جاگرافيائي وطن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جنهن به انساني گروهه يا ٽولي کي پنهنجو جاگرافيائي وطن نه آهي، ته اهو گروهه قوم ۾ شمار ٿي نه ٿو سگهي. ڀلي پوءِ ان کي الڳ ٻولي، ڪلچر ۽ قومي ڪردار وغيره ڇو نه هجي. پر اول ته جنهن انساني گروهه کي وطن نه هوندو آهي، ان ۾ قوم ٿيڻ جون ٻيون خاصيتون به پيدا ٿي نه سگهنديون آهن. هڪ انساني گروهه کي قوم بنجڻ لاءِ جدا جاگرافيائي وطن جي ضرورت ان لاءِ پوندي آهي ته جيئن هو ڪنهن مستقل هنڌ تي رهائش اختيار ڪري پنهنجو تاريخي عمل آزاداڻي نموني جاري رکي سگهي. هڪ جاگرافيائي خطي اندر ئي مختلف قبيلن ۽ نسلن جا ماڻهو صدين کان هڪ ٻئي سان گڏ رهندي، پاڻ ۾ گڏجي هڪ قومي ٻولي، ڪلچر ۽ قومي ڪردار کي پيدا ڪري سگهن ٿا. هڪ خطي اندر ڊگهي تاريخي عرصي کان پوءِ ئي سندن وچ ۾ گهاٽا ۽ گهرا لاڳاپا ۽ رشتا پيدا ٿيندا آهن ۽ اهو ئي عمل قوم جي بنيادي اڏاوت جو ڪم ڏيندو آهي. جيئن هن وقت سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي، تاريخ جي مختلف زمانن کان هن مخصوص زمين جي ٽڪري تي رهندا آيا آهن. جنهن جون سرحدون صدين کان نراليون ۽ الڳ پئي رهيون آهن. سنڌ وطن هن وقت پاڪستان جي وفاقي ملڪ ۾ هوندي به هڪ الڳ تاريخي قومي وطن آهي. پاڪستان جون سرحدون ڪن تاريخي ضرورتن تحت وجود ۾ آيون آهن. پر سنڌ جون سرحدون، سنڌي قوم جي پنهنجي صدين جي تاريخي عملن ۽ ضرورتن تحت وجود ۾ آيون آهن. اهي هن وقت فطري وطن جي صورت وٺي بيٺيون آهن.

قومي وطن کان سواءِ دنيا ۾ مضبوط سياسي گروهن جا ملڪ به آهن. جيئن ڀارت، سوويت يونين (اڳوڻي) ۽ پاڪستان، ان ڪري مضبوط سياسي گروهن جي ملڪ ۾ ڪيتريون ئي قومون ۽ انهن جا قومي وطن اچي ويندا آهن. جيئن پاڪستان ۾ پنجابين، سنڌين، بلوچن ۽ پختونن جا ڌار ڌار وطن آهن. پر قومي وطن هڪ جدا ايڪو هوندو آهي، جنهن ۾ هڪ ئي قوم رهندي آهي. ان ئي لحاظ کان اسان کي دنيا ۾ ٻن قسمن جا ملڪ نظر ايندا، هڪڙا گهڻ قومي ملڪ جيئن: ڀارت، پاڪستان ۽ سوويت يونين (اڳوڻي) وغيره ۽ ٻيا هڪ قومي ملڪ جيئن: بنگلاديش، لبيا، شام ۽ سريلنڪا وغيره. [1]

حوالا[سنواريو]