀئي زندگي ونڊ ڪندي آهي جيڪڏھن ٻوٽن ۽ آڪسيجن ٺاهڻ وارا بيڪٽريا انھن کي ٺاهڻ ڇڏي ڏين تہ هڪ هزار صدي ۾ آڪسيجن تي جيئندڙ سڀ زندگي زمين مان ختم ٿي ويندي جيترو عرصو انھن کي ٺھڻ ۾ لڳو انجي هڪ ملين حصي ۾ پر جيڪي جراثيم ۽ ٻوٽا هي ڪم روزانو ڪندا آهن زندگي جي مختلف شڪلن جي ويجھو ڏئي وٺ جو هي سندرتا توازن برقرار آهي ٻوٽا ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ ۽ پاڻي ٺاهيندا آهن

فزڪس ۾ اوهان قدرت جي سندرتا کي پڙهندا هوندا پر آڪسيجن ۽ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جي هي ڪميسٽري گھڻو متاثر ڪندڙ آهي ڇوجو انکي هاڻي تائين پهچڻ ان قدر گھڻو وقت لڳو آهي ۽ ان ۾ ان قدر گھڻين شين حصو ورتو ان ۾ ايتريون گھڻون شيون خراب ٿي سگھن ٿيون پر ٿينديون ناهين برگد جا وڻ جهرڪيون سائنو بيڪٽيريا ۽ اسان ان توازن ۾ سڀ گڏ آهيون

حوالا[سنواريو]

  1. Weast, Robert (1984). CRC, Handbook of Chemistry and Physics. Boca Raton, Florida: Chemical Rubber Company Publishing. pp. E110. ISBN 0-8493-0464-4. 
  2. آڪسيجن : (Sindhianaسنڌيانا)