ترخان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

'ترخان يا طرخان(انگريزي: Tarkhan) لفظ ”ترخان“ خطاب آهي (يعني تعريفي لقب، جيڪو حاڪم کان مليل هجي) ۽ بالفتح ان جي لغوي معنيٰ ”خون ريز“ پڻ آهي. اصطلاحي معنيٰ ”مطلق العنان“ آهي، جيڪي ڪجهه چاهي سو ڪري ۽ خدمت سببان معاف ٿئي ۽ نون پشتن تائين جيڪو قصور هن کان صادر ٿيو هجي سو پڻ معاف آهي. خسروِ چنگيز خان هڪ جماعت کي ترخان جو خطاب ڏنو. جيئن مشهور آهي ته ٻه ”ڪوربان“ جا پٽ جيڪي اذبڪ خان جي لشڪر جي، چنگيز خان کي خبر ڏيندا هئا. ترخان قوم، ماوراء النهر ۽ خراسان ۾ انهن ئي ٻن ڇوڪرن جي اولاد مان آهي.ٻيو گروهه جيڪو، اعظم السلاطين مان آهي. سو حضرت صاحبقران امير تيمور گورگان جي مذڪور خطاب مستطاب سان سرفراز ٿيو. هنن جا سڀ قبيلا، امير ايڪوتمر جو اولاد سي، ارغون خان بن ابقا خان بن هلاڪو خان بن تولي خان بن چنگيز خان جي نسب مان آهن. ”ظفرنامه تيموري“ ۾ مسطور آهي ته جڏهن امير ايڪوتمر، تقتمش خان جي لڙائي ۾ جان نثار ٿيو، تڏهن حضرت صاحبقران، ان جي پوري قبيلي کي انهي موقعي تي، جيڪا هنن ثابت قدمي ۽ جرات اختيار ڪئي هئي، تن کي ”ترخان“ جي خطاب سان سرفراز فرمايو ۽ جن ترخانن سنڌ ۽ قنڌار تي حڪومت ڪئي سي به امير ايڪوتمر جي نسل مان آهن.[1]لفظ ترخان ڪھڙي ٻوليءَ جو آھي ان تي مؤرخن جا اختلاف آھن. ڪن جو خيال آهي تہ اھو اوڀر ايران جي ٻولين مان ھڪ ٻولي جو لفظ آهي جيڪا سوگادين ٻولي(Sogadian) يا ساڪا ٻولي ٿي سگھي ٿي. [2][3][4] ڪن مطابق ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي.[5][6]ڪن جو خيال آھي تہ منگوليائي ٻولي جو اھي.ترخان جو وجه تسميه بيان ڪندي، مير علي شير قانع ٺٽوي ۽ پير حسام الدين راشدي، جن کان منقول آهي ته هڪ دفعي حضرت صاحبِ قرآن امير تيمور 18 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجن مصاحبن سان شڪار تي نڪتو، رستي ۾ بارش ۽ طوفان اهڙو لڳو جو تيمور ۽ ان جا ساٿي ان طوفان ۽ بادوباران سبب رستو ڀلجي پيا. ازانسواءِ سخت سيارو ۽ اونداهي رات هئي. بهرنوع رستي جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندا پئي ڦريا ته اوچتو هنن کي جهنگ ۾ رهڻ وارن ماڻهن جا چند گهر ڏسڻ ۾ آيا. امير تيمور ۽ ان جا ساٿي جڏهن انهن گهرن کي ويجهو پهتا، تڏهن اتي جي رهاڪن کين چور سمجهي، هنن سان وڙهڻ لاءِ ٻاهر نڪتا. پر جلدئي هنن امير تيمور کي سڃاڻي ۽ پوءِ پرچائي پاڻ سان وٺي آيا. ان بعد زمين تي ويهاري ۽ باهه ٻاري پنهنجي طاقت کان مٿي خدمت ڪري کين راضي ڪري مهمانداري جا حق بجا آندائون. صاحبِ قرآن امير تيمور جڏهن 34 سالن جي عمر ۾ بادشاهي جي تخت تي ويٺو، تڏهن انهن ماڻهن کي گهرائي مٿن نهايت نوازشون ۽ مهربانيون ڪري کين ”ترخان“ جو خطاب ڏنائين، جنهن جي معنيٰ آهي ”نوڪري کان معافي ڏنل“ يا ”مطلق العنان“ يا ”بهادر“. ان کانپوءِ ڄاڻايل قبيلو ”ترخان“ جي لقب سان مشهور ٿيو ۽ ترخان قوم انهن جي ئي اولاد مان آهي[7]. روايت آهي ته جڏهن امير تيمور جي، تقتمش خان سان لڙائي ٿي، تڏهن ساڳئي مٿئين قبيلي جو هڪ سردار ايڪوتمر نالي، امير تيمور جي طرف کان وڙهندي مارجي ويو. ان کان بعد امير تيمور جي نظر ۾ ڄاڻايل قبيلي جي وقعت وڌي وئي. جنهنڪري هنن کي ”ترخون“ جو لقب مليو، جيڪو رفتي رفتي ”ترخان“ ٿي پيو. سنڌ جا ترخان فرمانروا انهيءَ ”ايڪوتمر“ جي اولاد مان آهن. صاحبِ ترخان نامو: کان منقول آهي ته امير ايڪوتمر، صاحبِ قرآن امير تيمور جي اميرن مان هو ۽ تقتمش خان واري جنگ ۾ امير تيمور جي طرفان وڙهندي قتل ٿيو. انهيءَ قرباني جي طفيل تيمور سندس اولاد کي ”ترخان“ جو خطاب ڏنو.

