وڪيپيڊيا بحث:سنڌي شخصيتون ترميمي ڊوڙ

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھڪ استاد روشن داس

مھيسر وڏا ۾ ننڍي پيماني تي انسانيت جي خدمت ڪندڙن ۾ عبد الله شر جو نالو به اچي ٿو ھن علائقي ۾ اھڙو ڪو به ماڻهو ناهي جيڪو ھن شخص کي نه سڃاڻيندو ھجي ھي ھڪ بھترين استاد ۽ ھڪ سٺي ڪردار جو مالڪ پڻ آهي استاد جو درجو ته آهي ھي مٿائون ۽ ھي ھڪ مھمان نوار شخص آهي جيڪو مھيسر وڏا ۾ 5 جنوري 1981ع تي پيدا ٿيو ھن پنهنجي ڳوٺ مان پرائمري ۽ مڊل پاس ڪري ايم اي انگلش خيرپور مان ڪئي سندس جو خواب ھو ته اھو وڏو ٿي استاد ٿيندو ۽ ھن سنڌ يونيوسٽي ۾ استاد جي پوسٽ جي لاء ٽيسٽ ڏئي 60 سيڪڙو مارڪون به کنيون پر ذھين ھئڻ جي باوجود به ھن سنڌ يونيوسٽي ۾ استاد جي نوڪري نه ملي سگهي ۽ اھي ايان تائين احتجاج آهن پر ھن ھار نه مڃي ۽ ھڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙھايڻ لڳو ۽ ھن ڏھ سال کن علائقي جي ٻارن کي پڙھائيندو رھيو ۽ مسڪين ماڻهن جي مدد پڻ ڪندو رھيو آهي اين جي او ۾ رھي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي اين جو او سرسو ۾ سماجي ورڪر ٿي ڪري ماڻهن جي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي بنان رنگ نسل ذات مذهب فرقي پرستي جي ماڻهن جي مدد ڪرڻ ئي انسانيت آهي ۽ ھي انسان شناس شخص آهي۽ انسانيت جو درجو تمام وڏو آهي. سندس جي ٻين ڪيترن ئي سياسي توڙي سماجي ماڻهن سان ڄاڻ سڃاڻ آهي ماڻهن جي خدمت ۾ ايترو رڌل ھوندو آهي جو جنهن ڏينهن ڪنهن جي ڪم نه آيو ھجي يا ڪنهن جي مدد نه ڪيئي ھجي ان ڏينهن ماني به ڪانه وڻندي اٿس مھيسر وڏا ۾ ھي ھڪ بھترين شخصيت يا ڪردار اسان سڀني جي سامهون آهي جنهن ننڍي پيماني تي انسانيت جي خدمت ڪري پاڻ ملھايو آهي بنان مطلب جي ماڻهن جي مدد ڪرڻ کين مزو ايندو آهي ھي انسانيت جو بي مثال ڪردار آهي جنهن پنهنجي سموري زندگي ٻين جي لاء وقف ڪري ڇڏي سندس اخلاق جي دشمن به دوست ٿي ويندا آهن ٻين جي مدد ڪرڻ کي پنهنجو مقصد ڪري ڇڎيو آهي عبد الله شر جو چوڻ آهي ته انسان ئي انسان جي ڪم ايندو آهي جيڪڏهن ڪو انسان ڪنهن ٻئي انسان جي ڪم نه اچي ۽ مدد نه ٿو ڪري ته اھو انسان ئي ناهي ڇو ته پنهنجي زندگي ته جانور به گذاريندا آهن پر سچو انسان اھو آهي ٻين جي ڏکن جو درمان بڻجي . ھن کي ڀلائي جي ڪمن ۾ تڪليفون به تمام گھڻيون آيون اٿس پر هن ڪڏهن به ھار نه مڃي آهي ۽ سدائين مظلومن سان گڎ بيٺل نظر ايندو آهي ھر ننڍي توڙي وڏي شھر ۽ ڳوٺن ۾ اھڙا ڪيترائي ڪردار آهن جيڪي ننڍي پيماني تي خلق جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ انهن کي ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ سڪون ملي ٿو ۽ يقينن ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ جيڪو سڪون ملي اھو ڪنهن ٻئي شئي ۾ ناهي ـ سندس جي پڙھايل شاگردن ۾ ڪيترائي آفيسر انجنير ۽ قلم ڪار ٿي چڪا آهن ۽ ھي منهنجو استاد پڻ آهي جنهن منهنجي تعليم جي معاملي ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي آهي ـ واقعي ئي ھي بھترين استاد ۽ انسان خدمت گذار ڪردار ھڪ شخصيت آهي جنهن جي مٽ ڪو به ناهي ھن جي باري ۾ ڇا لکي ڇا لکا مون وٽ ايترا لفظ ئي ناھن جو مان هن جي باري ۾ بيان ڪري سگهان بس ايتروئي چوندس ته " ھي از دي بيسٽ ۽ " ھي از پرفيڪٽ" جنهن پنهنجي زبان ۽ قلم جو سٺي نموني استعمال ڪيو آهي مان ڪنهن فلم ۾ ٻڌو ھو لفظ دنيا جي ڪنهن جادو کان گھٽ ناھن جيڪڏهن انھن جو سٺي نموني ۽ صحيح استعمال ڪجي ته ڪيترائي معجزا ٿي سگھن ٿا ان ۾ ڪو به شڪ ناهي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙش ۾ اھڙا ڪيترائي ماڻهو آهن انسانيت جي خدمت ڪن ماڻهن جي خدمت ڪرڻ انهن جي زندگي جو مقصد آهي اھي ڪنهن جي تعارف جا محتاج ناھن انهن استادن کي منهنجو سلام جن ڏينهن رات محنت ڪري اسان کي قابل بنايو