واپرائيندڙ:مھتاب احمد سنڌي
آئون مھتاب احمد آھيان. منھنجو تعلق شڪارپور ضلعي جي تعلقي ڳڙھي ياسين جي ڳوٺ بڊي سان آھي. جڏھن تہ آگسٽ 2010ع کان 2019ع جي جون تائين تعليم جي سلسلي ۾ آئون سکر شھر ۾ رھيو آھيان. مون مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ پبلڪ اسڪول سکر مان ڪئي آھي. ان کان پوءِ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي مان بيچلر آف ايجوڪيشن [بي.ايڊ (آنرس)] چئن سالن جي ڊگري ڪئي آھي. ھن وقت آئون لاھور شھر ۾ سينٽرل سپرير سروسز (سي ايس ايس) ۽ پراونشل مينجمينٽ سروسز (پي ايم ايس) جي امتحانن جي تياري ڪري رھيو آھيان.
سنڌي وڪيپيڊيا تي منھنجو سفر گمنام آئِپي سان جولاءِ 31، 2015ع تي شروع ٿيو. مونکي پھرين سنوار ياد ناھي پر عيسوي سال واري مضمون جي تخليق گهڻو ڪري پھرين تخليق ھئي. پھريان ٻہ ڏينھن گمنامي ۾ ڪم ڪرڻ بعد مجيب رحمٰن چانڊيو جي پيغام بعد ھي کاتو آگسٽ 2، 2015ع تي ٺاھيو. ھن جنوري 2020ع تائين وڪيميڊيا جي مختلف ويبسائيٽن تي آئون ڪيتريون ئي سنوارون ڪري چڪو آھيان. سنڌي وڪيپيڊيا تي محترم انتثار علي کان بعد سڀ کان گھڻيون منھنجون سنوارون آھن. گوگل ترجمي جي حوالي سان بہ منھنجو نالو دنيا جي مک 20 ڄڻن ۾ مارچ 2020 تائين ايندو رھيو، جتي پڻ آئون ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رھندو آھيان. سنڌي ٻوليءَ سان منھنجي بي پناھ محبت آھي ۽ اميد ڪريان ٿو تہ اھا مرڻ گھڙي تائين رھندي ۽ آئون پنھنجي ٻولي جي ترقي لاءِ ھر ممڪن ڪم ڪندو رھندس.
جنوري 2020ع کانپوءِ مان وڪيپيڊيا ۽ گوگل تي پنھنجيون سرگرميون عارضي طور بند ڪري ڇڏيون آھن ڇو جو مان سمجھان ٿو مون کي ڪنھن مقام تي پھچڻ گھرجي تہ جيئن مان پنھنجي گهر، پنھنجي ڳوٺ ۽ پنھنجي معاشري لاءِ ڪجهہ ڪري سگهان. انشاءالله وڪيپيڊيا ۽ گوگل تي ٻيھر اچبو پر في الحال پنھنجي وڏي مقصد طرف وڃڻ انتھائي ضروري آھي. ڪنھن وڪيپيڊيا واپرائيندڙ کي مون پاران ڪا تڪليف آئي ھجي تہ ان لاءِ مان دلي طور معافي وٺان ٿو. [اربع، 04 مارچ، 2020ع] [ٻيو ڀيرو خميس 26 نومبر، 2020ع تي اپڊيٽ ڪيل]
![]() |
هي واپرائيندڙ وڪيپيڊيا ايشيائي مھيني ۾ ڀاڱيدار آهي. |
---|