سنڌ ۾ ٻولي وارا وڳوڙ، 1972

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ ۾ ٻولي وارا فساد (انگريزي: Language violence in Sindh)، جُولاءِ 7، 1972ع تي شروع ٿيا،[1] جنهن ڏينهن سنڌ اسيمبلي ٻولي واري بل کي منظور ڪيو، جنهن تحت سنڌ صوبي جي سرڪاري ٻولي صرف سنڌي کي قرار ڏنو ويو، ۽ اسڪولن ۾ پڻ سنڌي کي لازمي قرار ڏنو ويو.[2]

ان ڏينهن تڏوهوڪي اردو جي وڏي اخبار جنگ، مُک صفحي تي وڏي خبر اردو ڪا جنازا هي، زرا دوهم سي نڪلي شايع ڪئي، ۽ ساڳي خبر کي اخبار ۾ بارڊر طور پڻ لڳايو ويو هو. اها رئيس امروهي جي لکليل بيت جي سٽ هئي.[3][4] فسادن کان پوءِ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ان بل ۾ ترميم ڪندي اردو ۽ سنڌي ٻنهي کي سنڌ جي قومي ٻولي قرار ڏنو.

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]