ڄام مبارڪ خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڄام مبارڪ خان
Jam Mubarak Khan
خان الاعظم
سپھ سالار
وزير
ريجنٽ ڄام نظام الدين سمو
پورو نالو
ڄام مبارڪ خان پُٽ ڄام نظام الدين سمو
گهراڻو سمو
شاھي گھراڻو سمن جو راڄ
جنم ڄام مبارڪ خان
لاڏاڻو 895ھ، 1490ع
ٺٽو
تدفين مڪلي
مذھب اسلام

ڄام مبارڪ خان (انگريزي:Jam Mubarak Khan) سنڌ جي سما حڪمران گهراڻي جو فرد، سپھ سالار ۽ وزير رهيو. هن وطن جي دفاع ۾ ڪيئي معرڪا سر ڪيا ۽ شهيد ٿيو.

تفصيل[سنواريو]

ڄام مبارڪ خان سنڌ جي سما گهراڻي جي حڪمران ڄام نظام الدين سمو عرف ڄام نندي جو پٽ هو جنهن کي ڪن مورخن دولھ دريا خان جو لقب سمجهيو آهي.ڄام مبارڪ خان جو مقبرو ٺٽو ضلعو جي شھر ٺٽو ڀرسان مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ واقع آهي سندس مقبري جو بنياد جمادي الاول مهيني، 895ھ بمطاق 1490ع ۾ رکيو ويو جيڪو سما گهراڻي جي حڪمران ڄام نظام الدين سمو عرف عام ڄام نندي جي دور ۾ مڪمل ٿيو. [1][2]ڄام مبارڪ خان کي خان الاعظم جو لقب مليل هو جيڪو مغلن (منگولن) سان لڙندي 895ھ بمطاق 1490ع ۾ شهيد ٿيو هو[3] جڏهن ته دولھ دريا خان 1521ع يا 1520ع ۾ شهيد ٿيو هو. اهو دولھ دريا خان نه پر ڄام مبارڪ خان هو جنهن ارغونن کي شڪست ڏني. جڏهن 890ھ بمطاق 1485ع ۾ شاھ بيگ ارغون سبي تي حملو ڪري ڄام نندي طرفان سبيءَ تي مقرر بهادر خان کان قلعو کسي پنهنجي ڀاءُ محمد حوالي ڪيو ته محمد سنڌ جي آڪيڙي ۽ چانڊڪا پرڳڻن تي به قبضي جي ڪوشش ڪئي. ڄام نظام الدين ڄام مبارڪ خان جي سربراهيءَ ۾ فوج موڪلي جنهن محمد مغل تي ڀرپور حملو ڪيو. نتيجي ۾ محمد ارغون مارجي ويو ۾ سبي ٻيهر ڄام نندي جي حڪمراني ۾ شامل ٿي.[4] [5]مڪليءَ ۾ سمن حڪمرانن منجهان ڄام مبارڪ خان جو پهريون مقبرو آهي جنهن جو بنياد (895ھ بمطاق 1490ع) ۾ رکيو ويو ۽ رازن ڪتبا لکيا. هيءُ وزير پڻ رهيو.[6] ڪتبا واضع ڪن ٿا ته اها مزار ڄام مبارڪ خان جي آهي. ايم ايڇ صديقي پنهنجي پي اي ڊي جي انگريزي مقالي” ارغونن ترخانن جي تاريخ“ ۾ به بحث ڪيو آهي ته دولھ دريا خان ۽ مبارڪ خان ٻه الڳ شخص آهن. هي مقالو 1972ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي پاران شايع ٿيل آهي. ايم ايڇ صديقي جي راءِ کي ڊاڪٽر لاکي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ ۾ رد ڪرڻ جي نهايت ڪمزور ڪوشش ڪئي آهي. [7][8]

ڄام مبارڪ جي مزار جا ڪتبا[سنواريو]

'مبارڪ خان جي مزار جي تعمير وارو ڪتبو:[9] هٰذا المقام في زمان خان الاعظم ميان مبارک خان بن سلطان نظام الدين شاه سخي حبيب الله. آغاز بنياد من جمادي الاول سنه خمس وتسعين وثمان مائة.

  • ترجمو

ھيءُ مقبرو خان اعظم میان مبارڪ خان پٹ سلطان نظام الدین شاھ ، سخي ﷲ جي دوست (حبیب اللہ) جی دور ۾ تعمیر ڪيو ویو۔ ھن جی تعمیر جی شروعات جمادی الاول سن 895ھ ۾ ڪئي وئي ( ھن جو بنیاد جمادی الاول سن 895ھ ۾ رکیو ویو)

  • ڪاتب:

کتبه قطب الدين بن محمود – احمد بن دريا خان غفر الله لہ.

