وڪيپيڊيا:دستخط

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هي صفحو سنڌي وڪيپيڊيا تي هدايت نامو سمجهيو ويندو آهي۔ ۽ ان تي سڀني منتظمين جو اتفاق آهي، اهڙي ريت هي تمام يوزرن جي لاءِ پيروي ڪرڻ جو واجب معيار آهي۔ تنهنڪري انهن هدايتن تي عمل ڪندي ہوش وخرد جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي، ان لاءِ ته هيءَ هدايت حرف آخر ناهي۔ هيءَ ڳالهه پڻ ذهن ۾ رهي ته هنن هدايتن سان ڪڏهن ڪڏهن استثناء پڻ ممڪن آهي۔ توهان هن صفحي ۾ ترميم ڪري سگهو ٿا، پر خيال رهي ته توهان جي ڪا به ترميم ڪنهن اتفاق راءِ جي خلاف نہ هجي۔ جيڪڏهن ڪنهن قسم جو شڪ هجي ته بحث صفحي تي مشورو ڪرڻ فرمائيو۔


تبادلهءِ خيال صفحن ۾ تبصرا يا پيغام درج ڪرڻ کانپوءِپنهنجو دستخط ڪرڻ بهتر بلڪه هڪ طرح کان ضروري آهي،ان سان ٻين صارفين کي هڪ نظر۾ خبر پئجي سگهندي آهي ته تبصرو يا پيغام ڪهڙي صارف پاران ڪيو ويو آهي۔پوءِ ٻيا صارفين (يوزر) ان پيغام يا تبصري جو جواب مبصر يا پيغامبر جي بحث صفحي (تبالهءِ خيال صفحي) تي (اگرضرورت محسوس ڪري) ڏئي سگهي ٿو۔ ڪنهن به اجتماعي ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه هڪ لازمي امر آهي، ڇو ته ان سان صارفين جو هڪٻئي سان رابطو رهندو آهي۽ ڪنهن به ڪم جي اهميت ۽ ان جي ڪارگذاري جو علم ٿيندو رهندو آهي۔

تنهن باوجود ان ڳالهه جو خيال رهي ته مضمونن ۾ ڪنهن به قسم جي تحرير درج ڪرڻ کانپوءِ دستخط نه ڪئي وڃي، ڇو ته وڪيپيڊيا ۾ مضمون نويسي هڪ اجتماعي ڪم آهي ۽ ان ۾ سڀن جو حصو آهي۔

طريقو دستخط

تبادلهءِ خيال يا (بحث صفحن) تي پنهنجو پيغام درج ڪرڻ کانپوءِ هيٺ ڏنل طريقن منجهان ڪنهن به هڪ خريقي سان دستخط ڪريو:

  1. بغير قوسين جي هي (~~~) علامت درج ڪريو، ان جي ذريعي مندرج صارف (يوزر) جو نالو ۽ غير مندرج جي آءِ پي (انٽرنيٽ پروٽوڪول) ايڊريس درج ٿيندي۔
  2. بغير قوسين جي هي (~~~~) علامت درج ڪريو،ان جي ذريعي مندرج صارف (يوزر) جو نالو ۽ غير مندرج جي آءِ پي (انٽرنيٽ پروٽوڪول) ايڊريس درج ٿيندي، نيز ان سان گڏوگڏ وقت ۽ تاريخ پڻ درج ٿي ويندي۔
  3. خانه تحرير ۾موجود هن آئيڪون() يا () تي ڪلڪ ڪري به دستخط ڪري سگهجي ٿي۔

دستخط جي تدوين

تمام صارفين جي طئي شده دستخط (جيڪا MediaWiki:Signature ۾ موجودآهي) ان وقت ظاهر ٿيندي آهي جڏنهن ~~~~ تحرير ڪيو وڃي۔ طئي شده دستخط هن ريت نظر ايندي آهي:

مثال (بحث) 23:00, 18 مارچ 2024 (م ع و)