ڊرگھ بالا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊرگھ بالا شهر جو ڏيک
ڊرگھ بالا ۾ مير الهيار خان ماڻڪاڻي ٽالپور جو قبرستان

ڊرگھ بالا انگريزي (Drigh Bala) دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي ۾ گاج ندي جي ڪناري هڪ قديم ۽ تاريخي شهر آهي. درگھ لفظ ڊرنگ مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي مٿانهين يا ڊرٻ. هڪ ڊرگھ هيٺين آهي ۽ ٻي ڊرگھ مٿين يا بالا. ميان نصير محمد ڪلھوڙو پنهنجي دؤو (1692ع- 1657ع) ۾ ميرن کي ڪاڇو ۾ جاگيرون ڏنيون ته اول ڊرگھ هيٺين وارو ڳوٺ ٻَڌي ويٺا جيڪا موجوده شهر ڊرگھ بالا جي اوڀر ۾ ڇنڊڻ ويجهو آهي. ان کان پوءِ ڊرگهه بالا جو شهر ٻڌائون. ڊرگھ بالا شهر وري ٻه آهن. هڪ پراڻي ڊرگهه بالا ۽ ٻي نئين. ڊرگهه بالا. پراڻي ڊرگھ بالا صفحه هستيءَ تي نه رهي آهي. موجوده ڊرگھ بالا شهر مير سليمان خان عرف مير ڪَڪي ۽ مير صوبدار خان اول ٻڌو هو. مير صوبدار جو مدفن باغو چانڊيو سان گڏ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي قبرستان ۾ آهي ۽ مير ڪڪو سندس پُٽ مير ماڻڪ، مير ڃٽو، مير سائنداد ۽ مير الهيارخان اول ڊرگھ بالا ڀرسان هاڻوڪي مير الهيار خان اول واري قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. ڊرگھ بالا ۾ مير ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي ڏينهن تائين باقاعده رهائش پزير هئا. هيءُ مير ماڻڪاڻي نک سان مشهور آهن. ڊرگھ بالا کان پوءِ ماڻڪاڻي مير ميرپور خاص شهر ۾ لڏي ويا. سندن پونيرن مان مير شهداد خان شهدادپور شهر ٻَڌايو. هت مير اٽڪل 1958ع تائين رهيا.مقامي ماڻهو ٻُڌائن ٿا ته هڪ مير صاحب جوهي ۾ باهوٽه محله واري قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. ڊرگھ بالا ۾ هاير سيڪنڊري تائين تعليم جي سهوليت آهي. ڊرگھ بالا ۾ بوائز هاءِ اسڪول[1] سان گڏ رورل هيلٿ سينٽرا(سپتال)[2]، گرلز ءَ بوائيز پرائيمري اسڪول پڻ آهن.[3]

ميرن جو ڪوٽ[سنواريو]

ڊرگھ بالا ۾ ماڻڪاڻي ٽالپورن جو ڪوٽ

ڊرگھ بالا ۾ذبون حال ميرن جو ڪوٽ آهي. ڪوٽ هن ڪوٽ ۾ سندن رهائش به هوندي هئي ته ڇيڙي نبيريءَ لاءِ اوطاق يا بيٺڪ به هوندي هئي. هن ڪوٽ کي چئني ڪُنڊن وٽ برج جوڙايل آهن. ميرن جي ڪوٽ ۾ ڪجهه وقت پرائيمري اسڪول قائم رهيو.

مولوي سالار جي مسجد[سنواريو]

ڊرگھ بالا ۾ مولوي سالار ڏاهريءَ جي قديم مسجد

مولوي سالار پنهنجي دور جو جيّد عالم ۽ عربي فارسيءَ تي مهارت رکندڙ شخص هو. سندس جنم لڳ ڀڳ 1890ع ۾ ٿيو ۽ اٽڪل 92 سالن جي ڄمار ۾ 1982ع ۾ وفات ڪيائين. هن ڊرگھ بالا شهر ۾شاندار مسجد جوڙائي ان ۾ مدرسو پڻ قائم ڪيائين جنهن مان ڪيئي قرآن شريف پڙهيا ۽ عربي فارسي جي علوم مان مستفيض ٿيا. مسجد اڄ به شاندار ڏيک سان قائم آهي.[4]

ڊرگھ بالا شهر جا ڪاريگر[سنواريو]

مير الهيار خان ٽالپور جي قبرستان ۾ ڀتين تي ٿيل چٽسالي

آڳاٽي زماني ۾ ڳوٺ ڳاڙهي کان پوءِ ڊرگھ بالا شهر چٽسالي ۽ فن تعمير ۾ مهارت رکندڙ ڪاريگرن جو ڳڙھ رهيو. مقبرن جي تعمير ۽ انهن جي ديوارن تي چٽساليءَ جا شاھ ڪاريگر رهندا هئا. هيءُ ڪاريگر ڪاڇي جي علائقي ۾ جيهي کان شهداد ڪوٽ تائين قبرون ۽ مقبرا تعمير ڪري انهن جي ديوارن تي چٽسالي ڪندا هئا. هيءُ ڪاريگر رنگن ٺاهڻ ۾ به مهارت رکندا هئا. سنڌي اسڪول آف آرٽ آف پينٽنگ جي بانين ۾ شمار ڪجن ته وڌاءُ نه ٿيندو. هيءُ اسلامي آرٽ، گلن ۽ پنن واري اربيسقيُو (Arabesque) آرٽ، ڪئليگرافي، مغل آرٽ کان علاوه راجپوتانه، ڪڇ ۽ هندستان جي ٻين آرٽ آف پينٽنگ کان به واقف هئا.

نارن تي ٿيندڙ فصل[سنواريو]

آڳاٽي وقت ۾ ڊرگھ بالا جوهي تعلقي جو اڪيلو شهر هو جتي نارن تي آبادي ٿيندي هئي.نار کوھن تي رکيل هوندا هئا. ٻين فصلن سان گڏ ڊرگھ بالا شهر ترڪاريءَ ۾ سڄي تر ۾ مشهور هو. ڊرگھ بالا ۾ بصرن ۽ پتائي گجرن جون خاص جنسون هونديون هيون جيڪي ٻئي هنڌ نه ٿينديون هيون. اڳي پوري تعلقي ۾ گهورڙيا ڊرگھ بالا جي ترڪاري وڪرو ڪندا هئا.[5][6][7]

حوالا[سنواريو]