وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2018/مهينو آڪٽوبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عرب اسرائيل جنگ 1948 جنھن کي جنگ آزادي يا پھرين عرب اسرائيل جنگ سڏيندا آهن، اسرائيل جي نالي نئين قائم ٿيل رياست ۽ عرب ملڪن جي فوجي اتحاد جي وچ ۾ لڳل جنگ جو نالو آهي، جيڪا برطانيه جي ٻي مھاڀاري جنگ کانپوءِ نگراني ۾ آيل برطانوي فلسطين جي علائقي تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ لڳي ھئي. 1917ع ۾ بالفور واري اعلان ۽ 1920ع ۾ برطانوي مينڊيٽ واري فلسطين جي قيام کان پوءِ يھودين ۽ عربن وچ ۾ ھلندڙ دٻاءُ واري حالت، تڪرار جي صورت اختيار ڪئي. 1936ع کان 1939ع جي وچ تائين ھلندڙ مخالفت، فلسطين ۾ عرب انقلاب کي جنم ڏنو ۽ وري 1944ع کان 1947ع تائي ھلندڙ يھودين جي مخالفت وري يھودي بغاوت کي جنم ڏنو. اسرائيل جي خودمختياري جي اعلان کانپوءِ مصر، اردن، شام ۽ عراق جون فوجون فلسطين ۾ داخل ٿي ويون. انھن مان اردن 2 مئي تي اسرائيل سان ڳالھيون ڪري جنگ کان پاسو ڪرڻ جو واعدو ڪيو ھو. جنگ جي نتيجي ۾ اسرائيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد نمبر 181 موجب فلسطين جي تقسيم جي منصوبي تحت کيس مليل علائقي کان سواءِ فلسطيني رياست جي بہ 60 سيڪڙو حصي تي قابض ٿي ويو.