وڪيپيڊيا:اڄ جو قول
هن صفحي جو خُلاصو: سنڌي وڪيپيڊيا جي مُک صفحي تي اڄ جو قول جي نالي سان هڪ ڀاڱو مقرر ڪيو ويو آهي، جتي هر روز ڪنهن جو قول شايع ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اوهان ڪو قول شامل ڪرائڻ چاهيو ته هيٺ ڏنل طريقي تي عمل ڪيو. |
اڄ جو قول – سڀ ڏينهن ڏسو – شموليت – اڳوڻا سانڍيل ڏينهن ڏسو
جنوري – فيبروري – مارچ – اپريل – مئي – جُونِ – جُولاءِ – آگسٽ – سيپٽمبر – آڪٽوبر – نومبر – ڊسمبر
اڄ جي قول ۾ ڪيل تازيون تبديلون – اڄ جي قول ۾ ترميم ڪرڻ
هيئنر ٿيا آهن 07:34 ڏينهن آهي خميس، سيپٽمبر 19، 2024 (يو ٽي سي )وقت مطابق – هن صفحي جو ڪيشي صاف (پرج) ڪيو
معيار
سنڌي وڪيپيڊيا تي منتظم ۽ واپرائيندڙن جي گھڻائي نه هجڻ سبب، فلحال قولن لاءِ ڪو مقرر معيار طئي ناهي ٿيل، مختلف حوالن مان مشهور ماڻهن جا قول فلحال شامل ڪيا پيا وڃن. ان لاءِ هڪ معيار مقرر آهي ته قول ان جي باري ۾ هجڻ گھرجي جنهن جي باري ۾ سنڌي وڪي تي مضمون موجود آهي ۽ قول سان گڏ ان جو حوالو هجڻ ضروي آهي ته اهو قول ڪٿان کنيو ويو، جيئن ممڪن تخريبڪاري کان بچي سگھجي.
قول شامل ڪرڻ
ڪو به قول شامل ڪرائڻ سان سڀ کان اڳ اوهان وڪيپيڊيا:اڄ جو قول/اميدوار تي وڃو، اتي گُهربل قول لکو، جنهن جو قول آهي ان جو سنڌي وڪيپڊيا واري صفحي جو نالو ڏيو، ۽ ان قول جو لنڪ يا ڪنهن ڪتاب توڙي اخبار مان حوالو شامل لکو. ڪو به منتظم جائزي يا بحث کان پوءِ قول شامل ڪندو جيڪو ڪنهن ڏينهن تي شامل ويندو. جيڪڏهن اوهان ڪنهن جي ورسي يا سالگرهه جي موقعي تي قول ڏيڻ چاهيو ٿا ته اها تاريخ پڻ لکو ته ڪهڙي ڏينهن تي اهو قول مُک صفحي تي ظاهر ٿي.
قطار
هيٺ ڏنل قول اڄ وڪيپيڊيا جي مُک صفحي تي موجود آهي، ان سان گڏ سڀاڻ ايندڙ قول پڻ هيٺ ڏيکاريل آهي.
اڄ
وڪيپيڊيا:اڄ جو قول/اڄ اڄوڪي قول ڏانهن ڳنڍڻو.
|
سڀاڻي
وڪيپيڊيا:اڄ جو قول/سڀاڻي سڀاڻ لاءِ قول ڏانهن ڳنڍڻو.
|