راڻا ڀڳوان داس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
راڻا ڀڳوان داس پرٿياڻي
راڻا ڀڳوان داس
پاڪستان جو منصف اعليٰ
Acting
عهدو سنڀاليو
24 مارچ 2007ع – 20 جولاءِ 2007ع
مقرر بطرف پرويز مشرف
پيشرو جاويد اقبال (Acting)
جانشين افتخار محمد چودري
ذاتي تفصيل
پيدائش 20 ڊسمبر 1942(1942-12-20)ع
نصيرآباد، برطانوي راڄ
(ھاڻوڪو پاڪستان)
وفات 23 فيبروري 2015 (عمر 72 سال)ع
ڪراچي، پاڪستان
مذهب ھندومت

راڻا ڀڳوان داس 20 ڊسمبر 1942ع تي نصير آباد، قمبر شھداد ڪوٽ ضلعي، سنڌ ۾ هندو گھراڻي ۾ پيدا ٿيو. ھو عدالت عظمي پاڪستان جو نگران منصف اعلي رهي چڪي آھي.

تعليم[سنواريو]

راڻا قانون سان گڏوگڏ اسلاميات ۾ ماسٽرز ڪئي.

قانون جو پيشو ۽ عدليه[سنواريو]

راڻا 1965ع ۾ بار ۾ شامل ٿيو. ڪجهه سالن جي پريڪٽس کان بعد 1967ع ۾ عدليه جو حصو بڻيو، ڪيترائي سال سيشن جج جي طور تي فرض انجام ڏنا ._____ع ۾ سنڌ هائيڪورٽ جو جج بڻيو ۽ 2000ع ۾ سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو. 9 مارچ 2007ع تي جسٽس افتخار چوهدري جي معزولي کانپوءِ جسٽس راڻا ڀڳوان داس کي پرويز مشرف قائم مقام چيف جسٽس مقرر ڪيو. ان دوران ڀڳوان داس پاڪستان ۾ موجود نه ھيو. راڻا ڀڳوان داس بہ انھن دادگسترن ۾ شامل ھو جن عبوري آئيني حڪم جي تحت حلف کڻڻ کان نابري واري. حلف نہ کڻڻ تي ٻين ججن وانگر کين بہ گھر ۾ نظر بند ڪيو وي. 2007ع ۾ برطرفي جي نوٽيفڪيشن ڪي رد ڪندي جسٽس راڻا ڀڳوان داس چيو ھو تہ تمام برطرف جج آئين جي بحالي سان گڏ ئي عهدن تي واپس اچي ويندا. جسٽس راڻا ڀڳوان داس 65 سالن جي عمر ۾ عهدي کان وظيفي حسن خدمت تان لٿا.نومبر 2009ع کان ڊسمبر 2012ع تائين جسٽس راڻا ڀڳوان داس فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين بہ رهيو. نومبر 2014ع ۾ جسٽس راڻا ڀگوان داس کي چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪرڻ جي لاءِ تمام سياسي جماعتن جي طرفان اعتماد جو اظهار ڪيو ويو پت راڻا ڀڳوان داس عهدو سنڀالڻ کان معذرت پيش ڪئي. جسٽس راڻا ڀڳوان داس اعلي عدليه ۾ هندو برادري سان تعلق رکندڙ پھريون جج ھو، ھو نھايت سٺي شهرت جو مالڪ ھو ۽ پنھنجي پوري خدمت جي دوران هميشه غير تقراري ثابت ٿيو.

وفات[سنواريو]

راڻا ڀگوان داس جي وفات 23 فيبروري 2015ع تي ٿي.

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]