مواد ڏانھن هلو

ڄام مبارڪ خان جو مقبرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڄام مبارڪ خان جو مقبرو(Tomb of Jam Mubarak Khan) سنڌ جي ضلعي ٺٽا جي شھر ٺٽو ڀرسان مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ واقع آهي. سندس مقبري جو بنياد جمادي الاول مهيني، 895 ھجري بمطاق 1490ع ۾ رکيو ويو جيڪو سما گهراڻي جي حڪمران ڄام نظام الدين سمو عرف، "ڄام نندي" جي دور ۾ مڪمل ٿيو. ڄام مبارڪ اصل ۾ ڄام نظام الدين جو پُٽ هو.[1] [2] ڄام مبارڪ خان کي خان اعظم جو لقب مليل هو جيڪو مغلن سان لڙندي 895 ھجري بمطاق 1490ع ۾ شهيد ٿيو هو.[3] جڏهن 890 ھجري بمطاق 1485ع ۾ شاھ بيگ ارغون سبي تي حملو ڪري ڄام نندي طرفان سبيءَ تي مقرر بهادر خان کان قلعو کسي، پنهنجي ڀاءُ، محمد جي حوالي ڪيو ته محمد سنڌ جي آڪيڙي ۽ چانڊڪا پرڳڻن تي به قبضي جي ڪوشش ڪئي. ڄام نظام الدين، ڄام مبارڪ خان جي سربراهيءَ ۾ فوج موڪلي جنهن محمد مغل تي ڀرپور حملو ڪيو. نتيجي ۾ محمد ارغون مارجي ويو ۾ سبي ٻيهر ڄام نندي جي حڪمراني ۾ شامل ٿيو.[4] [5] مڪليء ۾ سمن حڪمرانن منجهان ڄام مبارڪ خان جو پهريون مقبرو آهي جنهن جو بنياد سال 895 ھجري بمطابق 1490ع رکيو ۽ رازن ڪتبا لکيا.[6]

حوالا

[سنواريو]