وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2021/مهينو آڪٽوبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بادشاهي بنگلو، حيدرآباد، سنڌ
راجپوتانا اسپتال ڀرسان جو منظر، حيدرآباد، سنڌ

حيدرآباد (انگريزي ٻولي: Hyderabad) پنهنجي اوائلي دور ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي سان مشهور هو، سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بہ رهي چڪو آهي. هيءُ ڪلھوڙن جي صاحبي (دور حڪومت) کان سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ اها حيثيت اوستائين رهيس جيستائين انگريزَ سنڌ تي قابض نہ ٿيا، جن اچي ڪراچيءَ کي سنڌ جي گادي بڻايو. پاڪستان جي بيٺڪ قائم ٿيڻ کان اڳ، حيدرآباد کي پرڳڻي جو پيرس سڏيو ويندو هو. حيدرآباد منجھند جو تمام گرم ٿيندو آهي. سيارو گھڻو ڪري (اڪثر) تمام گھٽ ٿڌو ٿيندو آهي. جڏهن ته اونهاري ۾ منجھند جو گرمي پد 48 درجا سينٽيدريڊ به ٿي ويندو آهي. اونهاري ۾ رات جو تمام سٺو ٺار ٿيندو آهي، جڏهن ته سياري جون راتيون تمام ٿڌيون ٿي وينديون آهن ، ڇاڪاڻ ته حيدرآباد ۾ اڪثر تيز هوائون لڳنديون آهن. تنهنڪري سياري جون راتين ۾ هوائون تمام گڻيون ٿڌيون ٿينديون آهن ته اونهاري ۾ منجھند جو لُڪَ لڳندي آهي. تنهنڪري حيدرآباد جا ماڻهو اونهاري ۾ منجھند جو ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن.