وڪيپيڊيا:پنج ٿنڀ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

وڪيپيڊيا جون تمام هدايتون ۽ حڪمت عمليون پنچ بنیادن تي ٻڌل آهن، هيٺ انهن پنجن بنيادن جو تعارف ۽ وضاحت پيش ڪئي وئي آهي۔

Blue pillar وڪيپيڊيا هڪ کليل ڄاڻ چيڪلو آهي۔ جت معلومات ڪتابن ۽ رسالن جا حوالا وٺي پيش ڪيا وينو آهي، هتي اصل تحقيق پيش ڪرڻ جي اجازت بلڪل ناهي. هتي جيڪو مواد شايع ڪيو وڃي اهو قابل تصديق حوالن تي ٻڌل هجي. ان لاءِ جيڪو مواد قابل تصديق حوالن تي ٻڌل نه هجي ان کي ڍاٺو ويندو. وڪيپيڊيا پنهنجي خيالن يا نظرين کي بيان ڪرڻ جي جڳهه ناهي نه ئي ڪو سياسي ممبر، انارڪي يا جمهوريت لاءِ تجربه گاهه آهي. هتي حوالن جو وڌ مان وڌ خيال رکيو ويندو آهي ۽ ان فروغ تي ڪم ڪيو ويندو آهي.
 
Green pillar وڪيپيڊيا ۾ غير جانبدار نقطي نظر اختيار ڪئي ويندي آهي۔ اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته سڀني مضمونن ۾ معتدل نقطي نظر اختيار ڪيو وڃي، فرقا وراڻي، متعصب ۽ جانبداراڻو نقطي نظر کان پاسو ڪيو وڃي، تنهنڪري ان ڪوشش ۾ حقيقتن جو منهن نه چٿيو وڃي۔ ڪنهن مهل مضمون جي متعلق انيڪ نقطا نظر موجود هوندي آهي ۽ معلومات جي فراهمي جي غرض سان انهن کي بيان ڪرڻ ضروري هوندو آهي، اهڙي صورت ۾ تمام نقطا نظر کي بيان ڪري ڇڏيو ويندو آهي، پر صحيح ۽ غلط جو فيصلو ناهي ڪيو ويندو ۽ نہ ئي ڪنهن جي حق ۾ راءِ ڏني ويندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن مضمون جي مواد تي ان طرح جا اختلافي بحث ڇيڙي وڃي ته صفحي ۾ {{[[سانچو:مشڪوڪ|مشڪوڪ]]}} چسپايو ويندو آهي ۽ تفصيل بحث صفحوتي رکيا ويندا آهن، پوءِ تڪرار جو حل جون هدايتن جي پيروي ڪئي ويندي آهي۔
 
Yellow pillar ڪاپي رائٽ وڪيپيڊيا کليل مواد ڄاڻ چيڪلو (انسائيڪلوپيڊيا) آهي، جنهنکي هر هڪ استعمال، ترميم، سنواري، اصلاح ۽ ورهائي سگهي ٿو۔ هتي شائع ٿيل مواد جي اين يو عمومی اجازت نامو جي تحت تصور ڪيو وڃي ٿو، اهڙي ريت هتي موجود مضمونن ۾ ۽ ٻيا مواد ڪنهن جي ملڪيت ناهي پر ان ۾ ڪنهن به وقت ڪوئي به ماڻهو بي رحميءَ سان ترميم ۽ تقسيم ڪري سگهي ٿو۔ مهرباني ڪري حق نسخو کي پامال نہ ڪريو، ادبي ليک چوري کان پاسو ڪريو ۽ نہ اهڙو ڪوئي مواد پيش ڪريو جيڪو جي اين يو عمومي اجازت نامو کان هٽي ڪري هجي۔
 
Orange pillar تمام واپرائيندڙ پاڻ ۾ گڏيل احترام ۽ شائستگيءَ کي برقرار رکن۔ تمام واپرائيندڙ هڪٻئي جي وچ ۾ گڏيل عزت سان پيش اچن جيتوڻيڪ فڪر ۽ نظرئي ۾ اختلاف هجي؛ ادب سان پيش اچو، ذاتي حملن کان پاسو ڪريو، پاڻ ۾ اختلاف ۽ انتشار جي جڳه تي گڏيل اتفاق جي فضا قائم ڪريو؛ ان ڳاله کي ذهن ۾ رکو ته سنڌي وڪيپيڊيا ۾ 12,561 مضمون آهن جن جي درستي، وڪيپيڊيا (انسائيڪلوپيڊيائي) معيار ۽ اصلاح جو ڪم وڌيڪ اهم آهي۔ هر معاملي ۾ نيڪ نيت ۽ شائستگي کي قائم رکو، بي جا اختلاف ۽ تنقيد کان پاسو ڪريو، اهڙِي ريت نوان واپرائيندڙن کي ڀلي ڪري آيا چئو۔
 
Red pillar وڪيپيڊيا جي اصول ۽ قانون تغير پذير آهن۔ انهن پنجن اصولن کانسواءِ وڪيپيڊيا جا ٻيا قانون ترقي پذير آهن، انهن کي حرف آخر نہ سمجھيو وڃي، وقت ۽ حالتن سان گڏ انهن اصولن ۾ ترميم ۽ تبديليءَ جي گنجائش موجود آهي۔ تنهنڪري وڪيپيڊيا ۾ جرئت ۽ آزاديءَ سان ڪم ڪريو، پر غير محتاط رويو کان پرهيز ڪريو. مضمون جي تمام اڳوڻي نسخي تاريخچو (سوانح) ۾ محفوظ هوندا آهن، تنهنڪري مضمونن ۾ ترميم ۽ ليک يا تحرير جي دوران اهڙيون غلطيون نه ڪريو جيڪي ٻين فردن جي لاءِ تڪليف ۽ اذيت جو ڪارڻ هجي ۽ انهن کي درست نہ ڪري سگهجي.