هند۔يورپي ٻوليون
ھند-يورپي Indo-European | |
---|---|
علائقائي ورهاست |
سڄي دنيا ۾ |
ٻولي واري درجابندي | دنيا جي بنيادي ٻولين جي خاندانن مان هڪ |
پورٽو-ٻولي | پروٽو-هند-يورپي |
شاخون | *البانوئڊ * البانوي * اليريئن (معدوم) * ميساپڪ (معدوم)
|
ISO 639-2 / 5 | ine |
گلوٽو لاگ | indo1319[1] |
![]() يوريشيا ۾ هند-يورپي ٻولين جي موجوده ورڇ:
البانوئڊ (البانوي)
آرمينيائي
بالٽڪ (اوڀر)
سلاوڪ
ڪيلٽڪ (برٽونڪ ۽ گوڊيلڪ)
جرمانڪ (اتر ۽ اولهه واريون)
هيلينڪ (يوناني)
ايراني
هند-آريائي
نورستاني
اطالوي (روماني)
غير هند-يورپي ٻوليون
ڊاٽ ٿيل/پٽي وارا علائقا ظاهر ڪن ٿا جتي گهڻ لسانيات عام آهي (نقشي جي مڪمل واڌ تي وڌيڪ نظر اچي ٿو.) | |
ياداشتون |
|
هند-يورپي ٻوليون (Indo-European Languages)، ٻولي جو هڪ خاندان آهي، جيڪو اتر هندستاني برصغير، يورپ جي وڏي اڪثريت ۽ ايراني پليٽيو جو اصل آهي. هن خاندان جون ڪجهه يورپي ٻوليون: ڊچ (ولنديزي)، انگريزي، فرانسيسي، پرتگالي، روسي ۽ اسپيني جديد دور ۾ نوآباديات جي ذريعي وڌايو ويو آهن ۽ هاڻي ڪيترن ئي کنڊن ۾ ڳالهايو وڃڻ ٿيون. هند-يورپي خاندان ڪيترن ئي شاخن يا ذيلي خاندانن ۾ ورهايل آهي، جن مان اٺ گروهه: البانوئڊ، آرمينيائي، بالٽو-سلاوڪ، ڪيلٽڪ، جرمانڪ، هيلينڪ، هند-ايراني ۽ اطاليائي، جن ۾ ٻوليون اڄ به زندهه آهن. ٻيون نو ذيلي تقسيم هاڻي ختم ٿي ويو آهن.
اڄ، انفرادي هند-يورپي ٻوليون جن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولي ڳالهائيندڙ آهن، اها انگريزي، اسپيني، پرتگالي، روسي، هندي، اردو، بنگالي، فرانسيسي ۽ جرمن آهن، ٻيا ڪيترائي ننڍا گروپن پاران ڳالهائيندڙ ختم ٿيڻ جي خطري ۾ آهن.
3.4 بلين کان وڌيڪ ماڻهو (عالمي آبادي جو 42 سيڪڙو) هڪ هند-يورپي ٻولي پهرين ٻولي جي حيثيت سان ڳالهائيندا آهن، ڪنهن به ٻولي خاندان جي سڀ کان وڌيڪ. ويب سائيٽ، ائٿنالاگ (Ethnologue) جي هڪ اندازي مطابق، اٽڪل 445 زندهه هند-يورپي ٻوليون آهن، جن مان 313 جو تعلق هند-ايراني شاخ سان آهي. اتر هندستان، ايراني پليٽيو ۽ يورپ جون اڪثر ٻوليون انهيءَ ساڳئي خاندان مان آهن.
اصطلاح
[سنواريو]ڪيترن سوين ٻولين سان تعلق رکندڙ ٻولي جي خاندانن ۽ لسانيات واري وڏي ٻولي.
Indo-European languages are a language family native to the northern Indian subcontinent, the overwhelming majority of Europe, and the Iranian plateau. Some European languages of this family—Dutch, English, French, Portuguese, Russian, and Spanish—have expanded through colonialism in the modern period and are now spoken across several continents. The Indo-European family is divided into several branches or sub-families, of which there are eight groups with languages still alive today: Albanian, Armenian, Balto-Slavic, Celtic, Germanic, Hellenic, Indo-Iranian, and Italic; another nine subdivisions are now extinct.
Today, the individual Indo-European languages with the most native speakers are English, Spanish, Portuguese, Russian, Hindustani, Bengali, French, and German; many others spoken by smaller groups are in danger of extinction.
