وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 33
ڏيک
- ... تہ ايمپيڊوڪليز (تصوير) جي نظريي مطابق ھر شئي چار پاڙن، مٽي، ھوا، پاڻي ۽ باھ جي ٺھيل آھي.
- ... تہ علم عروض شاعري ۾ موسيقي آڌارڻ جو جو علم آهي، جنھن جو باني خليل بن احمد عروضي ھو.
- ... تہ حيدرآباد جي شاهي بازار 17 هين صديءَ ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ قائم ٿي. مٿس نالو شاهي دروازي جي سامهون هئڻ ڪري پيو هو.
- ... تہ ڪارو ڪڇو گينگ ڏواھارين جي منظم گروھن کي چيو ويندو آهي، جيڪي هندوستاني پنجاب ۾ ڪارا ڪڇا يا پوليس جون ورديون پائيندا آھن ۽ پنھنجي جسم تي گريس مليندا آھن.
- ... تہ آمنه جروار سڀ کان ننڍي عمر ۾ شاهه جي رسالي کي حفظ ڪيو.