يزيد ابن معاويہ
ڏيک
| يزيد ابن معاويہ | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | سال 646 دمشق |
| موت | 11 نومبر 683 (36–37 سال) دمشق [1] |
| شھريت | خلافت اموي |
| ٻار | معاويہ ابن يزيد |
| پيءُ | امير معاويہ |
| ڪٽنب | بنو اُميه |
| عملي زندگي | |
| پيشو | شاعر ،گورنر ،خليفو |
| ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي |
| ترميم | |
يزيد بن معاويه اموي خلافت جو ٻيو حاڪم هو . هو معاويه بن ابي سفيان جو پٽ هو . سندس دور ۾ هڪ طرف ڪربلا جي پڙ ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي ڏهٽي حضرت حسين بن علي ۽ سندس خاندان کي وڏيون تڪليفون ڏئي شهيد ڪيو ويو ته ٻئي طرف مديني شريف تي يزيدي فوج ڪاه ڪري ڪيترن ئي صحابي ۽ تابيعين سڳورن جو قتل عام ڪيو . اهڙن بد عملن ڪري اسلامي تاريخ ۾ کيس هميشه ناپسند ڪيو ويو آهي .
تاريخي نقطهء نظر
[سنواريو]مسلمانن ۾ يزيد جو ڪردار
[سنواريو]اولاد
[سنواريو]يزيد بن معاويه جي اولاد مان سندس ٻه پٽ مشهور تاريخ ۾ مشهور ٿيا آهن. انهن مان هڪڙو معاويه بن يزيد ۽ ٻيو خالد بن يزيد اموي آهي. معاويه ثاني پنهنجي پيء جي مقابلي ۾ نيڪ ۽ پرهيزگار هو ۽ پنهنجي پيء جي ڪڌن ڪرتوتن کي هميشه ننديندو رهيو. خالد بن يزيد اسلامي دنيا جو پهريون سائنسدان ۽ ڪيميادان ٿي گذريو آهي، هو پهريون شخص هو، جنهن يوناني سائنسي ڪتابن جو عربي ترجمو ڪيو.