کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنڌي شخصيتون ترميمي ڊوڙ
'سنڌي وڪيپيڊيا سنڌي شخصيتون ترميمي ڊوڙ' ھڪ آنلائين ايڊٽ-اَ-ٿان آھي، جيڪو تازو سنڌي وڪيپيڊيا پاران منعقد ٿيل سنڌي وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ جي مقصدن ۾ شامل آهي، جنھنجو مقصد سنڌي وڪيپيڊيا تي سنڌ جي انهن ناليواري شخصتن جي بابت مضمون لکڻ آهي جن شخصتن تي سنڌي وڪيپيڊيا تي مضمون موجود ناهين ، هن ترميمي ڊوڙ ۾ توهان انهن سنڌي وڪيپيڊيا جي مضمونن ۾ پڻ واڌارو ۽ سڌارو آڻي سگهو ٿا (سگهو ٿيون) جيڪي سنڌي شخصيتن بابت مضمون سنڌي وڪيپيڊيا تي پهرئين موجود ته آهن پر اهي اڻپورا (نامڪمل) آهن، انهن ۾ پڻ توهان واڌارو سڌارو آڻي سگهو ٿا (ٿيون)، ۽ جن سنڌي شخصيتن جا مضمون سنڌي وڪيپيڊيا تي موجود ناهين ته توهان اُهي مضمون انگريزي وڪيپيڊيا يا اردو وڪيپيڊيا تان ترجمو ڪري لکي سگهو ٿا (ٿيون).
سنڌي وڪيپيڊيا سنڌي شخصيتون ترميمي ڊوڙ ، سنڌي وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ جي مقصدن ۾ شامل آهي، توهان مان جيڪي سنڌي وڪيپيڊيا يوزر ان ورڪشاپ ۾ شامل نه ٿيا ته توهان اهو فرض هتي نڀائي سگهو ٿا (سگهو ٿيون) هن صورت ۾ ته توهان هن ترميمي ڊوڙ (اِيڊٽ ٿانِ) پنهنجيون ڀاڱيداريون حصو پَتِي وجهو ۽ سنڌي وڪيپيڊيا تي ترقي ڏيارڻ ۾ اسانجو هٿ ونڊايو، ھر حصو وٺندڙ جيڪو گھٽ ۾ گھٽ 'چار (10)' مضمون جيڪي معيار تي پورو ڪندا، تخليق ڪندو تہ ان کي ٻين حصو وٺندڙ وڪيپيڊيئن طرفان خصوصي طور ڊزائن ٿيل وڪيپيڊيا پوسٽڪارڊ ملندو.
اھي وڪيپيڊين جيڪي سنڌي وڪيپيڊيا تي هن ترميمي ڊوڙ لاءِ سڀ کان گھڻا مضمون تخليق ڪندا تہ انھن کي "سنڌي وڪيپيڊيا سفارتڪار" جو اعزاز ڏنو ويندو.
اصول
'مختصر لفظن ۾: نوان مضمون، سنڌي شخصيتن سان لاڳاپيل (سنڌي اديبن. ليکڪن، فنڪارن، سياستدانن، تاريخدانن وغيره.)، بابت سٺي معيار ۾، 3,000 بائيٽس ۽ گھٽ ۾ گھٽ 300 لفظن ۾ مئي ، جون، 2017ع دوران تخليق ڪيل ھجن ۽ فھرستون نہ ھجن.'
- توھان جو مضمون (i.e. اسٽب جو وڌاءُ نہ) مئي 26، 2017 0:00 ۽ جون 10، 2016 23:59 (UTC) جي دوران نئين سر تخليق ڪيل ھجي.
- مضمون گھٽ ۾ گھٽ 3,000 بائيٽس ۽ 300 لفظن جي ڊيگھ جو ھجڻ گھرجي.
- مضمون مضمون جي شھرت جو معيار پورو ڪندڙ ھجي.
- مضمون ۾ لازمي طور تي ڀلا حوالا ھئڻ گھرجن؛ مضمون ۾ شڪ ڀريا يا اختلافي بيان ان مضمون ۾ ڏنل حوالي(ن) پاران پڪ ڪرڻ جوڳا ھجن.
- مضمون مڪمل طور تي مشين پاران ترجمو ٿيل نہ ھجي، ۽ ان جي ٻوليءَ جو انداز وڻندڙ ھئڻ گھرجي.
- مضمون ۾ ڪي بہ مسئلا (ٽيگز) نہ ھئڻ گھرجن.
- مضمون فھرست نہ ھجي
- مضمون جيڪو نمايان فھرست ۾ پھتو ھجي ڳڻي سگھجي ٿو. (چارو، صرف انھن وڪيپيڊيائن تي لاڳو ٿئي ٿو جن وٽ فيچر فھرست آھي.)
- مضمون معلوماتي ھجي
- مضمون جو موضوع سنڌي شخصيتن ڪنھن سنڌي شخصيت بابت ھجي.
- ھڪ منتظم (آرگنائيزر) پاران موڪليل مضمون ٻي منتظم پاران چڪاسيو وڃڻ ضروري آھي.
- نوٽ:آخر ۾، مقامي وڪيپيڊيا مان انساني ججُ(جَ) طي ڪندا تہ مضمون قبوليو ويو يا نہ.
- جڏھن توھان اصول پورا ڪندي چار 4 مضمون تخليق ڪيا، تہ توھائي سنڌي وڪيپيڊيا ڪميونٽي مان ڪنھن ھڪ پاران سنڌي وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ (SWAW) پوسٽڪارڊ حاصل ڪندئو.
- سنڌي وڪيپيڊيا سنڌي شخصيتون ترميمي ڊوڙ سفارتڪار سنڌي وڪيپيڊيا يوزر گروهه پاران صحيح ٿيل سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندو ۽ ھڪ واڌارو پوسٽڪارڊ بہ. وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو ڪپس.
منتظم (آرگنائيزس)
شامل ٿيو
ھتي شامل ٿيو. توھان ڪنھن بہ وقت شامل ٿي سگھو ٿا. منتظم مارڪ ڪندا (نشان لڳائيندا) جيڪڏھن ٺھيل مضمونن معيار پورو ڪيو تہ.
حصو وٺندڙن جي فھرست
سنڌي شخصيتون ترميمي ڊوڙ
هتي پنهنجو دستخط هنن نشانين (چار ڀيرا ~~) لکڻ سان ڪري پنهنجو نالو شامل ڪريو
اهڙا ٻيا ايڊٽ ٿان
مددگار ڳنڍڻا
لاڳاپا
|
|
|