فقير جادو شهيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فقير جادو شهيد جو مقبرو

فقير جادو شهيد انگريزي (Fakir Jado Shaheed) ميانوال تحريڪ ڪو ڪارڪن ۽ سپھ سالار هو. فقير جادو شهيد ذات جو ٻبر هو. ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي ڏهاڙن ۾ تحريڪ ۾ نهايت سرگرم ۽ جان نثار سالار هو. جادو فقير تلوار ڌڻي به هو ته نيزي بازي ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. ميان نصير ۽ ميان دين محمد ڪلهوڙو جي ڏينهن ۾ ڳوٺ ڳاڙهي ڪلهوڙن جو مرڪزي شهر هو.اٽڪل 1700ع ۾ جڏهن مغل دؤر ۾ ملتان جي شهزادي معيز الدين تڏهوڪي سنڌ جي ڳوٺ گاڙهي تي حملو ڪيو ۽ ميان دين محمد ڪلهوڙو گرفتار ٿيو. ميان يار محمد ڪلهوڙو پيش نه پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪلهوڙن جي لشڪر ۽ مغل لشڪر جي وچ ۾ گاج ندي جي ڪناري وڏي جنگ لڳي جنهن ۾ ٻنهي پاسي جنريل ماريا ويا. هن جنگ جو ذڪر کور جي نالي سان مير علي شير قانع ٺٽوي تاريخ تحفته الڪرام ۾ پڻ ڪيو آهي. هن جنگ ۾ فقير جادو ٻٻر بهادري سان لڙندي شهيد ٿي ويو هو. کيس سندس اباڻي ڳوٺ ٿرڙي جادو ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو جيڪو پوءِ ٿرڙي جادو شهيد سان مشهور ٿيو. سندس مزار موجوده جوهي تعلقو دادو ضلعو جي ڳوٺ ٿرڙي جادو شهيد ۾ اڄ به عام ۽ خاص جي زيارت جو مرڪز آهي.[1][2]

حوالا[سنواريو]