ميگھواڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ميگھواڙ سنڌ جي ھندن جي ھڪ ذات جو نالو آھي. ھي سنڌ جي قديم ذات آھي. ھن ذات جا اڪثر مرد موچڪو|جتيون ٺاھڻ]] جو ڪم ڪندا ھئا، ۽ جتين جي واپار سان لاڳاپيل ھئا. پر ھاڻي ھن قبيلي جا ماڻھو نہ رڳو جتين جي واپار سان لاڳاپيل آھن پر نوجوان پڙھي نوڪرين تي بہ پھچي ويا آھن. ڪي واپار بہ ڪن ٿا.

ميگهواڙ (Meghwaarr) نه رڳو هڪ برادي پر هڪ سھڻو لفظ پڻ آهي، جيڪو سانوڻ جي ميگھ (Megh) لفظ تان ورتل آهي. هندو ميٿاڊالاجي ۾ مينهن جو ديوتا يعني ميگھ ديوتا جا پوڄاري پاڻ کي ان نالي پٺيان سڏائيندا هئا. هن ديوتا جا پوڄاري سنڌ ڪڇ، گجرات ۽ راجستان ۾ گهڻي انگ ۾ هئا ۽ آهن. هي علائقو ئي پاڻي جي کوٽ ڪري پاڻي سان وڌيڪ محبت ڪندڙ انسانن جو آهي، اڳي پراڻي زماني ۾ بچاءَ لاء شهرن کي قلعا يا ڪوٽ ڏيندا هئا. سنڌ ۾ ته اهي اڃان به ڪوٽ سڏجن، جيئن عمرڪوٽ، نئون ڪوٽ، رني ڪوٽ. ايئن ڪڇ ۽ گجرات ۾ اهي واڙ سڏبا آهن، جيئن ڪاٺياواڙ، مارواڙ. تئين ميگهواڙ ڪڇ ۽ گجرات ۾ ميگھ ديوتا جا پوڄاري به هڪ ئي واڙ ۾ رهڻ سبب ميگهواڙ سڏجڻ لڳا. اڳ ۾ اهو سڄو پرڳڻو سنڌ جو ئي ڀاڱو هو، وقت سان ميگھواڙ برادري به وڌنڌي ۽ ويجھندي رهي ۽ پوءِ جيئن وقت سان گڏ تبديليون آيون ۽ علائقن جا ورهاڱا تٿا ته ڪاٺياواڙي ۽ مارواڙ واري پاسي جا ميگھواڙ هن پاسي رهجھي ويا. سنڌ جا ميگھواڙ اڄ به سنڌي قوم جي اهم برادري آهي.

حوالا[سنواريو]

[1]

  1. ميگھواڙن جي تاريخ: علي احمد نظاماڻي