Over 3.4 billion people (42% of the global population) speak an Indo-European language as a first language—by far the most of any language family. There are about 445 living Indo-European languages, according to an estimate by Ethnologue, of which 313 belong to the Indo-Iranian branch.[2]
All Indo-European languages are descended from a single prehistoric language, linguistically reconstructed as Proto-Indo-European, spoken sometime during the Neolithic or early Bronze Age (c. 3300 – c. 1200 BC). The geographical location where it was spoken, the Proto-Indo-European homeland, has been the object of many competing hypotheses; the academic consensus supports the Kurgan hypothesis, which posits the homeland to be the Pontic–Caspian steppe in what is now Ukraine and Southern Russia, associated with the Yamnaya culture and other related archaeological cultures during the 4th and early 3rd millennia BC. By the time the first written records appeared, Indo-European had already evolved into numerous languages spoken across much of Europe, South Asia, and part of Western Asia. Written evidence of Indo-European appeared during the Bronze Age in the form of Mycenaean Greek and the Anatolian languages of Hittite and Luwian. The oldest records are isolated Hittite words and names—interspersed in texts that are otherwise in the unrelated Akkadian language, a Semitic language—found in texts of the Assyrian colony of Kültepe in eastern Anatolia dating to the 20th century BC.[3] Although no older written records of the original Proto-Indo-European population remain, some aspects of their culture and their religion can be reconstructed from later evidence in the daughter cultures.[4] The Indo-European family is significant to the field of historical linguistics as it possesses the second-longest recorded history of any known family, after the Afroasiatic Egyptian language and Semitic languages. The analysis of the family relationships between the Indo-European languages, and the reconstruction of their common source, was central to the development of the methodology of historical linguistics as an academic discipline in the 19th century.
The Indo-European language family is not considered by the current academic consensus in the field of linguistics to have any genetic relationships with other language families, although several disputed hypotheses propose such relations.
تاريخ
[سنواريو]پندرهينءَ ۽ سورهينءَ عيسوي صديءَ ۾ پورچوگيزن، ڊچن، فرينچن ۽ انگريزن، هڪ ٻئي جي پٺيان، واپار سانگي هندستان ۾ اچي ڪوٺيون وڌيون، ته منجهائن ڪن سنسڪرت تي ڌيان ڏنو. هنن ڏٺو ته سنسڪرت ۾ گهڻيئي اهڙا لفظ آهن، جي ساڳيا ڪيترين يوروپي ٻولين ۽ پارسيءَ ۾ آهن. مثلاً سنسڪرت "ماتر" (ماءُ) ۽ "ڀراتر" (ڀاءُ) جا اُچار پارسيءَ ۾ "مادر" ۽ "برادر" ۽ انگريزيءَ ۾ "مدر" (Mother) ۽ "بردر" (Brother) آهن. اهڙا ٻيا ڪئين ساڳيا لفظ ڏسي حيران ٿيا؛ پر سمجهي نٿي سگهيا، ته اهي لفظ يورپ، ايران ۽ هندستان ۾ ڪيئن عام ٿيا.
سن 1783ع ۾ سر وليم جونس (1746-1794ع) منڍ بنگال جو چيف جسٽس مقرر ٿي آيو، تنهن سنسڪرت جو اونهو اڀياس ڪري ظاهر ڪيو، ته سنسڪرت، ايراني ۽ ڪيتريون يورپي ٻوليون ساڳئي بنياد مان آهن، تنهنڪري ڪيترا لفظ ساڳيا اٿن ۽ نحوي بناوت به ڪيتري قدر هڪجهڙي اٿن. سنه 1816ع ۾ جرمنيءَ جي نامور عالم فرئنسس باپ (Francis Bopp) هڪ گرامر ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سنسڪرت، گريڪ (يوناني) لئٽن، جرمن ۽ پارسي ٻولين جي گردانن يا ڦيرن جي هڪجهڙي ترتيب ڄاڻائي، وگيانڪ ريت ثابت ڪيائين، ته سر وليم جونس جو قياس سچو هو، ۽ اهي ٻوليون برابر اهڙيءَ قديم ٻوليءَ مان پيدا ٿيون آهن، جا هن وقت دنيا جي ڪنهن به ڀاڱي ۾ ڳالهائڻ ۾ نٿي اچي. يوروپي عالمن کي علم لغات (Comparative Philology) جو پتو انهن ٻولين جي ڀيٽ ڪرڻ سان پيو. انهن سڀني هنڌن جي ٻولين جو هڪ يڪو خاندان انڊو – يورپين نالي سان ڪوٺڻ لڳا، ته سمجهڻ ۾ اچي ته هندستان ۽ يورپ جون ٻوليون انهيءَ ساڳئي خاندان مان آهن.
