پاڪستان جو چيف جسٽس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس
عهديدار
جسٽس گلزار احمد


1
تعظيمي لقبَ
جناب اعلي
(جڏهن ڪورٽ ۾ ڪير مخاطب ٿي)
تجويز ڪندڙ پاڪستان جو وزيراعظم
مقرر ڪندڙ پاڪستان جو صدر
عھدي جي مدت تبديل ٿيندڙ عمر 65 سالن تائين
تشڪيل 27 جون 1949
اولين حامل عبدالرشيد
(وفاقي چيف جسٽس طور)

پاڪستان جو چيف جسٽس (مخفف CJP) پاڪستان ۾ عدالتي نظام (حڪومت جي قانوني شاخ) جو سربراهه ۽ پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جو بالا جج هوندو آهي.[1] چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ جي مقرر 17 ججن مان سڀني کان مٿاهون هوندو آهي.[2] 1947ع کان 1960ع تائين بلا جج کي وفاقي جج ڪوٺيو ويندو هو.[3] چيف جسٽس، پاڪستان جي عدالتي نظام جو انتظامي آفيسر ۽ وفاقي شريت عدالت جي چيف جسٽس کان پڻ مٿاهون جج هوندو آهي. چيف جسٽس وفاقي قانونن جي پڻ نگراني ڪندو آهي.[4][5]


سپريم ڪورٽ لاءِ چيف جسٽس جي چونڊ پاڪستان جو وزيراعظم ڪندو آهي، ۽ پوءِ پاڪستان جو صدر ان کي مقرر ڪندو آهي.[6][7] چيف جسٽس پاڪستان جي مقرر ڪيل نئين صدر کي قسم نامو پڻ کڻائيندو آهي.[8]

پاڪستان جو پهريون چيف جسٽس سر عبدالرشيد هو،[9] پاڪستان جو چيف جسٽس گلزار احمد آهي.

پاڪستان جي چيف جسٽس جي فهرست[سنواريو]

پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ عرصو چيف جسٽس رهندڙ جج محمد حليم هو جيڪو 3205 ڏينهن تائين پاڪستان جو چيف جسٽس رهيو. گھٽ وقت رهندڙ چيف جسٽس محمد شهاب الدين هو، جيڪو چيف جسٽس ٿيڻ جي 9 ڏينهن کان پوءِ وفات ڪري ويو. افتخار محمد چوڌري پاڪستان جو واحد چيف جسٽس هو جيڪو 3 دفعا چيف جسٽس طور مقرر ٿيو. هي چيف جسٽس جي عهدي تي 2480 ڏينهن رهيو.