 ظفرنامه جي مؤلف لکيو آهي ته انهيءَ معرڪي ۾ جن مردانگي ڏيکاري، تيمور انهن سڀني کي ترخان ڪري  ڇڏيو. وري اڳتي لکي ٿو ته:

... ۽ انهيءَ گهمسان واري لڙائي ۾ جيڪي ثابت قدم رهي سر ڌڙ جي بازي لڳائي وڙهيا، تن کي طرح طرح جي عنايتن ۽ نوازشن سان سرفراز ڪري هنن کي ”ترخاني“ جو لقب ڏنائين ۽ حڪم ڪيائين ته هن جماعت کي بارگاهه شاهي ۾ اچڻ کان نه روڪيو وڃي ۽ جيڪي ڏوهه هنن کان ٿيا هجن، بلڪ نـَـوَ ڏوهه ٿيا هجن يا هنن جي پٽن کي، تن بابت ڪابه پڇاڳاڇا هنن کان نه ڪئي وڃي.خراساني لهجي ۾ رئيس ۽ شريف کي ترخان چيو وڃي ٿو، ٻاراڻي راند جي سرپنچ کي به ترخان چئبو آهي. (لغت شوستر) بيباڪ لاءِ به ترخان جو لفظ ڪتب آيو آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ ترخان نامو مولف: سيد مير محمد بن جلال ٺٽوي؛مرتب: سيد حسام الدين راشدي؛ مترجم: ميرزا عباس علي بيگ ڇاپو؛ پهريون 1994ع ٻيو 2005ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. Qarīb, Badr-az-Zamān (1995), Sogdian dictionary: Sogdian – Persian – English, Tehran: Farhangan 
  3. Doerfer, Gerhard (1993), "Chaladschica extragottingensia", Central Asiatic Journal 37 (1–2): 43 
  4. Alemany, Agustí (2000), Sources on the Alans, Brill, p. 328, Abaev considers this word (lacking in a Turco-Mongolian etymology), as well Old Hungarian tarchan “olim judex”, borrowing from Scythians (Alans) *tarxan “judge” -> Ossetian. Taerxon “argument, trial”; cf. the Ossete idioms taerxon kaenyn “to judge” (+ kænyn “to do”) and tærxon læg “judge” (+l æg man). Iron ævzag 
  5. Róna-Tas, András; "Hungarians and Europe in the early Middle Ages", Central European University Press, p 228, 1999, ISBN 9639116483
  6. Frye, Richard N, "Tarxun-Turxun and Central Asian History", Harvard Journal of Asiatic Studies 14 (1/2): 105–29 
  7. مڪلي نامه: از: پير حسام الدين راشدي.