وڪيپيڊيا:وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو/2021

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گهر ميڊيا 2022 2021 2020 2019 2018 2017 2016 2015

وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو هڪ آنلائن ايڊٽ ٿان يعني ترميمي چٽاڀيٽي جي ڊوڙ آهي جنهن جو مقصد ايشيا جي وڪيپيڊيا برادرين جي وچ ۾ وڇوٽيءَ کي گھٽائڻ ۽ انهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ آهي.

اهڙو وڪيپيڊيا ڀاڱيدار جيڪو سمورين وڪيپيڊيائن منجهان سڀ کان وڌيڪ مضمون سرجيندو (تخليق ڪندو يا ڪندي) تنهن کي ”وڪيپيڊيا ايشيائي سَفير“ جي ايوارڊ يا سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويندو.

وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو وڪيپيڊيا جي ھڪ سالياڻي ڇٽاڀيٽي (مقابلو) آهي جنهن ۾ مخصوص ٻولين جي وڪيپيڊيا ۾ ايشيائي مواد کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو آھي. هر حصو وٺندڙ برادري (ڪميونٽي) پنھنجي وڪيپيڊيا تي هر نومبر ۾ هڪ مهيني لاءِ آن لائن توڙي آف لائن ترميمي ڊوڙ (ايڊٽ ٿان) ڪندي آھي تہ جيئن پنھنجي ملڪ کان الڳ ٻئي ڪنھن ايشيائي ملڪ جي موضوع بابت نوَن مضمونن جي رچنا (تخليق) ڪري سگھي يا اڳ کان موجود مضمونن کي سنواري بھتر بڻائي. ان ترميمي ڊوڙ ۾ ڀاڱيدار (حصو وٺندڙ) واپرائيندڙ رُڳو ايشيائي برادرين تائين محدود ناھين.

هن مقابلي جو پهريون ورجاءُ 2015 ۾ شروع ڪيو ويو ۽ هر سال مضمونن جو تعداد وڌيو آهي ۽ شرڪت ڪندڙن جي انيڪتا ۽ تعداد پڻ وڌيا آھن. گذريل پنجن سالن ۾، 2,900 کان وڌيڪ وڪيپيڊيا ايڊٽرن طرفان 60 کان وڌيڪ مخصوص وڪيپيڊيائن ۾ 37,500 کان مٿي اعليٰ معيار وارا مضمون شامل ڪيا ويا آهن.

وڪيپيڊيا ايشيائي برادري (ڪميونٽي) جي دوستي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ھڪ ڀاڱي طور، شرڪت ڪندڙ جيڪي گهٽ ۾ گهٽ چار مضمون (آرٽيڪل) ٺاھي وٺندا آهن سي هڪ ٻئي شرڪت ڪندڙ ڪميونٽي کان خاص وڪيپيڊيا پوسٽ ڪارڊ ماڻيندا آھن.

اچرج (حيرت) ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃو! توهانکي ڪڏهن بہ پَروڙ ناهي تہ ڪھڙي وڪي برادري (Wiki ڪميونٽي) توهان کي پوسٽ ڪارڊ موڪلڻ واري آھي! وڪيپيڊئن (وڪيپيڊيا واپرائيندڙ) جيڪي هر وڪيپيڊيا تي سڀ کان وڌيڪ مضمون آڻيندا آهن انهن کي "وڪيپيڊيا ايشيائي سفير" طور عزت (ايوارڊ/اعزاز) ڏنو ويندو آھي.

اصول

مختصر لفظن ۾: ايشيائي موضوعن تي اهڙا نوان مضمون جيڪي گهٽ ۾ گهٽ 3000 بائيٽس ۽ 300 لفظن تي ٻَڌل هُجن ۽ نومبر 1 2021 کان نومبر 30 2021 رات 12 وڳي تائين لکيا ويا هُجن.

