پيزلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پيزلي
ٽائون

پيزلي ٽائون جو ھڪ ڏيک. تصوير ۾ وائيٽ ڪارٽ ندي بہ ڏسي سگھجي ٿي.
آبادي 77,222 
ٻولي انگريزي، اسڪاٽس
ڪائونسل وارو علائقو
  • رينفريوشائر
ملڪ اسڪاٽلينڊ
خودمختيار رياست گڏيل بادشاھت
پوسٽ ٽائون PAISLEY
ٽپال ڪوڊ ضلعو PA1 – PA3
ٽيليفون ڪوڊ 0141 & 01505
پوليس  
باه وسائيندڙ  
ايمبولينس  
Website paisley.org.uk
; جڳهن جي فهرست
گڏيل بادشاهت

پيزلي (انگريزي: Paisley) اسڪاٽلينڊ جو ھڪ ٽائون (Town) جيڪو رينفريوشائر (Refrewshire) ڪائونٽي جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھن شھر جون حدون اوڀر ۾ گلاسگو سان ملن ٿيون. پيزلي اسڪاٽلينڊ جي مشھور ڪلائيڊ نديءَ مان ڦٽي نڪرندڙ ھڪ شاخ وائيٽ ڪارٽ واٽر (White Cart Water) جي ڪناري تي آباد آھي. ھيءَ اسڪاٽلينڊ جي پنجين وڏي انساني وسندي آھي پر ھن کي اڃا شھر جو درجو نہ ڏنو ويو آھي، البت ھن کي اسڪاٽلينڊ جو وڏي ۾ وڏو ٽائون مڃيو وڃي ٿو.

ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ ھتي ھڪ عيسائي مذھب جي خانقاھ (Abbey) قائم ٿي[1]. ھن خانقاھ کي ھن علائقي جي سڄي عيسائي برادريءَ ۾ وڏي عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو ھو ۽ ھتان جا پادري علائقي جي مذھبي سرگرمين جو انتظام سنڀاليندا ھئا، انھيءَ ڪري پيزلي جو نالو سڄي اسڪاٽلينڊ ۾ مشھور ٿي ويو. اوڻويھين صديءَ ۾ پيزلي ۾ ڪيتريون ئي ٽيڪٽائل ملون قائم ھيون ۽ ھتان جو ڪپڙو ۽ شالون مشھور ھيون. 1993ع ۾ اھي ملون بند ٿي ويون ۽ ھاڻي انھن جا نشان فقط عجائب گھرن ۾ محفوظ آھن[2].

تاريخ[سنواريو]

جيتوڻيڪ پيزلي جو باقائدہ تاريخي رڪارڊ موجود ناھي پر اھو پتو پيو آھي تہ ڇھين يا ستين صدي عيسويءَ ۾ سينٽ ميرين نالي آئرلينڊ جي ھڪ پادريءَ ھتي ھڪ ننڍو گرجا گھر قائم ڪيو. اھو گرجا گھر وائيٽ ڪارٽ واٽر جي ھڪ آبشار جي ڀرسان قائم ڪيو ويو ھو. شايد ھيءَ وسندي بہ گلاسگو ۽ گوون (Govan) وانگيان اسٽريٿڪلائيڊ (Strathclyde) بادشاھت جي ھڪ مذھبي مرڪز طور وجود ۾ آئي. 1163ع ۾ اسڪاٽلينڊ جي اسٽيوارڊ والٽر فٽز ايلن (Walter Fitz Allen) ھتي ھڪ ننڍو گرجا گھر ۽ بيراڳڻين (Nuns) لاءِ ننڍا گھر ٺھرايا. 1245ع ۾ ھن ننڍڙي گرجا گھر اسڪاٽلينڊ جي ھڪ انتھائي مقدس ۽ وڏي گرجا گھر جو روپ اختيار ڪري ورتو. اسڪاٽلينڊ جي بادشاھ رابرٽ ٽئين (Robert III) کي بہ ھن گرجا گھر ۾ دفنايو ويو. افسوس جو ھن جي قبر جا آثآر ھن وقت موجود ناھن، البت شھزادي مارجوري بروس (Marjorie Bruce) جو مقبرو ھڪ پراڻي بادشاھي يادگار طور اڄ بہ ھتي موجود آھي. شھزادي مارجوري بروس اسڪاٽلينڊ جي بادشاھ رابرٽ دي بروس (Robert the Bruce) جي ڌيءَ ھئي.

اسڪاٽلينڊ جي بادشاھ جيمس ٻئي (James II) جي ڏينھن ۾ پيزلي ڪافي ترقي ڪئي. 1488ع ۾ ھن شھر کي برگ آف باروني (Burgh of Barony) جو درجو ڏنو ويو ۽ 1577ع ۾ ھتي پھريون اسڪول کليو.

