وڪٽوريا
وڪٽوريا | |||||||||||||||||||||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| Nickname(s): باغن واري رياست اڳتي وڌندڙ حقيقي مقام تعليمي رياست | |||||||||||||||||||||||||||||||
| Motto(s): امن ۽ خوشحالي | |||||||||||||||||||||||||||||||
آسٽريليا ۾ وڪٽوريا نمايان ڏيکاريل | |||||||||||||||||||||||||||||||
| Coordinates: 37°S 144°E / 37°S 144°E | |||||||||||||||||||||||||||||||
| ملڪ | |||||||||||||||||||||||||||||||
| رياست | وڪٽوريا | ||||||||||||||||||||||||||||||
| شاھي ڪالوني | 1 جولاء 1851 | ||||||||||||||||||||||||||||||
| رياستي حڪومت جو قيام | 23 نومبر 1855 | ||||||||||||||||||||||||||||||
| آسٽريليا جو وفاق ۾ شموليت | 1 جنوري 1901 | ||||||||||||||||||||||||||||||
| آسٽريليا ايڪٽ 1986ع | 3 مارچ 1986 | ||||||||||||||||||||||||||||||
| گاديءَ جو هنڌ | ميلبورن | ||||||||||||||||||||||||||||||
| وڏي ۾ وڏو شھر | ميلبورن | ||||||||||||||||||||||||||||||
| ڪائونٽيون | 37 | ||||||||||||||||||||||||||||||
| حڪومت | |||||||||||||||||||||||||||||||
| • طرز | آئيني بادشاهت | ||||||||||||||||||||||||||||||
| • باڊي | وڪٽوريا جي رياستي حڪومت | ||||||||||||||||||||||||||||||
| • گورنر | لنڊا ڊيسائو | ||||||||||||||||||||||||||||||
| • پريميئر | ڊينيئل اينڊريوس (ليبر پارٽي(وڪٽوريا واري شاخ) | ||||||||||||||||||||||||||||||
| مقننه | وڪٽوريا جي پارليامينٽ
ليجسليٽو ڪائونسل 40 seats ليجسليٽو اسيمبلي 88 seats | ||||||||||||||||||||||||||||||
| عدليه | |||||||||||||||||||||||||||||||
| وفاقي نمائندگي | آسٽريليا جي پارليامينٽ
| ||||||||||||||||||||||||||||||
| ايراضي | |||||||||||||||||||||||||||||||
| • ڪل | 237,659 چورس ڪلوميٽر (91,761 چورس ميل) | ||||||||||||||||||||||||||||||
| • زمين | 227,436 چورس ڪلوميٽر (87,814 چورس ميل) | ||||||||||||||||||||||||||||||
| • پاڻي | 10,213 چورس ڪلوميٽر (3,943 چورس ميل) | ||||||||||||||||||||||||||||||
| ايراضي درجو | 6th | ||||||||||||||||||||||||||||||
| آبادي (مارچ 2020)[1] | |||||||||||||||||||||||||||||||
| • ڪل | 6689377 | ||||||||||||||||||||||||||||||
| • درجو | 2nd | ||||||||||||||||||||||||||||||
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر | ||||||||||||||||||||||||||||||
| • ڪثافتي درجو | 2nd | ||||||||||||||||||||||||||||||
| رهاڪو نالو | وڪٽوريائي يا وڪٽورين | ||||||||||||||||||||||||||||||
| وقتي علائقو | UTC+10:00 (AEST) | ||||||||||||||||||||||||||||||
| • اونهارو (ر.ب.و) | UTC+11:00 (AEDT) | ||||||||||||||||||||||||||||||
| پوسٽل ڪوڊ | VIC | ||||||||||||||||||||||||||||||
| آء ايس او 3166 ڪوڊ | AU-VIC | ||||||||||||||||||||||||||||||
| جي ايس پي سال | 2018–19 | ||||||||||||||||||||||||||||||
| گراس اسٽيٽ پراڊڪٽ (ڪروڙ آسٽريلين ڊالر) | $44607.9[2] (2nd) | ||||||||||||||||||||||||||||||
| جي ايس پي في ڪس | $68,350 (6th) | ||||||||||||||||||||||||||||||
| ويب سائيٽ | www | ||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||
'وڪٽوريا(انگريزي: Victoria ) مختصرن : Vic
آسٽريليا جي ھڪ فيڊريٽيڊ رياست آھي جيڪا ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي جتي جو سياسي نظام پارلياماني، آئيني بادشاهت وارو آھي. اھا آسٽريليا جي ٻيون نمبر ننڍڙي رياست آھي جنھن جي پکيڙ 237,659 چورس ڪلوميٽر (91,761 چورس ميل) آھي. ننڍي ھجڻ سبب اھا آسٽريليا جي سڀ کان وڌيڪَ گھاٽي آبادي وارو رياست آھي. ان جي في چورس ڪلوميٽر ۾ 26.56 ماڻھو رھن ٿا. سن جون حدون اتر ۾ نيو سائوٿ ويلز، اولھ ۾ سائوٿ آسٽريليا سان ملن ٿيون. ان جي ڏکڻ م بيس وارو سامونڊي لنگھ، ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ڏکڻ وڏو سمنڊ بواقع آهي[note 1] وڪٽوريا رياست جي آبادي اٽڪل 65 لک آھي. وڪٽوريا جي گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر ميلبورن آھي. ان شھر جي ميٽروپوليٽن کي گريٽر ميلبورن سڏين ٿا جيڪو رياست جي آبادي جو وڏو مرڪز آهي جتي سموري آبادي جا ٽي حصا رھندڙ آھن. ميلبورن شھر آسٽريليا جو سڊني کانپوءِ. ٻيون نمبر وڏو شهر آهي. ميلبورن کان علاوه وڪٽوريا جا ٻيا مشھور شھر جيلانگ(جيڪو بندرگاھ وارو شھر آھي)، بَيلَرَيٽ ۽ بِنڊِگَو شامل آھن[6] وڪٽوريا کوڙ ابارجينل گروھن جي ماڻھن جو وطن پڻ آهي جن ۾ ڪُولِن ماڻھو نمايان آھن,[7] ٻين ابارجينل ماڻھن م بُونوُرُونگ، بَرَاٽَئَولُنگ ، جَاجَاوُرُونگ ، گُنَائي، گُندِتجَمَارا تَونگرَونگ، وَٿَرَونگ ، وُرُوندجَيري ۽ يَورٽَا شامل آهن. يورپي نوآبادڪاري کان اڳ ھن رياست ۾ 30 کان وڌيڪَ ابارجينل ٻوليون ڳالهايون وينديون ھيون. شروع ۾ وڪٽوريا نيو سائوٿ ويلز رياست جو حصو ھئي ۽ 1803ع ۾ ھتي پھرين ڪالوني سَلِوَين اپسمنڊ جي ڪناري تي ٺاھي وئي. 1851ع ۾ ھن سرزمين کي نيو سائوٿ ويلز کان ڌار ڪري راڻي وڪٽوريا جي نالي سان ھڪ الڳ شاھي ڪالوني ٺاھي وئي ۽ 1855ع ۾ ان جي الڳ حڪومت جو آغاز ٿيو[8] ھن رياست مان سون جي دريافت ھتان جي آبادي ۾ اضافو آندو. 1901 ۾ ھي رياست آسٽريليا جي وفاق جو حصو ٿي وئي. ھن رياست جو شھر ميلبورن آسٽريليا جو گاديءَ جو هنڌ ٿي ويو ۽ بعد م 1927ع ۾ ڪينبرا شھر ٺھڻ بعد گادي جو هنڌ نئين شھر منتقل ٿي ويو. آسٽريليا جي پارليامينٽ جي مٿئين ايوان ۾ ھن رياست کي 12 ۽ ھيٺين ايوان ۾ 38 سيٽن جي نمائندگي مليل آهي. وڪٽوريا رياست جي پنھنجي پارليامينٽ ٻہ ايواني آھي جن م وڪٽوريا جي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ وڪٽوريا جي ليجسليٽو اسيمبلي شامل آهن. 2014 ۾ ھن رياست جو پريميئر ڊينيئل اينڊريوس چونڊجي آيو جنھن جي تعلق ليبر پارٽي سان آهي. رياست جو گورنر برطانوي ملڪه جو شاھي نمائندو ھوندو آھي. رياست ۾ 79 مڪاني حڪومت واريون ڪائونسلون آهن.



1975ع ۾ ھن رياست ۾ نئون آئين نافذ ڪيو ويو[9] جيڪو درحقيقت 1855ع واري ڪالوني واري برطانوي پارليامينٽ جي منظور ڪيل آئين جي طرزِ تي جوڙيل آهي.


ھن رياست جي سڀ کان پراڻي ۽ عالمي معيار واري يونيورسٽي ميلبورن يونيورسٽي آھي جيڪا 1855ع ۾ قائم ٿي. رياست ۾ 9 يونيورسٽيون واقع آھن جن مان مونئش يونيورسٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي آهي جنھن م 83000 شاگرد تعليم پرائن ٿا[10]. 2018ع ۾ وڪٽوريا جي يونيورسٽين ۾ شاگردن جو تعداد 418,447 ھيو ۽ 2019ع ۾ ان تعداد ۾ 5.3 سيڪڙو اضافو ٿيو[10] [11][12] آسٽريليا ۾ نيو سائوٿ ويلز رياست کان پوء ٻيون نمبر وڏي معيشت ھن رياست جي آھي. معيشت ۾ ماليات ۽ انشورنس رياست جي آمدني ۾ سڀ کان وڌيڪَ حصو ڏيندڙ شعبا آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "National, state and territory population – March 2020". Australian Bureau of Statistics. 24 September 2020. 24 September 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "5220.0 – Australian National Accounts: State Accounts, 2018–19". Australian Bureau of Statistics. 15 November 2019. 20 November 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Floral Emblem of Victoria". anbg.gov.auhi. 26 March 2008 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Victorian Symbols and Emblems". Department of Premier and Cabinet. اصل نسخو مان 8 May 2013 تي محفوظ ڪيل. 11 May 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Victoria". Parliament@Work. 22 January 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2019-06-22 تي محفوظ ڪيل, 2020-10-10 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Archived copy" (PDF). اصل نسخو (PDF) مان 12 February 2018 تي محفوظ ڪيل. 11 February 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: archived copy as title (ڳنڍڻو) - ↑ Victoria's Parliamentary History (Parliament of Victoria website) آرڪائيو ڪيا ويا 9 March 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ "CONSTITUTION ACT 1975". Austlii.edu.au. 17 July 2016 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "Higher Education Statistics". uCube. Department of Education and Training. 20 November 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "TAFE governance". Department of Education and Training. 22 November 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Carey, Adam (31 October 2019). "State puts training wheels in motion with vocational education review". The Age (انگريزي ۾). 22 November 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Due to a previous surveying error, Victoria and Tasmania share a land border on Boundary Islet. At 85 m (93 yd) in length, the border is the smallest between any two Australian states or territories.
<ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="note"/> نہ مليو- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Pages using embedded infobox templates with the title parameter
- CS1 errors: unsupported parameter
- CS1 maint: archived copy as title
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- وڪٽوريا
- آسٽريليا جون رياستون
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا