ڪشش ثقل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪشش ثقل (Gravity) تحرير :- زاھد آرائين

ڪشش ثقل اھا قوت آھي جنھن جي ڪري زمين ھر جسم کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿي سادن لفظن ۾ ڪنھن بہ شي جو وزن زمين جي ڪشش ثقل جي ڇڪيندڙ طاقت کي چئبو آھي[1]. ان سلسلي ۾ ڪيترائي نظريا ملن ٿا جن ۾ نيوٽن ۽ آئنسٽائن جا نظريا سڀ کان بنيادي، مشھور ۽ معتبر آھن. عام طور تي ان جو احساس اسان کي ڪنھن شي جي وزن سان ٿيندو آھي.اصل ۾ ڪنھن جسم جو زمين تي ڪرڻ وارو عمل زمين جي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ واري ڪشش جي ڪري ئي ٿيندو آھي. زمين جو مايو (Mass) ان تي ڪرندڙ شين جي نسبت ۾ تمام گھڻو آھي ان لاء زمين شئين کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿي وٺي ۽ اھو اسان ان شئي جي وزن جي ذريعي محسوس ڪيون ٿا. اھو ئي ڪارڻ آھي تہ جئين جئين اسين زمين جي مرڪز کان مٿي ڏور ٿيندي وينداسين تيئن وزن گھٽبو ويندو. زمين تي وزن رکندڙ شيون پڻ زمين کي پاڻ ڏانھن ڇڪين ٿيون پر زمين جي مقابلي ۾ اھا قوت نہ ھئڻ جي برابر ھئڻ ڪري محسوس نٿي ڪري سگھجي. ڪشش جي اھائي قوت آھي جنھن جي ڪري سڀ سيارا سج جي چوڌاري گھمن ٿا ۽ نظام شمسي سان گڏ ٻيا سڀ نظام قائم آھن. ڪائنات ۾ ھر طرف اھائي قوت ڪم ڪري رھي آھي. زمين تي جسمن جو ھئڻ، سمنڊ جو لھڻ چڙھڻ ۽ مايي جي سڀ جزن جو ھڪ ٻئي سان جڙي ڪري ٻيا جسم ٺاھڻ سڀ ڪشش ثقل جي ڪري ئي آھي. ڪشش ثقل ھن ڪائنات جي چئن بنيادي قوتن مان آھي. نيوڪلائي قوت طاقتور نيوڪلائي قوت برقي مقناطيسي قوت ڪشش ثقل انهن چئن قوتن مان ڪشش ثقل ڪمزور قوت آھي پر ھن جي موجودگي کان سوا ڪائنات جو نظام نہ ھلي سگهي ھا. ڌم ڌماڪ Big bang کان پھرين جيڪا قوت رونما ٿي اھا ڪشش ثقل ھئي. ڪشش ثقل ئي پھرين ڪائنات جي آرائش ڪئي. اسان ڪائنات ۾ مادي ۽ توانائي جي شڪل ۾ جيڪا خلا ۽ جوڙ ۽ ترقي ڏسي رھيا آھيون انهن جي معمار ڪشش ثقل ئي آھي. البرٽ آئنسٽائن مطابق خلا چادر وانگر آھي، جيڪو جسم يعني ڌرتي ۔ چنڊ يا ستارو وغيرھ جيترو ڳرو ھوندو اھو ايترو چادر م جهول پيدا ڪري ٿو جنھن جي ڪري ھلڪا جسم ڳري مايي واري جسم کي ڦرن ٿا. اسان مان اڪثر ڄاڻن ٿا تہ سج جي ڪشش ثقل اسان جي زمين کي ان جي بنياد ۔ ان کي صحيح مقام تي رکندي ان کي سج کان دور رکي ٿي. ڪشش ثقل بغير ڪنھن ذريعي جي خلا ۾ تمام تيزي سان سفر ڪري ٿي. ھن ڪائنات جي ھر جسم جي مايي Mass ڪائنات ۾ موجود ٻين جسم کي پنھنجي طرف ڇڪڻ لاء ھڪ قوت کي خارج ڪري ٿي جنھن کي ڪشش ثقل چئجي ٿو. ڪشش ثقل جو وڌيڪ ھجڻ يا گهٽ ھجڻ جسم جي مايي Mass ۽ ٻين جسمن جي درميان فاصلي تي آھي. جيڪو جسم جيترو وڏو ان ۾ ڪشش ثقل اوتري وڌيڪ ۽ جيڪو جسم جيترو ننڍو ھوندو ان ۾ اوتري ڪشش ثقل گهٽ ھوندي. جسمن ۾ فاصلو وڌڻ ڪري ڪشش ثقل بہ ڪمزور ٿي وڃي ٿي. وڏن جسمن ۾ ھي قوت آساني سان محسوس ڪري سگهجي ٿي جڏھن تہ ننڍن جسمن ۾ ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آھي.