ڄاڻايل قائدن جي تفصيل:

  • توهان پاران مضمون نئون/تازو جڙيل/لکيل هُجن (اڻپورو (ڪچو مضمون) کي وڌائڻ، سنوارڻ شامل ناهي) يعني جيڪي 1 نومبر 2021 0:00 بجي کان 30 نومبر 2021 23:59 (يوٽي سي) جي وچ ۾ لکيا ويا هجن.
  • مضمون گهٽ ۾ گهٽ 3،000 بائيٽ ۽ لڳ ڀڳ پورا 300 لفظن تي ٻَڌل هُجن. (انفو باڪس، ٽيمپليٽس وغيرہ مقدار ۾ نه ڳڻيا ويندا)
  • مضمون (آرٽيڪل) وڪيپيڊيا معروفيت واري اهليت جي معيار تي پورا لهندا هجن.
  • مضمون قابل ذڪر ايشيائي ملڪن جي موضوعن تي هُجن ۽ وڪيپيڊيا جي معيار مطابق هجن.
  • مضمون جي مواد يا متن ۾ مناسب معتبر حوالا (ريفرنسز) سميت هُجن ۽ مشڪوڪ تڪراري مواد کان هٽي ڪري لکيا ويا هجن ۽ قابل تصديق ڄاڻ يعني معلومات پٽاندڙ لکيل هُجن. مضمون ۾ مشڪوڪ يا تڪراري مواد جي توثيق لاڳاپيل مضمون جي درج حوالا تان هجڻ گهرجي. حوالا ڪيئن داخل ڪرڻ لاءِ ڏسو
  • مضمون مڪمل طور تي مشيني ترجمو ٿيل نه هجن، مشيني ترجمو ٿيل مضمون قابل قبول نه هوندا ۽ مناسب ڍنگ ۾ لکيل هجن. جيڪي مضمون مشيني ترجمو وسلي ٺاهيو ته انهن کي مناسبت ڪاپي ايڊٽ ڪريو.
  • مضمون ۾ ڪي به وڏا مسئلا (جهڙوڪ ڪاپي رائٽ جي ڀڃڪڙي،ٽيگ يا اهليت جا سوال وغيره) نہ ٿيل هجي.
    • ايڊيٽرز جيڪي ڪاپي رائٽ جي ڀڃڪڙي (خلاف ورزين) جا انيڪ واقعا پيش ڪندا، انهن کي سفير جو خطاب کَٽَڻ کان نااهل قرار ڏيئي سگهجي ٿو.
  • مضمون فهرست جي شڪل ۾ نه هجن.
    • نيارپ:اهڙيون فهرستون قابل قبول آهن جيڪي سهولت جي نيت سان بڻايون ويون هجن (هي اختيار رُڳو انهن وڪيپيڊيا تي لاڳو ٿئي ٿو جيڪي چونڊ فهرستن لاءِ هونديون آهن).
  • آرگنائيزر (ناظم) پاران لکيل مضمونن کي ٻين آرگنائيزرز (مقامي توڙي عالمي) پاران چڪاسيا ويندا.
  • هر ٻوليءَ جي وڪيپيڊيا وٽان جج (جيوري ميمبر) اهو اندازو لڳائيندا ته ڇا سندن ٻوليءَ جي وڪيپيڊيا واري رٿا (مقابلي) لاءِ ڪهڙو مضمون قبول آهي يا ناهي.
  • مضمون معلوماتي هُجن.
  • مضمون رُڳو ايشيائي مُلڪن ۽ علائقن جي لاڳاپيل موضوعن بابت لکيل هُجن (مضمون لکندڙ واپرائيندڙ ڀاڱيدار پنهنجي مُلڪ سان لاڳاپيل موضوعن تي مضمون نه ٿا لکي سگهن، مثال پاڪستاني واپرائيندڙ پاڪستان بابت مضمون نٿا لکي سگهن ان جي اجازت ناهي، پر پاڪستان کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ايشيائي ملڪ يا علائقي بابت مضمون لکي سگهجن ٿا)
  • جڏهن توهان 4 مضمون (آرٽيڪل) ٺاهيندا جيڪي مٿين قاعدن تي پورا لهندا، ته پوءِ توهان کي ايشيائي برادرين مان ڪنهن هڪ برادري پاران وام پوسٽ ڪارڊ ملندو، جيڪو توهان کي ٽپال يا اي ميل وسيلي ڊجيٽل سرٽيفڪيٽ موڪليو ويندو.
  • وڪيپيڊيا ايشيائي سفيرن کي لاڳاپيل ايشيائي برادرين پاران هڪ دستخط ٿيل سند (سرٽيفڪيٽ) ۽ هڪ اضافي پوسٽ ڪارڊ ملندو. وڌيڪ ڄاڻ لاءِ اڪثر پڇيا ويندڙ سوال ۽ جواب ڏسو.

