مواد ڏانھن هلو

ڏکڻ آسٽريليا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سائوٿ آسٽريليا کان چوريل)
سائوٿ آسٽريليا
رياست
سائوٿ آسٽريليا
پرچم
سائوٿ آسٽريليا
قومی نشان
عرفیت: شادياني واري رياست
شراب واري رياست
آسٽريليا ۾ ڏکڻ آسٽريليا نمايان ڏيکاريل
آسٽريليا ۾ ڏکڻ آسٽريليا نمايان ڏيکاريل
متناسقات: 30°S 135°E / 30°S 135°E / -30; 135
ملت  آسٽريليا
رياست ڏکڻ آسٽريليا
صوبائي حيثيت حق محفوظ وارو دستاويز 19 فيبروري 1836
ڪالوني جي حڪومت جي شروعات 28 ڊسمبر 1836
رياست جي حڪومت جو قيام 22اپريل 1857
آسٽريليا جو وفاق 1901
آسٽريليا جو ايڪٽ 1986 3 مارچ 1986
گادي جو هنڌ ايڊيليڊ
وڏي ۾ وڏو شھر ايڊيليڊ
ڪائونٽيون 49 ڪائونٽيون
حڪومت
  قسم آئيني بادشاهت
  مجلس ڏکڻ آسٽريليا جي حڪومت
  گورنر ھَييُو وَان لِي
  پريميئر اِسٽِيوِن مَارشَل (لبرل پارٽي، آسٽريليا سائوٿ آسٽريليا واري شاخ)
پکيڙ
  ڪل 1,043,514 ڪ.م2 (402,903 ميل2)
  زمینی 983,482 ڪ.م2 (379,725 ميل2)
  پاڻي 60,032 ڪ.م2 (23,178 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 4th
بلند ترین  پیمائش (مائونٽ ووڊروف) 1,435 ميل (4,708 ft)
پست ترین  پیمائش (ايئر ڍنڍ) −16 ميل (−52 ft)
آبادي (مارچ 2020)[1]
  ڪل 1,767,247

government_blank3_titleڏکڻ آسٽريلياgovernment_blank2_titleڏکڻ آسٽريلياmoduleڏکڻ آسٽريلياgovernment_blank1ڏکڻ آسٽريلياgovernment_blank1_titleڏکڻ آسٽريلياgovernment_blank2ڏکڻ آسٽريلياgovernment_blank3ڏکڻ آسٽريليا

ڏکڻ آسٽريليا (South Australia) آسٽريليا جي ھڪ رياست آهي، جيڪا آسٽريليا جي وفاق ۾ شامل آھي جنھن ڪري ان کي فيڊريٽيڊ رياست پڻ چوندا آهن. اھا رياست آسٽريليا جي وچ ۽ ڏکڻ وارو حصي تي مشتمل آهي. آسٽريليا جو سڀ کان وڏو بنجر علائقو ھن رياست ۾ واقع آهي. ڏکڻ آسٽريليا جي پکيڙ 983482 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ اھا آسٽريليا جي پکيڙ ۾ چوٿين وڏي ۽ آبادي ۾ پنجين وڏي رياست آهي. رياست جي ڪل آبادي 17,60,000 آھي، جن جو 77 سيڪڙو گاديءَ واري شھر ايڊيليڊ ۾ رھندو آھي، جيڪو ھن رياست جو سڀ کان وڏو شھر آھي.[1] رياست جو ٻيون نمبر وڏو شهر مائونٽ گيمبيئر آھي، جن جي آبادي 28,684 آهي. ھن رياست جون حدون اولھه ۾ اولھ آسٽريليا، اتر ۾ نادرن ٽيريٽري، اتر اوڀر ۾ ڪوئينزلينڊ، اوڀر ۾ نيو سائوٿ ويلز ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ وڪٽوريا سان ملن ٿيون. رياست جي ڏکڻ ۾ گريٽ آسٽريلين اپسمنڊ واقع آهي.

سائوٿ آسٽريليا جو پارليامينٽ ھائوس جيڪو ايڊيليڊ ۾ واقع آهي

سائوٿ آسٽريليا جو گورنر، برطانيا جي آئيني بادشاهه، فلپ ٽئي جو نمائندو ھوندو آھي.[2] ڏکڻ آسٽريليا دولت مشترڪه آسٽريليا جي رڪن رياست آهي. ھن رياست جي پارليامينٽ ٻہ ايواني آھن جن ۾ ھڪ ھيٺيون ايوان: سائوٿ آسٽريلين اسيمبلي ھائوس؛ ۽ ٻيون مٿيون ايوان: سائوٿ آسٽريلين ليجسليٽو اسيمبلي شامل آهن. پارليامينٽ لاء چونڊ ھر چوٿين سال ٿيندي آهي. گذريل چونڊ 2018ع ۾ ٿي ھئي.

پارليامينٽ جي پراڻي عمارت 1872ع ۾
سائوٿ آسٽريليا جي پارليامينٽ جي جوڙجڪ
پارٽي اسيمبلي ھائوس ليجسليٽو ڪائونسل
لبرل پارٽي (سائوٿ آسٽريليائي شاخ) 24 8
ليبر پارٽي (سائوٿ آسٽريليائي شاخ) 19 8
ايس اي بيسٽ 0 2
گرينس 0 2
آزاد 4 1
ايڊوانس سائوٿ آسٽريليا 0 1
ڪل 47 22
ذريعو: انتخابي ڪميشن سائوٿ آسٽريليا

1896ع ۾ ڪالوني واري دؤر ۾ ڏکڻ آسٽريليا آسٽريليا جو پھريون ۽ دنيا اندر نيوزيلينڊ بعد ٻيو نمبر علائقو ھيو جتي عام چونڊن ۾ عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو[3] 1887ع کان ھيٺيون ايوان تہ عوام جي ووٽن سان چونڊيو ويندو ھو پر مٿئين ايوان جي چونڊ جي لاء ووٽ جو حق صرف ملڪيت وارن شھرين کي ھو آخرڪار 1973ع ۾ آسٽريليا جي ليبر پارٽي جي ڊان ڊنسٽن جي حڪومت سڌارا آڻي ووٽر لاء ملڪيت ھجڻ جو شرط ختم ڪري ڇڏيو ۽ ان ايوان جي اميدوارن جي چونڊ لاء سموري رياست جي ھڪ تڪ مان ٿيل چونڊ مان متناسب نمائندگي ذريعي ايوان جو چونڊ جو طريقو اختيار ڪيو ويو[4]. ڏکڻ آسٽريليا جو لوڪل گورنمينٽ وارو نظام 74 مڪاني ڪائونسلن تي مشتمل آهي جيڪي سائوٿ آسٽريليا جي پارليامينٽ طرفان نافذ ٿيل فرض سرانجام ڏينديون آهن جن ۾ روڊن جو انفراسٽرڪچر ۽ ڪچري جي شھرن مان نيڪال جا ڪم شامل آهن. ڪائونسلن جي آمدني ملڪيتن تي ٽيڪس ۽ حڪومتي گرانٽن تي مشتمل ھوندي آھي.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 "National, state and territory population – March 2020", Australian Bureau of Statistics, 24 September 2020, حاصل ڪيل 24 September 2020۔
  2. سانچو:Cite AustLII.
  3. "Women's Suffrage Petition 1894: parliament.sa.gov.au", اصل کان 29 March 2011 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 17 جولاءِ 2016۔
  4. Dunstan, Don (1981). Felicia: The political memoirs of Don Dunstan. Griffin Press Limited. pp. 214–215. ISBN 0-333-33815-4.