مواد ڏانھن هلو

ڀريا شھر

بيھڪ: 26°54′N 68°11′E / 26.900°N 68.183°E / 26.900; 68.183
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڀريا شھر
شھر
Bhiria City
ڀريا شھر is located in سنڌ
ڀريا شھر
ڀريا شھر
ڀريا شھر is located in Pakistan
ڀريا شھر
ڀريا شھر
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 26°54′N 68°11′E / 26.900°N 68.183°E / 26.900; 68.183
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو نوشھروفيروز ضلعو
بلندي 14 ميل (46 ft)

ڀريا شھر (انگريزي: Bhiria City )پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شھيد بينظيرآباد ڊويزن جي نوشھروفيروز ضلعي جي ڀريا تعلقي جو شھر ۽ تعلقي جو صدر مقام آهي. اھو شھر جيڪو ضلعي نوشهرو فيروز ۾ نيشنل ھاء وي (N-5) تي واقع ڀريا روڊ نالي تعلقي جي ھڪ بئي شھر کان 9 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي۔ ھن شھر جي معيشيت زرعي جنسن جھڙوڪ ڪڻڪ ۽ ڪپھ جو واپار آهي.

تاريخ

[سنواريو]

تاريخ جي ڪتابن ۾ ڀريا جو ھڪ ٻيو نالو به آڏو اچي ٿو ـ جيئن چچ نامي ۾ بھراور نالي وسنديءَ جو ذڪر ملي ٿو، تيئن انگريز ليکڪ ائڊرين ڊارٽ Adrian Duarte پنھنجي ڪتاب ھسٽري آف برٽش رليشنز وِٿ سِند A History of British Relations With Sind 1613-1843 ۾ بھرالا نالي وسنديءَ جو ذڪر ڪيو آھي ـ پنھنجي تحقيقي ڪتاب ۾ ھُو لکي ٿو : ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 1641 ۾ احمد آباد مان پنھنجي آفيسر جان اسپائلر John Spiller کي ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺيءَ جو انچارج ڪري موڪليو، جيڪو 1652 تائين اُتي رھيو ـ ھن 1645 جي برساتن واري مُند اُتر سنڌ ۾ گذاري ته جيئن ڪپڙي ۽ نير جو گھربل مقدار خريد ڪري سگھي ـ ڪپڙي جي حوالي سان ھن ڪنڊياري ۽ درٻيلي مان بھترين معيار جي ڪپڙي جا ڏھه ھزار ٽُڪر (ھڪ ٽُڪر 20 والن جو) حاصل ڪري ورتا ـ بوبڪن جو ڪپڙو گھڻو سُٺو ڪونه ھو پر وري به نصرپور کان سُٺو ھو جنھنڪري ھن ايندڙ مُند کان نصرپور جي ڪپڙي جي خريداري بند ڪرڻ جو سوچيو ـ ڪپڙي رڱڻ لاءِ نِير خريد ڪرڻ جي حوالي سان ھُو پريشان ھو ڇو ته آبادگار غريب ھجڻ ڪري نِير جي پوک لاءِ خرچ برداشت نٿي ڪري سگھيا، پر سندس مسئلو درٻيلي ويجھو بَھرالا مان ايندڙ نِير حل ڪري وڌو [1]ـ“ ائڊرين ڊارٽ لکي ٿو ته اُتر سنڌ ۾ درياھه جي ڪناري وارن شھرن بکر، گمبٽ، ڪنڊيارو ۽ درٻيلو ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا خريداري مرڪز قائم ھئا ـ ”وچولو يا سنڌ جي وچ وارو علائقو