جبار آزاد منگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جبار آزاد منگي ڊراما نويس، ڪمپيئر ۽ شاعر جبار آزاد منگيءَ 18مارچ 1962ع تي نصيرآباد، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي آهي.[1] صحافت ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي خبرن واري شعبي سان وابسته آهي.[2] ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان سنڌ جي تاريخ تهذيب، تمدن ۽ ٻوليءَ تي مشتمل پروگرام “ سنڌ رنگ” گذريل ويهن ورهين کان ڪري ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڊگهي ۽ وڌيڪ عرصو پروگرام ڪرڻ جو رڪارڊ ٺاهيو آهي، ان کان سواءِ شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عباللطيف ڀٽائيءَ جي فن ۽ فڪر تي مشتمل پروگرام “ وکر سو وهاءِ ” ۽ روزانو نشر ٿيندڙ ڊسڪ جاڪي پروگرام “ روح رهاڻ ” به سندس محنتن سبب ڪاميابيون ماڻي چڪا آهن. جبار آزاد منگيءَ جا ڇھ ڪتاب جن ۾ 1:“ لفظ هوا ۾ خوشبوءِ[3]”( ريڊيو اسڪرپت)[4] 2: اندر ڪارو ڪانءُ (ڪهاڻيون) 3: ٽمون شرارتي ( ٻارن لاءِ ڪالم ڪهاڻيون)[5][6] 4: تعلقي نصيرآباد جي جاگرافي 5: انت بحر عميق جو ( تعلقي نصيرآباد جي ڪلاسيڪل شاعر نور باداڻيءَ جي شاعري جو ڪتاب سهيڙن) 6: ايءُ عشق جو آواز( ريڊيو اسڪرپٽ) ڇپجي چڪا آهن . هن جا لکيل 50 کان وڌيڪ ڊراما سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسٽيج ٿي چڪا آهن. هيءُ المهراڻ سوشل ويلفيئر ائسوسيئيشن نصيرآباد، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن نصيرآباد جو باني، پهريون صدر ۽ ڪنوينر رهيو آهي. جبار آزاد منگيءَ جي شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. سندس لکيل هڪ گيت ’او مٺي او مٺي تڪي تنهنجي گهٽي‘ فنڪار شفيق منگيءَ جي آواز ۾ مقبوليت ماڻي آهي. کيس خدمتن جي عيوض ڪيترائي اوارڊ، سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾ سگا لاڙڪاڻي ڊويزن طرفان ’بهترين ڪارڪن‘ اوارڊ، 1995ع ۾ پاڪستان اسٽڊي سرڪل پاران ’بينظير ٽيلينٽ اوارڊ‘، ان وقت جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني هٿان مليل آهي. مڃتا ايوارڊ قمبر شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ڪلر آف قمبر شهدادڪوٽ فيسٽيول 2018 مڃتا ايوارڊ ۽ بهترين ڪهاڻيڪار سنڌ رنگ ڊائجسٽ سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ مليل اٿس.

هيءُ هن وقت منگي محلي / مھراڻ ڪالوني نصيرآباد ۾ رهائش پذير آهي. سال 2015ع واري مڪاني چونڊن ۾ هُن پ پ پ جي اميدوار کي شڪست ڏئي آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ چونڊون کٽي ورتيون.

حوالا[سنواريو]

  1. "جبار آزاد منگي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-30. 
  2. لفظ هوا ۾ خوشبوءِ. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16888&BookTitle=Lafz-Hawa-Mein-Khushboo. 
  3. "لفظ هوا ۾ خوشبوءِ - جبار آزاد منگي | سنڌسلامت ڪتاب گهر". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-04-29. 
  4. "New Page 1". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2019-12-30. 
  5. "جبار آزاد منگي | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2019-12-30. 
  6. "جبار آزاد منگي جي ڪتاب “ٽمو شرارتي” جو مهورت -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-30. 

http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%AC%D8%A8%D8%A7%D8%B1%20%D8%A2%D8%B2%D8%A7%D8%AF%20%D9%85%D9%86%DA%AF%D9%8A