ترتيب نالو آفيس جو مدو مدو (ڏينهن) بار مقرر ڪيو
1 عبدالرشيد 27 جون 1949 29 جون 1954 1,826 لاهور هاءِ ڪورٽ گورمنٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935
2 محمد منير 29 جون 1954 2 مئي 1960 2,134 لاهور هاءِ ڪورٽ ملڪ غلام محمد
3 محمد شهاب الدين 3 مئي 1960 12 مئي 1960 9 مدراس هاءِ ڪورٽ محمد ايوب خان
4 ايلون رابرٽ ڪارنيلسين 13 مئي 1960 29 فيبروري 1968 2,848 لاهور هاءِ ڪورٽ
5 ايس.اي. رحمان 1 مارچ 1968 3 جون 1968 94 لاهور هاءِ ڪورٽ
6 فضل اڪبر 4 جون 1968 17 نومبر 1968 166 مشرقي پاڪستان هاءِ ڪورٽ
7 حمودر رحمان 18 نومبر 1968 31 آڪٽوبر 1975 2,538 ڪولڪتا هاءِ ڪورٽ
8 محمد يعقوب علي 1 نومبر 1975 22 سيپٽمبر 1977 691 لاهور هاءِ ڪورٽ فضل الاهي چوڌري
9 ايس. انورالحق 23 سيپٽمبر 1977 25 مارچ 1981 1,279 لاهور هاءِ ڪورٽ
10 محمد حليم 23 مارچ 1981 31 ڊسمبر 1989 3,205 سنڌ هاءِ ڪورٽ محمد ضياالحق
11 محمد افضل ظله 1 جنوري 1990 18 اپريل 1993 1,203 لاهور هاءِ ڪورٽ غلام اسحاق خان
12 نسيم حسن شاهه 17 اپريل 1993 14 اپريل 1994 362 لاهور هاءِ ڪورٽ
ق* سيعد سعود جان 15 اپريل 1994 4 جون 1994 50 لاهور هاءِ ڪورٽ فاروق لغاري
13 سجاد علي شاهه 5 جون 1994 2 ڊسمبر 1997 1,276 سنڌ هاءِ ڪورٽ
14 اجمل ميان 27 ڊسمبر 1997 30 جون 1999 550 سنڌ هاءِ ڪورٽ وسيم سجاد
15 سعيد الزمان صديقي 1 جولاءِ 1999 26 جنوري 2000 209 سنڌ هاءِ ڪورٽ محمد رفيق تارڙ
16 ارشاد حسن خان 26 جنوري 2000 6 جنوري 2002 711 لاهور هاءِ ڪورٽ
17 بشير جهانگيري 7 جنوري 2002 31 جنوري 2002 24 پشاور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف
18 شيخ رياض احمد 1 فيبروري 2002 31 ڊسمبر 2003 698 لاهور هاءِ ڪورٽ
19 ناظم حسين صديقي 31 ڊسمبر 2003 29 جون 2005 546 سنڌ هاءِ ڪورٽ
20 افتخار محمد چوڌري (پهرين دفعا) 29 جون 2005 9 مارچ 2007 618 بلوچستان هاءِ ڪورٽ
ق جاويد اقبال 9 مارچ 2007 24 مارچ 2007 15 بلوچستان هاءِ ڪورٽ
ق راڻا ڀڳوان داس 25 مارچ 2007 20 جولاءِ 2007 87 سنڌ هاءِ ڪورٽ
20 افتخار محمد چوڌري (ٻيو دفعو) 20 جولاءِ 2007 3 نومبر 2007 136 بلوچستان هاءِ ڪورٽ
± عبدالحميد ڊوگر 3 نومبر 2007 21 مارچ 2009 504 سنڌ هاءِ ڪورٽ
20 افتخار محمد چوڌري (ٽيون دفعو) 21 مارچ 2009 11 ڊسمبر 2013 1,726 بلوچستان هاءِ ڪورٽ آصف علي زرداري
21 تصدق حسين جيلاني 12 ڊسمبر 2013 6 جولاءِ 2014 176 لاهور هاءِ ڪورٽ ممنون حسين
22 ناصر الملڪ 7 جولاءِ 2014 16 آگسٽ 2015 435 پشاور هاءِ ڪورٽ
23 جواد ايس خواجه 17 آگسٽ 2015 9 سيپٽمبر 2015 23 لاهور هاءِ ڪورٽ
24 انور ظهير جمالي 10 سيپٽمبر 2015 30 ڊسمبر 2016 3,113 سنڌ هاءِ ڪورٽ
25 ميان ثاقب نثار 31 ڊسمبر 2016 17 جنوري 2019 2,635 لاهور هاءِ ڪورٽ
  • ق قائم مقام
  • ± عهدي تان لاٿو ويو, سپريم جڊيشل ڪائونسل پاران هن جا ڪيل سمورا فيصلا رد ڪيا ويا.
  • نوڪري دوران وفات ڪري ويو

حوالا[سنواريو]

  1. et.al., various contributions (2012). Pakistan Business Law Handbook Strategic Information and Laws.. Intl Business Pubns USA. ISBN 1438770715. https://books.google.com/books?id=36-S5GQtTSMC&pg=PA40&dq=chief+justice+of+pakistan&hl=en&sa=X&ei=mxwzVdD2LpDnoASBp4HwBw&ved=0CDYQuwUwBA#v=onepage&q=chief%20justice%20of%20pakistan&f=true. Retrieved 19 April 2015. 
  2. Manzoor, Saima; Manzoor,, Akif; Manzoor, Eng. Asif (2011). Police in Pakistan. New York, US: Lulu publications co.. pp. 350. ISBN 110599032X. https://books.google.com/books?id=K6ndAwAAQBAJ&pg=PA231&dq=chief+justice+of+pakistan&hl=en&sa=X&ei=mxwzVdD2LpDnoASBp4HwBw&ved=0CDAQuwUwAw#v=onepage&q=chief%20justice%20of%20pakistan&f=false. Retrieved 19 April 2015. 
  3. Shah, Ralph Braibanti ; foreword by Nasim Hasan (1999). Chief Justice Cornelius of Pakistan : an analysis with letters and speeches (2. impr. ed.). Oxford: Oxford University Press. ISBN 9780195790184. 
  4. Article 176 in The Judicature Chapter 2 of Part VII of the پاڪستان جو آئين
  5. Article 175A in Chapter 1: The Courts. Part VII: The Judicature of the Constitution of Pakistan
  6. Article 175A(12)-175A(13) Chapter 1: The Courts. Part VII: The Judicature of the Constitution of Pakistan
  7. Supreme Court. "Judges Appointment & Court Composition". www.supremecourt.gov.pk/. Islamabad, Pakistan: Supreme Court of Pakistan Press. وقت 24 March 2015 تي اصل (google cache (html)) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 April 2015. 
  8. Article 178 in the Chapter 2: The Supreme Court of Pakistan of Part VII: The Judicature of پاڪستان جو آئين
  9. Masood, Ahsan. "Names of the Chief Justices of the Supreme Court of Pakistan". masoodandmasood.com/. Masood and masood press. حاصل ڪيل 19 April 2015.