جنھن ۾ سيوھڻ، بُوبڪ، بَھِرالا ۽ سَن اچي ٿي ويا، نِير جا اھم مرڪز ھئا ۽ انھن مان ھر مرڪز تي ڪمپنيءَ جو ايجنٽ مقرر ھو ـ“ سندس انھن تاريخي حوالن مان اندازوٿئي ٿو ته موجوده شھر ڀريا سترھين صديءَ ۾ به وجود رکندڙ ھو ۽ ان وقت اھو بَھِرالا جي نالي سان سڏيو ويندو ھو ـ انگريز ليکڪ بَھِرالا جي حوالي سان لکيو آھي ته اھو درٻيلي جي ويجھو ھو، جنھن سان پڻ اھو يقين ٿئي ٿو ڇو ته درٻيلو، جنھن کي ڊڀريو به چيو ويندو آھي، ھڪ تاريخي شھر آھي ۽ ڀريا جي ويجھو ئي آھي ـ اَي ڊبليو ھِيوز به پنھنجي 1876 ۾ ڇپيل گزيٽيئر ۾ ھن خطي ۾ ٿيندڙ ڪاروبار جو حوالو ڏيندي لکيو آھي ته ڀريا جي ڀرسان ڪوٽ بھادر ۾ لوڻ جو وڏو مرڪز ھو جتان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا گماشتا لوڻ خريد ڪندا ھئا[1]. انگريز ليکڪ ائڊرين ڊارٽ جنھن دور جو ذڪر ڪيو آھي، اھو سنڌ تي ڪلھوڙن جي حڪمرانيءَ کان به اڳ جو زمانو ھو. سن 1701 ۾ سنڌ تي ڪلھوڙن جو راڄ شروع ٿيو جنھن کانپوءِ 1783 کان ٽالپرن جو راڄ آيو ۽ 1843 ۾ سنڌ کي فتح ڪرڻ تائين انگريزسنڌ جي مختلف شھرن مان ڪپڙو، نير ۽ ٻيو مال خريد ڪندا رھيا ـ انھيءَ مان ظاھر ٿئي ٿو ته ان عرصي ۾ ڀريا شھر اوج تي ھو ـ خانائي صاحب جو به اھو ئي خيال آھي ته ڀريا جو موجوده شھر ڪلھوڙن جي دور ۾ سنڌو درياھه جي ٻوڏ سبب تباھه ٿيڻ کان پوءِ وري آباد ٿيو جنھن کي اوج نصيب ٿيو ـ اھو شھر سموري ساھتي پرڳڻي ۾ ھر لحاظ کان مشھور ٿيو ۽ ھتي ھندو، لُھاڻا، ڀائيبند، عامل ۽ مسلمان برادريون اچي آباد ٿيون ـ ڀريا جو اھو اوج ڪلھوڙن جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٽالپرن جي زماني ۾ به قائم رھيو[1]. ھڪ ٻئي انگريز ليکڪ جيمس مِڪمرڊو James McMurDo پنھنجي ڪتاب”مِڪمرڊوز اڪائونٽ آف سنڌ (اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس 2007) McMurdo’s Account of Sind ۾ ھڪ ھنڌ ڪنڊيارو ۽ بھلاڻيءَ جو ذڪر ڪيو آھي پر ٻئي ھنڌ ”ڀِرالوُ“ نالي شھر جي ڳالھه ڪندي ان کي بکر جي پسگردائيءَ ۾ ڄاڻايو آھي، جيڪو پڪ سان ڀريا شھر نه پر پريالوءِ ھوندو، ڇو ته انگريز ليکڪ سنڌ جي شھرن ۽ ماڻھن جا نالا مشڪل سان ئي اُچاري سگھندا آھن[1]. تاريخ جي مٿين حوالن سان ٿيل بحث کانپوءِ اھي سوال پنھنجي جاءِ تي موجود رھن ٿا ته ڀريا جو شھر ڪنھن ٻڌايو. ان تي ڀلي ڪير متفق نه ٿئي پر ڪنھن حد تائين اتفاق ھيءُ ٿي سگھي ٿو ته اھو شھر بَھراوَر ۽ بَھرالا جي نالن سان قديم زماني کان موجوده علائقي ۾ ھنڌ مٽائيندو قائم رھندو آيو آھي ـ جيڪڏھن مٿي ڄاڻايل انگريزن جي تاريخ کي ڏسجي ته سترھين صديءَ جي وچ ڌاري به اھو شھر بَھرالا جي نالي سان موجود ھو. انھيءَ جو مطلب ته ھن وسنديءَ تي ڀريا جو نالو ان کانپوءِ پيو ھوندو جڏھن اھو ٻوڏن جي نتيجي ۾ ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ منتقل ٿيندو نيٺ موجوده ھنڌ قائم ٿيو جنھن لاءِ اندازو آھي ته اھو عمل سترھين صديءَ جي آخر ۾ يا ارڙھين صديءَ ۾ ٿيو ھوندو ـ ڀيرومل مھرچند به ورھاڱي کان اڳ ان لاءِ لکي ٿو ته ھاڻوڪي شھر ٻڌئي ڏيڍ سئو کن ورھيه ٿيا آھن پر اندازو آھي ته موجوده ڀريا شھر اڍائي سئو کن ورھيه پراڻو آھي[1]. اُڻويھين صديءَ جي ٻئي اڌ ڌاري انگريزن جي تيار ڪيل گزيٽيئرن ۾ به ھن شھر جو نالو ”ڀِريا“ ڄاڻايل آھي ۽ جنھن ۾ ڪنھن به وسطڙي جو ذڪر ڪونھي ـ امپيريل گزيٽيئر آف انڊيا (جِلد ٻيو صفحو 98) جيڪو 1881 ۾ ڇپيو، تنھن ۾ لکيل آھي ته ”ڀريا، حيدرآباد ضلعي ۾ ميونسپل ٽائون آھي ۽ اھو زرعي علائقو آھي، جنھن ۾ 1488 سِک، 135 ھندو (لُھاڻا) ۽ 926 مسلمان (سيد ۽ ميمڻ) رھن ٿا[1]. اھڙي طرح 1876 ۾ ڇپيل (ٻيو ايڊيشن) اَي ڊبليو ھيوز A. W. Hughes جي گزيٽيئر A Gazetteer of Sindh Province ۾ لکيل آھي ته 1852 ۾ ڀريا جي ڪُل آبادي 2798 ھئي ۽ شھر ۾ 231 گھر ۽ 100 دُڪان ھئا ـ ھيءُ شھر واپاري منڊي ھو جتي کاڌي جو تيل تيار ٿيندو ھو (ڀريا ۾ گھاڻن ذريعي تيل ڪڍيو ويندو ھو ـ اتي ڏاندن ذريعي گھاڻا ھلائي سرنھن ۽ ڄانڀي جو تيل ڪڍبو ھو ـ اھڙا گھاڻا 1960 واري ڏھاڪي ۾ به ھئا) ـ ان کانسواءِ وڏي مقدار ۾ اناج جي اُپت ٿيندي ھئي، جيڪا سنڌوءَ رستي ٻين علائقن ڏانھن موڪلي ويندي ھئي ـ گزيٽيئر موجب 1873-74 ۾ ڀريا شھر جي ميونسپل آمدني 182 پائونڊ اسٽرلنگ ھئي ـ سال 1876 ۾ نوشھرو فيروز کي سب ڊويزن (تعلقي) جي حيثيت مليل ھئي جنھن ۾ ڀريا، نوشھري جو ھڪ تپو ھو ـ نوشھري تعلقي ۾ 10 تپا ھئا جن ۾ سڪرنڊ، مورو ۽ ڪنڊيارو به شامل ھئا ـ ساڳئي گزيٽيئر جي ڊجٽل ڪاپيءَ ۾، جيڪو آن لائين موجود آھي، لکيو ويو آھي ته ڀريا، نوشھري واري ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جو ھڪ گورنمينٽ ٽائون آھي، جيڪو حيدرآباد کان روھڙي ويندڙ روڊ تي آھي ـ ھن گزيٽيئر ۾ ڪنڊياري ۽ ھالاڻيءَ کي خيرپور جي علائقي ۾ ڏيکاريل آھي ـ ڀريا بابت لکيل آھي ته نوشھري کان ٺاروشاھه ويندڙ پوسٽل روڊ به انھيءَ جي ڀرسان لنگھي ٿو ۽ ھتي تپيدار جو ديرو ۽ پوليس لائين به آھي جتي چار پوليس وارا مقرر آھن ـ ڀريا ۾ ورناڪيولر اسڪول، مارڪيٽ ۽ ڌرمشالو به آھي ـ ھتي 1861 ۾ ميونسيپلٽي قائم ٿي ۽ 1873-74 ۾ جنھن جي آمدني 1825 رُپيا ۽ خرچ 1707 رُپيا ھو[1].