  • ترجمو
  • ھیءُ ڪتبو قطب الدین پٹ محمود احمد پٹ دریاخان لکیو اھی ۔اللہ تعالي سندس مغفرت فرمائي
  • ڏکڻ واري دروازي جي ٻاهران پيشانيءَ تي ڪتڀو:

قال النبي ﷺ اذتحيرتم في الامور والستعينو من اهل القبور صدق يارسول الله. هذا المقام بامر خان الاعظم مبارڪ خان بن سلطان نظام الدين شاهه بن صدرالدين شاهه بن صلاح الدين شاهه بن سلطان رکن الدين شاهه. وهو المظفر علي مغلان الهري والقندهار.

  • ترجمو

نبي اڪرم ﷺ جن فرمایو: " جڏھن توھان دنیاوي مامرن ۾ حیران ء پریشان ٿي وڃو تہ پوء اللہ وارن جي مزارن ذریعي مدد حاصل ڪیو۔" اي اللہ جا رسول تو سچ فرمایو۔ ھيءُ مزار (مقبرو، روضو) تعمیر ڪئي وئي آهي بحڪم خان الاعظم مبارڪ خان پٽ سلطان نظام الدین شاھ پٽ صدر الدین شاھ پٽ صلاح الدین شاھ پٽ سلطان رڪن الدین شاھ۔ ھیءُ اھا شخصیت آهي جنھن ھرا (هرات) ۽ قنڌار جي مغل بادشاھن تي فتح حاصل ڪئي هئي۔

  • مبارڪ خان جي مزار جي سيراندي وارو ڪتبو:

يا ﷲهذا مرقد المعطرللخان الاعظم شهيد مبارک ٻن سلطان نظام الدين.

  • ترجمو

يا ﷲ.. هيءَ سُرهي مزارخان الاعظم شهيد مبارڪ خان بن سلطان نظام الدين جي آهي.

حولا[سنواريو]

  1. User, Super. "Sindh Tourism Development Corporation - Tomb of Mubarak Khan S/O Jam Nizamuddin". stdc.gos.pk. حاصل ڪيل 2020-06-16. 
  2. (en ۾) Sind Annual. 1979. https://books.google.com.pk/books?id=rba1AAAAIAAJ&q=Mubarak+Khan+jam+Nizamuddin&dq=Mubarak+Khan+jam+Nizamuddin&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjQqPrijf7pAhUKDxQKHVHPCvQQ6AEILTAB. 
  3. Circle, Archaeological Survey of India Western (1921) (en ۾). Archaeology, Progress Report. https://books.google.com.pk/books?id=xGJBAQAAIAAJ&q=Khan+i+Azam+mubarak+Khan+son+of+Jam+Nizamuddin&dq=Khan+i+Azam+mubarak+Khan+son+of+Jam+Nizamuddin&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjwhqeHg_7pAhWOzoUKHV9UDHsQ6AEIJjAA. 
  4. "Search Results - World Digital Library". www.wdl.org. حاصل ڪيل 2020-06-16. 
  5. Erskine, William (2012-05-24) (en ۾). A History of India Under the Two First Sovereigns of the House of Taimur, Báber and Humáyun. Cambridge University Press. ISBN 978-1-108-04620-6. https://books.google.com.pk/books?id=PXzW-XS9TQMC&pg=PA134&lpg=PA134&dq=history+of+india+tow+first+sovereign+william+erskine&source=bl&ots=kENmvCN8UK&sig=ACfU3U2-xPE8n_gG9WcYI_wWhS3vSeBNXQ&hl=en&sa=X&ved=2ahUKEwjxhYKFh_7pAhUJxoUKHdkoCZ4Q6AEwBHoECAUQAQ#v=onepage&q=history%20of%20india%20tow%20first%20sovereign%20william%20erskine&f=false. 
  6. "Makli – Jewel of Sindh". The Friday Times. حاصل ڪيل 2020-06-16. 
  7. لاکو غلام محمد، سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو، مارئي پبليڪيشن ڪراچي، 1997ع ،ص-89
  8. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-06-16. 
  9. "ڇا دولهه دريا خان جي مزار مڪليءَ ۾ آهي؟ ... عزيز ڪنگراڻي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-16.