وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2020/مهينو فيبروري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سال 1923ع ۾ باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جي ميڊيڪل فيڪلٽي جا شاگردَ

باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي ( بي ايس يوباڪو، آذربائيجان ۾ هڪ عوامي يونيورسٽي آهي. آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي پارليامينٽ طرفان 1919 ۾ قائم ٿيندڙ هن يونيورسٽي جي شروعات 1094 ۾ تعليم شعبي سان گڏوگڏ تاريخ ۽ فلسفو، فزڪس، رياضي، قانون ۽ ميڊيسن جون فيڪلٽين سان ٿي.  بي ايس يو جو پهريون ريڪٽر وي۔آءِ رازومووسڪي هيو، جيڪو ڪازان يونيورسٽي ۾ وڍڪُٽ (ڇيرڦاڙ، سرجري) جو هڪ اڳوڻو پروفيسر هُيو. 1930 ۾، حڪومت طرفان اعليٰ تعليم جي نئين سر تنظيم مطابق يونيورسٽي کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ۽ يونيورسٽي کي سپريم پيڊاگوجيڪل انسٽي ٽيوٽ سان تبديل ڪيو ويو. تنهن کانپوءِ، 1934 ۾ هيءَ يونيورسٽي ٻيهر بحال ٿي، ۽ ٻئي عالمي جنگ جي ڏُکين سالن ۾ فيڪلٽي ميمبرن جي گهٽتائي کي مُنهن ڏنائين. سال 1959 ۾ پنهنجي 40 هين ورسي (سالگرهہ) تائين، يونيورسٽي ۾ اڳ کان ئي 13 فيڪلٽيون موجود هيون. آذربائيجان ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ آذربائيجان اسٽيٽ اڪنامڪ يونيورسٽي ٻنهين ئي بي ايس يو ۾ اصل لاڳاپيل فيڪلٽين جي اسپانسرشپ ڪنديون رهيون.باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي (بي ايس يو) منجهان پڙهي نڪتل ماڻهن ۾ آذربائيجان جا ٻه اڳوڻا صدر ابوالفاز ايلچيبي ۽ حيدر عليئيف پڻ شامل هيا.اڳيون ذڪر ڪيل صدر عربي ٻولي ۽ ادب جي فيڪلٽي کان پڙهيل هيو، جڏهن تہ پويون ذڪر ڪيل صدر، جنهن 30 سال کان وڌيڪ وقت تائين آذربائيجان جي سياست تي غلبو حاصل ڪيو، سو فيڪلٽي آف هسٽري منجهان پڙهيل هيو. نوبل انعام ماڻيندڙ ماهر طبيعيات ليو لنڊو بي ايس يو ۾ 1922 ۽ 1924 جي وچ۾ تعليم پِرائي هُئي.