انگريز جنرل سر چارلس نيپيئر 1843 ۾ جڏھن سنڌ تي مڪمل قبضو ڪيو تڏھن به ڀريا جو ساڳيو نالو ھو. انھيءَ جي ثابتي اسماعيلي برادريءَ جي ويب سائيٽ تي ڄاڻايل تاريخ مان ملي ٿي جنھن ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ”9 آگسٽ 1942 تي ڪنڌار مان برطانوي فوجون ڪوئٽا ڏانھن روانيون ٿيون ته آغا خان اول ڇھهن ھفتن لاءِ ڪنڌار ۾ ئي سردار شيردل خان وٽ رھي پيو ـ انگريز آفيسر رالنسن Rawlinson کي جيئن ته ساڻس ھمدردي ھئي، تنھنڪري ھن آغا خان کي انڊيا وڃڻ جي صلاح ڏني جنھن بعد ھو 5 آڪٽوبر 1842 تي ڪوئٽا پھتو ۽ پوءِ مھيني کان وڌيڪ عرصو خان آف قلات مير شاھنواز وٽ ترسيو ـ ڪوئٽا مان روانگيءَ وقت انگريز آفيسر مئڪناٽن ۾Mac Naghten کيس سر چارلس نيپئر لاءِ ھڪ سفارشي خط ڏنو ـ چارلس نيپئر ان وقت سنڌ ۾ ھو جنھن کي لارڊ ايلنبرو آگسٽ 1842 ۾ سمورا سياسي ۽ فوجي اختيار ڏئي موڪليو ھو ـ نومبر 1842 جي آخر ڌاري آغا خان سکر پھتو ۽ چارلس نيپئر سان مليو ـ آغا خان پنھنجي سٺ گھوڙيسوارن سميت جنوري 1943 ۾ چارلس نيپئر سان گڏ ڀريا ۾ برطانوي ڪئمپ ۾ ويو جتان پوءِ ساڻس حيدرآباد ڏانھن روانو ٿيو جتي مياڻي ۽ دُٻي وارين جنگين ۾ حصو ورتائين ـ“ چارلس نيپئر ڀريا ۾ جنھن ھنڌ پڙاءُ ڪيو، اھو اڄ به منزل گاھه جي نالي سان مشھور آھي ـ منزل گاھه جو علائقو ڀريا جي تاريخي ڪي سي اڪئڊمي ھاءِ اسڪول واري عمارت جي پٺيان آھي جتي ھاڻ وڏي رھائشي آبادي آھي [1]ـ

انگريز ليکڪ ڊاڪٽر ائڊرين ڊارٽ (Dr. Adrian Duarte) پڻ پنھنجي ڪتاب A History Of British Relations With Sind – 1613-1843 (نيشنل بُڪ فائونڊيشن 1976) ۾ لکي ٿو ته چارلس نيپئر 30 جنوري 1843 تي جڏھن ڳوٺ ڀريا وٽان لنگھيو پئي ته مير نصير خان، مير محمد ۽ شھداد جي موڪليل ٽن اعلى عھدن وارن ايلچين ساڻس ملاقات ڪئي ـ ميرن جا ٽئي وڪيل نيپئر جي پٺيان سندس ڪئمپ تائين آيا ـ نيپئر کين ھدايت ڪئي ته ھُو ميرن کي معاھدن کي قبول ڪرڻ لاءِ راضي ڪن جنھن کانپوءِ ميجر آئوٽرام 6 فبروريءَ تي حيدرآباد ۾ ميرن سان ملي قطعي منظوري حاصل ڪندو ـ نيپئر ميرن جي وڪيلن کي واضح ڪيو ته ھُو 6 فبروريءَ تائين