پيزلي جون ڏائڻيون[سنواريو]

17 آگسٽ 1696ع تي پيزلي جي ھڪ زميندار جي ڌيءَ ڪرسٽين شا (Christian Shaw) پنھنجي ماءُ سان شڪايت ڪئي تہ سندن نوڪرياڻي ڪيٿرين ڪيمبيل (Catherine Campbell) کير جو گلاس چورايو آھي. ڪيٿرين انھيءَ الزام جي ترديد ڪئي ۽ زميندار جي ڌيءَ کي پٽون ۽ پاراتا ڏنا. ڪجهه عرصي کان پوءِ زميندار جي ڌيءَ سخت بيمار ٿي پئي ۽ سندس وات مان وار ۽ اھڙي قسم جون ٻيون شيون نڪرڻ لڳيون. نوڪرياڻي ڪيٿرين ۽ سندس ڇھن ٻين ساٿياڻين تي الزام ھنيو ويو تہ اھي ڏائڻيون آھن. انھن مان ھڪ نوڪرياڻيءَ خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ باقي ڇھن کي موت جي سزا ڏئي بيدرديءَ سان ماريو ويو ۽ سندن لاشن کي باھ ڏئي ساڙيو ويو. سندن قبرن جي مٿان گھوڙي جو نعل ٽنگيو ويو. ماڻھن جو خيال ھو تہ گھوڙي جو نعل ڏائڻين جي روح کي ٻيھر دنيا ۾ اچڻ نہ ڏيندو. اھو پراڻو نعل ھن وقت موجود ناھي پر ان جي جاءِ جي ھڪ نئون نعل لڳايو ويو آھي جنھن تي لکيل آھي تہ ”ڏک ڏنو ويو، سور سٺو ويو ۽ ناانصافي ڪئي وئي“[3].

صنعتي انقلاب[سنواريو]

ارڙھين صديءَ جي آخري ڏھاڪن ۾ پيزلي ٽيڪسٽائيل جي صنعت جو وڏو مرڪز بنجي ويو. انگلينڊ جا ڪيترائي صنعتڪار ۽ اسڪاٽلينڊ جي آئرشائر ۽ ٻين علائقن جا ماڻھو ھتي ڪاروبار ۽ روزگار جي سلسلي ۾ اچي آباد ٿيا. ھن شھر ۾ ڪشميري شالن جھڙيون شالون تيار ٿيڻ لڳيون جن کي پيزلي جون شالون ڪوٺيو ويو. اھي شالون سڄي ملڪ ۾ مشھور ٿي ويون. ھي ٽائون دنيا ۾ ڌاڳي ٺاھڻ جو وڏو مرڪز بنجي ويو. اوڻويھين صدي جي پھرئين اڌ ۾ ٽيڪٽائيل صنعت ۾ ٻاڙ اچڻ ۽ پيزلي شالن جي مقبوليت ۾ ڪمي اچڻ کان پوءِ ھتي بيروزگاري وڌڻ لڳي ۽ ملن جي مزدورن ۽ ڪارڪنن ھڙتالون ڪرڻ شروع ڪيون. سياسي طور ملن جا مالڪ اثر رسوخ وارا ھئا انڪري انھن ھڙتالن مان ڪو خاص کڙتيل نہ نڪتو. 1841ع کان 1843ع واري زماني ۾ اڪثر ٽيڪسٽائيل ملون بند ٿي ويون ۽ ھتان جا ماڻھو غربت جي گھڻي ۾ پيسجڻ لڳا. وزيراعظم رابرٽ پيل پيزلي جي ماڻھن جي ڪجهه مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ھن راڻي وڪٽوريا کي اپيل ڪئي تہ ھوءَ پيزلي ۾ ٺھندڙ ڪپڙا پائي تہ ھتان جي ڪپڙي جي صنعت کي جيئدان ملي سگھي. 1861ع کان 1865ع دوران آمريڪا ۾ سول جنگ جي ڪري پيزلي جي صنعتن کي ڪپھ جي رسد ملڻ ۾ ڪافي گھٽتائي اچي وئي جنھن ھن صنعت کي ھيڪاري وڌيڪ ھاڃو پھچايو. 1993ع ۾ ھتي ڌاڳو ٺھڻ بند ٿي ويو ۽ ٽيڪسٽائيل جي صنعت مڪمل طور ختم ٿي وئي.

ھاڻوڪو شھر[سنواريو]

2016ع وارن انگن اکرن مطابق ھن ٽائون جي آبادي 77،220 آھي. گلاسگو، ايڊنبرا، ايبرڊين ۽ ڊنڊي کان پوءِ ھيءَ اسڪاٽلينڊ جي پنجون نمبر وڏي انساني وسندي آھي. سرڪاري طور تي ھي ٽائون گلاسگو کان يارھن ڪلوميٽر اولھ ۾ آباد آھي پر گلاسگو توڙي پيزلي جي وڌندڙ آباديءَ سبب ٻنھي جون حدون پاڻ ۾ ملي ويون آھن ۽ ھي ٻئي جاڙا شھر لڳن ٿا.

شھر جي موجودھ صنعتن ۾ وسڪي ۽ ان جون بوتلون ٺاھڻ جا ڪارخانا شامل آھن. ھتي ڪيتريون ئي شاندار عمارتون موجود آھن جن ۾ ٽائون ھال، پبلڪ لائبرري، عجائب گھر، ڪوٽس مشاھدي گاھ ۽ ٿامس ميموريل چرچ شامل آھن. ھتي يونيورسٽي آف ويسٽ اسڪاٽلينڊ جو ھڪ ڪئمپس قائم آھي. انھيءَ ڪئمپس کي ماضيءَ ۾ يونيورسٽي آف پيزلي سڏيو ويندو ھو[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "Paisley, Scotland, United Kingdom, Britannica". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-02-26. 
  2. "Paisley from The Gazetteer for Scotland". www.scottish-places.info. حاصل ڪيل 2022-02-26. 
  3. McGuire, Brian. "Help Needed lucky Horseshoe missing - Paisley Scotland". حاصل ڪيل 2022-02-26.