ڦلپوٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڦلپوٽو، سنڌي سما قبيلي جي ھڪ ذات يا پاڙو (نُک) آھي.[1][2] ڦلپوٽا ڦل جو پوئنير آهن.[3] ھن ذات جا ماڻھو مرڪزي وچ سنڌ ۽ اُتر سنڌ ۾ رھندا آھن.[1] سندن ھاڻوڪو سردار امتياز حسين ڦلپوٽو آھي.[1]، جيڪو 1985 واري زماني ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو رڪن رھيو ھيو. سندن پھريون سردار فيض محمد ڦلپوٽو ھيو

ھڪ ٻئي روايت موجب ڦلپوٽو راڄپر قبيلي جو ھڪ پاڙو پڻ آھي، پر ڦلپوٽو ذات الڳ پڻ آھي.

رھائشي علائقا[سنواريو]

ڦلپوٽا ذات جي وڏي آبادي خيرپور ضلعو، لاڙڪاڻو ضلعو ۽ سکر ضلعو جي ڪجهه ڀاڱن ۾ رھي ٿي. سندن وڏي آبادي خيرپور ۾ ئي رھي ٿي.[2]

ڦلپوٽو ذات جا ماڻھو خيرپور، لاڙڪاڻو، نصيرآباد، سکر، شڪارپور ۽ نئون ديرو ۾ رھن ٿا.[2] خيرپور ۾ ڦلپوٽا ٺيڙھي، لاڙڪاڻو ۾ نصيرآباد ۽ نئون ديرو ۽ شڪارپور ۾ ڦلپوٽا ڳوٺ، چاند ڳوٺ، ڄامڙا ۽ شڪارپور شھر جي چئوگرد رھندا آھن.[2]


اھم شخصيتون[سنواريو]

  • سردار امتياز حسين ڦلپوٽو
  • احمد بخش ڦلپوٽو، ايڊوڪيٽ ھاء ڪورٽ
  • فراز احمد ڦلپوٽو ، ايڊوڪيٽ

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]


حوالا[سنواريو]