نوشھري فيروز ۾ پنھنجي ايندڙ ڪئمپ تي ترسندو ۽ جيڪڏھن شرطن موجب جواب نه مليو ته خيرپور وارن ميرن ۽ حيدرآباد وارن ميرن جي سرحد ٽِپي اڳتي وڌندو (حيدرآباد وارن ميرن جي حد نوشھري فيروز کانپوءِ شروع ٿيندي ھئي) ـ ايئن چارلس نيپئر چوٿينءَ کان ڇھين فبروريءَ تائين نوشھري فيروز واري ڪئمپ ۾ ترسيو ـ (ڊاڪٽر ائڊرين ڊارٽ کي 1945 ۾ سنڌ حڪومت ذميواري ڏني ھئي ته راجڪوٽ ريزيڊنسي رڪارڊ آفيس مان سنڌ متعلق دستاويز گڏ ڪري ـ ھُو 1943 کان 1945 تائين ملٽري ٽريننگ سينٽرن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندو رھيو ۽ 1944 کان 1947 تائين ھسٽاريڪل رڪارڊس ڪميشن توڙي انڊين ھسٽري ڪانگريس ۾ به سنڌ جو نمائندو رھيو ـ سال 1954 ۾ کيس انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان جو ميمبر پڻ مقرر ڪيو ويو ھو)[2]. ھڪ ٻئي انگريز ليکڪ اليگزينڊر اِنَيس شاند Alexander Innes Shand پنھنجي ڪتاب جنرل جان جيڪب General John Jacob – Commander of the Sind Irregular Horse and Founder of Jacobabad (سِيلي اينڊ ڪو لميٽيڊ، لنڊن 1901) ۾ پڻ اھڙو ذڪر ڪيو آھي. ڪتاب موجب ”نيپئر 30 جنوري 1843 تي جنرل جان جيڪب کي خط لکيو ته ميرن جا وڪيل آيا آھن ۽ مون کين راضپو ڏنو آھي ته پنجين فبروريءَ تائين نوشھري فيروز ۾ ترسندس ۽ جيڪڏھن ميرن اطاعت قبول نه ڪئي ۽ حيدرآباد ۾ آئوٽرام سان نه مليا ته مان ميرن کي دشمن قرار ڏئي اڳتي مارچ ڪندس ـ“ ڪتاب موجب نيپئر چوٿين فبروريءَ تي نوشھري فيروز مان وري ھڪ خط جنرل جان جيڪب کي لکيو ۽ کيس مير رُستم ڏانھن ويندڙ 1500 گھڙيسوارن جي خطري کان آگاھ ڪندي ٻڌايو ته ھُو پاڻ ڇھين فبروريءَ کان اڳ اڳتي نه وڌندو[1]. مٿئين تاريخي بحث مان ظاھر ٿئي ٿو ته ڀريا شھر مختلف نالن سان قديم زماني کان آباد ھو جڏھن ساھتي پرڳڻي ۾ نوشھرو فيروز ۽ مورو شھرن جو به ڪو وجود ڪونه ھو[1]۔.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 [ بَھراوَر کان ڀِريا تائين تاريخ جو سفر:ڪاوش اخبار 29 جولاءِ 2018ع، پھرين قسط، ڪالم نويس: نصير اعجاز]
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named نصر