وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2021/مهينو سيپٽمبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سوامي نارائڻ مندر، ناگپور
سيتابلدي ايريا، ناگپور ۾ ورتل فوٽو

ناگپور (انگريزي: Nagpur)هندستان جي مهاراشٽر رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون نمبر وڏو شهر ۽ سياري جي موسم ۾ رياست جي گاديءَ جو هنڌ آهي . هيءُ شهر ناگ نديءَ جي ڪناري تي آباد ٿيل آهي، انهيءَ ڪري هن شهر تي ناگپور نالو پيو. هڪ اندازي موجب هيءُ شهر 2019 کان 2035ع دوران دنيا جو پنجون تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ شهر ثابت ٿيندو ۽ هتي آباديءَ جي سراسري واڌ 8.41 سيڪڙو ٿيندي. هن شهر کي هندستان جي صاف سٿرن شهرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هي شهر مهاراشٽر رياست جي مکيه معاشي ۽ سياسي مرڪزن مان هڪ آهي. هتي صحت ۽ آمدورفت جون بهترين سهوليتون ميسر آهن. جيتوڻيڪ هتي آرام ۽ آسائش جون انيڪ سهولتون موجود آهن پر هي شهر تعصب پرستي ۽ مذهبي انتها پسنديءَ جي ڪوهيڙي ۾ وڪوڙيل آهي. هي شهر هندو قومپرست تنظيم راشٽريا سويم سيوڪ سنگه (آر ايس ايس) جو ڳڙھ آهي. هتي ٻڌ مذهب سان واسطو رکندڙ دليت به ڪافي سرگرم آهن. هتي گوتم ٻڌ جو هڪ وڏو اسٽوپا ٺهيل آهي جيڪو ”ديڪشاڀومي“ جي نالي سان مشهور آهي. ناگپور جون نارنگيون سڄي هندستان ۾ مشهور آهن. شهر ۽ ان جي آسپاس نارنگين جا ڪئين باغ نظر اچن ٿا ۽ هتي نارنگين جو ڪاروبار وڏي پيماني تي ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري هن کي ”نارنگين جو شهر“ پڻ سڏيو وڃي ٿو. هن شهر ۽ ان جي آسپاس چيتا گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا ان ڪري هن شهر کي ”چيتن جو شهر“ يا ٽائيگر گيٽ وي آف انڊيا به ڪوٺيو وڃي ٿو.