مواد ڏانھن هلو

ٺيڙهي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ٺيڙھي کان چوريل)
ٺيڙھي (حبيب آباد)
ملڪ  پاڪستان
پُرڳڻو يا صوبو سنڌ
ضلعو خيرپور

ٺيڙھي (Therhi) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ هڪ ٽائون ۽ يونين ڪائونسل آهي. شهر نيشنل هاءِ وي ذريعي سکر جي رُخ ۾ خيرپور شهر کان 7 ڪلوميٽر پري آهي.

ٺيڙھي پاڪستان ۾ کجي جي اُپت (پيداوار) لاءِ مشهور مرڪز آهي. کجي جي فصلن جي کڻڻ يا ھارويسٽنگ جي وقت ۾، مئي ۽ آگسٽ جي وچ ۾، فصل جي لاباري ۾ سھائتا ڪرڻ جي لاءِ هزارين ماڻهو سموري ملڪ مان خاص طور تي ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان کان ٺيڙھي ايندا آھن.

ٺيڙھي : خيرپور شهر کان 7 ڪلوميٽر پري نيشنل هاءِ وي ذريعي سکر جي رُخ ۾ آباد آھي.

ڊيموگرافڪ

[سنواريو]

آبادي 45،000 جي لڳ ڀڳ آھي آبادي جي سراسري سالياني اوسر جي شرح 2.71٪ سيڪڙو آھي.

هيٺيان ڊيموگرافڪ اشارا (اِنڊيڪيٽرز) آهن:

ڌرم (مذھب):

ٻوليون:

  • سنڌي : 99.99٪ سيڪڙو
  • ٻيون: 0.01 ٪ سيڪڙو

سرڪار (گورنمينٽ)

[سنواريو]

ٺيڙھي ھڪ يونين ڪاؤنسل آھي.

تعليم

[سنواريو]

ٻه قسم جا تعليمي نظام ڳوٺ ۾ موجود آهن ، يعني:

1. مدرسي تعليم جو نمونو: اتي ٽي اهم مدرسا آهن جيڪي ڳوٺ اندر اسلامي تعليم ڏئي رهيا آهن.

2. عصري يا جديد تعليم: ڳوٺ ۾ تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ سرڪاري ۽ خانگي اسڪول آهن.

  • گورنمنٽ پرائمري مين اسڪول ، ٺيڙھي
  • گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ، ٺيڙھي
  • ميهراڻ پبلڪ اسڪول ، ٺيڙھي
  • الفلاح تعليمي اڪيڊمي
  • پروگينٽر، جيڪو ڪين پيڪ ايجوڪيشن سسٽم جو ڀاڱو آهي
  • ال صوفا پبلڪ اسڪول ٺيڙھي (رجسٽرڊ).

دي ايجوڪيٽرز اسڪول خيرپور ٺيڙھي ڪيمپس

زراعت

[سنواريو]

ٺيڙھي پنھنجي وڏي انگ (تعداد) ۾ کجين جي پوک لاءِ مشھور آھي. جيتوڻيڪ، زمين جي مٽي ڪيترن ئي نقد يا ڏوڪڙن وارن ٻين فصلن جھڙوڪ ڪپهه ۽ ڪڻڪ لاءِ موزون آهي. خشڪ، گرم آبهوا، ميوي کي تمام گھڻو مِٺو، سرسبز ۽ رَسُ وارو بڻائي ٿي. اها آبھوا اونهاري ۾ سخت گرم ۽ سج جي تپش واري ھوندي آهي ۽ سياري جي مُند ۾ سرد ھوندي آھي. نمي يا ھيومڊيٽي گهٽ آهي.

رانديون

[سنواريو]
  • قاضي شوٽنگ بال ڪلب (1954 کان وٺي)
  • ميمڻ والي بال ڪلب (1994 کان)
  • قاضي ڪرڪيٽ ڪلب (2000 کان)

قبيلا يا ذاتيون

[سنواريو]

ميمڻ ، شيخ ، لانگاھ ، هندو ، ڪلهوڙا، دانور Danwar ، سومرو ، ڦلپوٽو، جماڻي، ڪٽپر، چنا ، لُٻاڻو، جلباڻي، اوڏ، ڀيل، ماڙيچو، مري ، اُڄڻ وغيرھ ذاتين جا ماڻھو ھتي آباد آھن


وڳوڙ

[سنواريو]

تفصيلي مضمون لاءِ پڙھو ٺيڙھي ڪوس

جون 6، 1963 تي، مذھبي شدتپسندي ۽ مدرسن جي گھڻائي ڪري ٺيڙھي ۾ شيعا فرقو جي ماڻھن جو ھڪ وڏو انساني ڪوس ڪيو ويو، جنھن ۾ 118 شيعا ماڻھن کي قتل ڪيو ويو.[1]


حوالا

[سنواريو]
  1. "Unsupervised madrassas have destroyed Sindh's pluralism". The Nation. حاصل ڪيل 2020-05-11.