وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2020/هفتو 07

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇا توھان کي خبر آهي...

فيبروري 2020[سنواريو]

  • 00:00,February 2020 (UTC)
نر ببر شينهن
نر ببر شينهن


 • … جهنگ ۾ نر ببر شينهن ڪنهن مهل رڳو ڏهہ کان چوڏهن سال جيئرو رهي سگهندو آهي ڇو تہ مخالف نر شينهنَ سان سندس مقابلو ٿيندو رهندو آهي، تنهنڪري گهايل ٿيڻ سان سندس عمر جي گنجائش گهٽ ئي رهندي آهي.
 • … قرآن ڪريم جي سنڌي تشريح ڪندڙ مخدوم محمد هاشم ٺٺوي، شاهه جو رسالو جي سنڌي صوفي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ تحفۃ الڪرام جو ليکڪ علي شير قانع ٺٺوي ساڳئي زماني جا ماڻهو هيا.
 • … اڄ کان لڳ ڀڳ 3 ارب 80 ڪروڙ ورهيا اڳ، مريخ جي فضا گهڻي گدلي ۽ گرميءَ جو درجو گهڻي بُلند هئي جنهن سبب سطح تي پاڻي جي وسيع مقدار موجود هئي.
 • … مالاڪنڊ گهيرو ونسٽن چرچل جي زندگي جي پهرئين اصلي لڙائي هئي، ان واقعي کي هن روزاني ٽيلي گراف جي مختلف ڇاپن ۾ سلسليوار بيان ڪيو، جنهن تي کيس هر مضمون لاءِ 5 پائونڊ اسٽرلنگ ملندا هيا ؛ انهن مضمونن کي پوءِ سهيڙي هڪ ڪتاب مالاڪنڊ جي زميني فوج جي ڪهاڻي واري شڪل ۾ ڇاپيو ويو ۽ انهيءَ سان چرچل جي سياسي ۽ ادبي زندگي جي شروعات ٿي.