وڪيپيڊيا:وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو/2018

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گهر ميڊيا 2022 2021 2020 2019 2018 2017 2016 2015
وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو، 2018ع

'وڪيپيڊيا ايشيائي مهينو، هڪ ساليانو مقابلو آهي جنهن جو مقصد وڪيپيڊيا جي مختلف ٻولين ۾ ايشِيا جي حوالي سان مواد ۾ واڌارو ڪرڻ آهي. هي مقابلو هر سال نومبر ۾ ٿيندو آهي، جتي شموليت ڪندڙ پنهنجي ٻولي ۾ ايشيائي عنوانن وارا مواد لکن ٿا يا وري اڳي کان موجود مضمونن کي سنوارين ٿا، هي مقابلو صرف ايشيائي برادري تائين محدود ناهي.

هي مقابلي جي شروعات 2015ع تي ٿي، هر سال ايشيا جي حوالي سان ڪيترائي مضمون لکيا وڃن ٿا ۽ اڳ لکيل مضمونن کي بهتر بڻايو وڃي ٿو. گذريل ٽن سالن ۾ 2 هزار واپرائيندڙن طرفان ايشيا جي حوالي سان وڪيپيڊيا جي مختلف ٻولين ۾ 20 هزار مضمون لکيا ويا آهن.

هن مقابلي جو مقصد ايشيائي برادري جي وچ ۾ دوستي ۽ ثقافتي مٽا سٽا شامل آهي، جڏهن ڪو شموليت ڪندڙ 4 مضمون جوڙي ٿو ته اهو ٻي برادري طرفان هڪ پوسٽ ڪارڊ وصول ڪندو.

اچرج ۾ پئجي وڃڻ لاءِ تيار ٿي وڃو! اوهان کي خبر نه هوندي ته ڪهڙي وڪي اوهان کي پوسٽ ڪارڊ موڪلي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن به وڪي ۾ ڪير وڌيڪ مضمون لکي ٿو ته ان کي وڪيپيڊيا ايشيائي سفير جو اعزار ڏنو ويندو.

ذيلي مقابلا

فلحال ڪو به ناهي

قاعدا

خلاصو: ايشيا (ماڻو، جاءِ، ثقافت، وغيره) جي متعلق 3000 بائيٽس ۽ گھٽ ۾ گھٽ 300 اکرن تي مشمل مضمون هجي، فهرستن وارا مضمون قابل قبول ناهن، مضمون صرف نومبر مهيني تائين لکي سگھجن ٿا.

  • هي مقابلو 1 نومبر 2018ع کان 30 نومبر 2018 تائين جاري رهندو.
  • مضمون تازا لکيل هجن يعني جيڪي 1 نومبر 2018 0:00ء کان 30 نومبر 2018 23:59 بجي جي وچ ۾ لکيا ويا هجن.
  • مضمون جي سائيز 3 هزار بائيٽس تي مشتمل هجي جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 300 لفظ شامل هجن.
  • مضمون قابل ذڪر موضوعن تي هجن ۽ معياري هجن.
  • مضمون معروفيت جي معيار تي پورو لهندڙ هجي.
  • مضمون ۾ قابل تصديق حوالا هجن.
  • مضمون ڪنهن مشيني ترجمي ذريعي تخليق نه ڪيل هجي.
  • مضمون ۾ حق ۽ وسطن توڙي معروفيت جي ڪا خامي نه هجي.
  • مضمون فهرست تي مشتمل نه هجي.
  • مضمون ڄاڻ مهيا ڪندڙ هجي.
  • پاڪستان سان لاڳاپيل موضوعن کانسواءِ ڪو به مضمون جيڪو ايشِائي خطي سان واسطو رکي قابل قبول هوندو.
  • مضمون صرف ايشيائي ملڪن ۽ علائقن سميت انهن ملڪن جي لاڳاپيل موضوعن تي لکيل هجن (مضمون نويس واپرائيندڙ پنهنجي ملڪ سان لاڳاپيل موضوعن تي مضمون نه لکي، جيئن پاڪستاني وڪيپيڊيا واپرائيندڙ پاڪستان سان لاڳاپيل موضوعن تي مضمون نه لکن).
  • جيڪڏهن مضمون ڪو منتظيمن يا منعقد ڪندڙ لکي ٿو ته ان کي ڪو ٻيو چيڪ ڪندو.
  • جج اهو فيصلو ڪندا ته سندس ٻولي ۾ اهو مضمون قابل قبول آهي يا نه.
  • اوهان چار مضمون لکندو ته ڪنهن ٻي ايشيائي برادري طرفان اوهان کي هڪ پوسٽ ڪارڊ روانو ڪيو ويندو.
  • وڪيپيڊيا ايشيائي سفارتڪا دستخط ٿيل سرٽيفڪٽ حاصل ڪندا، وڌيڪ تفصيل لاءِ سوال جواب ڏسو.

داخل ٿيو

اوهان نومبر مهيني ۾ ڪهڙي وقت به شامل ٿي سگھو ٿا.

مضمون داخل ڪيو

سنڌي وڪيپيڊيا تي ترميمي ڊوڙ (ايڊٽ ٿان) وڪيپيڊيا ايشِيائي مهيني ۾ شرڪت ڪرڻ چاهيو ٿا؟ هاڻ ئي هيٺ اوزار جي مدد سان مضمون داخل ڪيو.


جيڪڏهن توهان پهرئين نومبر 2018ع کان 30 نومبر 2018ع جي وچ ۾ ڪوئي مضمون لکيو آهي، جيڪو ننڍي کَنڊ ایشیا سان لاڳاپيل ڪنهن به موضوع تي لکيل آهي، ان جو مقدار 3000 بائٽ آهي ۽ ان ۾ حوالا ۽ ڄاڻخانو (معلومات خانو) کانسواءِ، 300 لفظ (گهٽ ۾ گهٽ حد) آهي، ته توهان هتي ٺِڙڪ (ڪِلڪ)

ڪريو ۽ سبمٽ () تي ٺِڙڪ (ڪِلڪ) ڪري پنهنجو مضمون (جنهن واپرائيندڙ مضمون شروع ڪيو، اهو پاڻ ئي داخل ڪرائي سگهي ٿو ٻين جا مضمون توهان جي نالي سان، يا توهان جا مضمون ڪنهن ٻئي واپرائيندڙ کان هتي درج نه ٿي سگهندو) جونالو لکو ۽ اور نيڪسٽ تي ٺِڙڪ (ڪِلڪ) ڪريو، جيڪڏهن توها جو مضمون لاڳاپيل شرطن ۽ قائدن تي پورو لهندو ته تڏهن ئي هيٺ نيڪشٽ تي ٺِڙڪ (ڪِلڪ)ڪري سگهندا. ائين توهان جي ڀاڱيدارين جي داخلا ٿي ويندي۔

جيڪڏهن ڪو مسئلو پيش اچي ته بحث صفحي تي سوال ڪيو.


منعقد ڪندڙ


اڳوڻا شمارا