نيوٽن ۽ ڪشش ثقل :- نيوٽن مطابق ڪائنات ۾ موجود جسم ھڪ قوت کي خارج ڪن ٿا ۽ ھڪ ٻئي کي پاڻ ڏي ڇڪن ٿا انهي ڇڪ کي ڪشش ثقل چئجي ٿو. جيترو جسم ڳرو اوتري وڌيڪ ڪشش ثقل ۽ جيترو جسم ننڍو اوتري ڪشش ثقل گهٽ ھوندي ۽ جسمن جي وچ ۾ جيترو گهڻو فاصلو ھوندو اوتري ڪشش ثقل گهٽ ٿيندي ۽ جسم جي وچ ۾ جيترو گهٽ فاصلو ھوندو اوتري ڪشش ثقل وڌيڪ ٿيندي.

آئنسٽائن ۽ ڪشش ثقل :- نيوٽن مطابق 2 ڪميت Mass ھڪ ٻئي کي پنھنجي ٻل تي پاڻ طرف ڇڪن ٿا. نيوٽن پنھنجي نظريي ۾ خلا کي شامل نہ ڪيو ھو جيڪو ڪائنات ۾ جسمن کي ھڪ ٻئي کان الڳ ۽ پري رکي ٿو جڏھن تہ آئنسٽائن خلا کي شامل ڪندي چيو تہ ٻہ مايا ھڪ ٻئي کي پنھنجي طرف بغير واسطي جي ڪونہ ڇڪين ٿا پر وڏو مايو زمان ۽ مڪان جي چادر ۾ space & time fabric اھڙو جهول پيدا ڪري ٿو جنھن جي ڪري آسپاس ۾ خلا ۾ ترندڙ ننڍا جسم وڏي مايي جي طرف ڀڄي ڦرڻ لڳن ٿا يعني نيوٽن ڪشش ثقل کي مايي Mass مان نڪرندڙ ڪا قوت سمجهي ٿو جڏھن تہ آئن اسٽائن ڪشش ثقل کي زمان مڪان جي چادر تي ڪنھن ڪميت Mass جي پيدا ڪيل جهول کي چئي ٿو يا جهول واري حالت چئي ٿو. نيوٽن ڪشش ثقل کي قوت چئي ٿو ۽ آئنسٽائن ڪشش ثقل کي وڏي پيماني تي ھڪ حالت Situation چئي ٿو.

مقداري ميڪانيات ۽ ڪشش ثقل :- مقداري ميڪانيات جيڪا شين جو مائڪرواسڪوپڪ ويو ڏئي ٿي ان مطابق ڪڏھن بہ جسم کي نظر نہ ايندڙ ذرن يعني ثقلن Gravitons آھن جيڪي ڪشش ثقل جو سبب بنجن ٿا. ثقلا اڃان تائين دريافت ٿي ناھن سگهيا. گريويٽون لھرن جي صورت ۾ سفر ڪن ٿا. جيڪڏھن ثقلن جو وجود آھي تہ ان جو ڪوبہ مايو نہ ٿيندو ۽ انهن جي حرڪت جو انداز spin or rotate ٿيندو. ڪشش ثقل جسم جي مايي جي تناسب سان ان ڪري ٿئي ٿي ڇوجو ھر شي جيڪا مايو رکي ٿي اھا تمام ننڍن ذرن گريويٽونن تي مشتمل ٿئي ٿي جن خارج ڪري ٿي جيڪي ڪشش ثقل جو سبب بنجن ٿا. جسم جو مايو جيترو وڌيڪ ٿيندو اھو گهڻا گريويٽون خارج ڪندو جن جي ڪري انهن جي ڪشش ثقل وڌيڪ پيدا ٿيندي. گهڻا گريويٽون وڏي جسم جو چوڌاري بادل وانگر گهيريل ھوندا آھن. جڏھن ٻن جسمن جي وچ ۾ فاصلو وڌي ٿو تہ ثقلن جي بادل جي گهاٽائي Density گهٽ ٿي وڃي ٿي جنھن جي ڪري ڪشش ثقل بہ گهٽ ٿي وڃي ٿي. سج جي ڪشش ثقل نظام شمسي کي ٻڌل رکي ٿي. فاصلو وڌڻ سان گڏ ھي ڪشش ڪمزور ٿي وڃي ٿي. قريب ترين سياري تي ان جو گهڻو اثر ٿئي ٿو. ستارا جيڪي سج کان پري ٿين ٿا انهن تي ڪشش ثقل اثرانداز نٿي ٿئي. جڏھن شين کي اوچائي کان ھيٺ ڪيرايو وڃي تہ ڪشش ثقل جي ڪري انهن جي ڪرڻ جي رفتار تيز ٿئي ٿي.

حوالا[سنواريو]

  1. درسي ڪتاب علم طبعي ڪلاس نائون ڇپائيندڙ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڄامشورو

سائنس جي دنيا

https://sciencejeduniya.blogspot.com