تاريخ جون کوجنائون: يوروپي لوڪن لاءِ هاڻ هڪ وڏو مسئلو پيدا ٿيو هو. چوڻ لڳا ته هندستان ۽ ايران، جي يورپ کان گهٽ ۾ گهٽ ته ٽي هزار کن ڪوهه پري آهي، تن جي ٻولين جو پاڻ ۾ ههڙو جگري ناتو ٿيو ڪيئن؟ هيءَ پرولي سلي ڪير؟ سگهو ئي هندن جي رگ ويد مان پتو پين ته اهي آريه لوڪ هئا، جي پنهنجي نشاني اهي ويد ڇڏي ويا آهن. پارسين جي زنداوستا مان سڌ پين، ته خود ”ايران“ لفظ اصل ۾ آهي ”آئرين“ يعني ”آرين جو ملڪ.“ ايران طرف دارا بادشاهه جا اُڪرايل ڪي ڪتبايا اُڪريل نوشتا لڌائون، جن ۾ سندس خاندان جو شجرو ڏنل آهي، ۽ منڍ ۾ لکيل آهي ته ”آئون آريا آهيان ۽ آريا جو پٽ آهيان“. هن مان ظاهر ٿيو ته ايراني اصل ۾ آريا هئا ۽ پنهنجي آريا نسل جو ججهو فخر هون. هوڏانهن يورپ ڏي آئرلئنڊ (Ireland) آهي، جو اصل ۾ آهي آريه لئنڊ يعني آرين يا شريفن جو ملڪ. آئرلئنڊ جو قومي نالو ايرين (Eren) آهي ۽ اهو لفظ به اصل ۾ آهي ”آرين“ رڳو انهن نالن منجهان ئي جيڪر هرڪو آرين جو هو. هنن حقيقتن يوروپي عالمن کي هيڪاري حيرت ۾ وڌو، تنهنڪري انهيءَ سموري ايراضيءَ جي مکيه ٻولين جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪيائون، ۽ ساڳئي وقت تاريخ جي کوجنائن ۾ پيا، ته من ڪو وڌيڪ پتو پوي.
تايخ جي کوجنا لاءِ هيءُ رستو اختيار ڪيائون، جو هندن، ايرانين، آڳاٽن يونانين، رومن ۽ ٻين يوروپي قومن جا ڪيترا ڌرمي پستڪ هڪ ٻئي سان ويهي ڀيٽيائون. هندن جي پراڻن ۽ اتهاسن ۾ ڏٺائون ته آڳاٽن راجائن ۽ رشين جا پيڙهيءَ به پيڙهيءَ احوال ڏنل آهن. انهن مان يقين ٿين ته اهي سچا پچا تاريخي احوال آهن، پر اتي ئي ڪي ڳالهيون اهڙي نموني لکيل آهن، جي ڏند ڪٿائون پييون ڀانئجن. سگهو ئي معلوم ٿين ته ٻين ملڪن ۾ به تاريخ جي شروعات انهيءَ ريت ٿي هئي. پروفيسر مئڪڊونيل پنهنجيءَ جوڙيل سنسڪرت ساهت جي تاريخ ۾ ۽ ٻين ڪن يوروپي عالمن به پنهنجي ليکن ۾ پهريائين ائين پئي ڄاڻايو ته آڳاٽن آرين کي ”تاريخ“ جوڙڻ جو هنر هئوئي ڪونه، پر پوءِ جيڪي حقيقتون مليون، تن مان ظاهر ٿيو، ته اڳي هندستان، ايران، يونان ۽ ٻين هنڌ تاريخ، جاگرافي، کگول وديا، جوتش وغيره جون ڳالهيون، آکاڻين جي نموني لکندا هئا، ته ماڻهن کي ياد ڪرڻ سوليون ٿين.[5][6][7][8][9][10]
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin et al., eds (2016). "Indo-European". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. http://glottolog.org/resource/languoid/id/indo1319.
- ↑ "Ethnologue report for Indo-European". Ethnologue.
- ↑ Bryce, Trevor (2005). Kingdom of the Hittites (New ed.). Oxford University Press. p. 37. ISBN 978-0-19-928132-9.
- ↑ Mallory, J. P. (2006). The Oxford Introduction to Proto-Indo-European and the Proto-Indo-European World. Oxford University Press. p. 442. ISBN 978-0-19-928791-8.
- ↑ قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2020-10-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-08
- ↑ Iran, Eran, Airan, the Airiyana of the Avesta. is the land of the Aryans. "Edward G. Browne: A Literary History of Persia. Page 4
- ↑ At the time at which we begin to know them, 'Arya meant noble, exalted'. Venerable; the name had become something almost sacred, it embodies the Aryan Peoples' national pride, -or a feeling deeper still more intense enduring. And inspiring: their pride of race, and that down to a very late period: for was not Dareios, the great
- ↑ Persian King, careful to preface his family genealogy in his famous inscriptions by the statement: 'I am an Aryan, the son of an Arya'?" L.A. RogozinL vedic India, Page 62
- ↑ "Eran, Eranian is only a slightly altered form of Aryan: so is Erin, the national name of Ireland." L.A. RagozineL Vedic India. Page 62. footnote
- ↑ ڪتاب: قديم سنڌ، ليکڪ: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي