وڪيپيڊيا:اڄ جو قول/جنوري 30

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
  • جي ايم سيد جا قول
    • قومون، عقيدن ۽ نظرين تي جنم ناهن وٺنديون، پر وطن، زبان، تهذيب، جاگرافي حدن ۽ اقتصادي بنيادن تي ٺهنديون آهن.
    • بلاشڪ اهڙن ماڻهن کي اصل معاف نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي غلط ڪم ڪري پوءِ به پڇتائين ڪونه ٿا.
    • ڪمزور، بزدل، بيوقوف ۽ غدار ۾ تميز هئڻ ضروري آهي.
    • جيڪا ڳالهه زوري مڙهي ويندي آهي اها پائيدار نه هوندي آهي.
    • جيسين اسان جي ڪارڪنن جو اخلاق درست نه ٿيندو تيسين هو ڪجهه به ڪري نه سگهندا.
    • مون وٽ ته ڇا پر ڪنهن وٽ به ڪا ”نئين شيءِ“ ڪو نه آهي، اهي سڀ پراڻيون شڪليون آهن جن کي نئين نموني ۽ نئين انداز سان ورجايون ٿا.
    • هر اها ڳالهه ڪريو جيڪا ڪري سگهو اوهان ”غلام“ آهيو. اوهان جو حڪومت تي ڪو به ”دٻاءَ“ يا ”اثر“ نه پوندو.
    • اقتصاديات کي درست ڪرڻ سان ئي انصاف درست ٿيندو.[1]
  1. "سائين جي ايم سيد جا قول - Wikinews". sd.wikinews.org. حاصل ڪيل 2020-01-30.