ڌيان ۾ رکو:

  • پڇاڙيءَ ۾، مقامي جيوري رڪن اها پڪ ڪندو ته مضمون قبول آهي يا نه.
  • جڏهن توهان اهليت کي پورو ڪندڙ 4 مضمون لکيا هوندا، ته توهان کي ايشيائي برادري پاران وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو پوسٽ ڪارڊ ملندو.
  • وڪيپيڊيا ايشيائي سفير کي ايشيائي ايفليئيٽ پاران سائن ٿيل سرٽيفڪيٽ، ۽ هڪ واڌارو پوسٽ ڪارڊ ملندو. ڏسو س&ج وڌيڪ ڄاڻ لاءِ.

انتظاميا

درجيڪاري


پنهنجي مضمونن جي داخلا ڪيئن ڪريو

جيڪڏهن توهان پهرين نومبر 2021 کان 30 نومبر 2021 جي وچ ۾ ڪوبه مضمون سنڌي وڪيپيڊيا تي لکي ڇاپيو آهي، جيڪو ايشيا کنڊ سان لاڳاپيل ڪنهن به موضوع تي لکيل آهي، ان جو مقدار (وزن) 3000 بائيٽ آهي ۽ 300 لفظ آهي ۽ ان ۾ حوالا ۽ ڄاڻخانو (انفوباڪس) کانسواءِ 300 لفظ (گهٽ ۾ گهٽ حد) ته توهان هتي ٺِڙڪ يا ڪلڪ ڪريو ۽ سبمٽ (جمع) submit تي ٺِڙڪ يا ڪلڪ ڪري پنهنجو مضمون (جنهن واپرائيندڙ مضمون شروع ڪيو، صرف اهو ئي داخلا ڪري سگهي ٿو ٻئي ڪنهن جو مضمون توهان جي نالي سان، يا توهان جو مضمون ڪنهن ٻئي واپرائيندڙ جي نالي سان هتي درج نه ٿي سگهندو) جو نالو لکو ۽ اڳيون يا نيڪسٽ تي ڪلڪ ڪريو، جيڪڏهن توهان جو مضمون ڄاڻايل شرطن ۽ اصولن تي پورو لهندو، تڏهن ئي نيڪسٽ تي ڪلڪ ڪري سگهندا. اهڙي ريت توهان جي مضمون جي داخلا ٿي ويندي.


مضمونن جي داخلا ڪريو

ڇا توهان ايشيائي مهيني لاءِ سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀاڱيدار طور شامل ٿيا آهيو؟ مضمونن جي بحث صفحن ۾ {{WAM talk 2021}} شامل ڪريو، ۽ پنھنجون ڀاڱيداريون يا مضمون فائونٽين ٽول ذريعي جمع ڪرايو.

جيڪڏهن توهان کي فائونٽين ڏانهن مضمون جمع ڪرائڻ ۾ مسئلو ٿي رهيو آهي، ته مهرباني ڪري پنهنجي مسئلي جي تقريب جي ڳالهين واري صفحي تي رپورٽ ڪريو ۽ پوءِ ٻيهر ڪوشش ڪريو. جيڪڏهن توهان کي اڃا تائين مسئلا ٿي رهيا هجن، ته توهان پنهنجي ڀاڱيدارين جي رپورٽ يا مضمونن کي جمع ڪرائڻ لاءِ هتي ڪري سگهو ٿا.


گذريل ڇاپا(ايڊيشنز)