اسلامي انقلابي گارڊ ڪور ۽ القدس فورس جو سپاهه سالار ايراني جنرل قاسم سوليماني (سامهون تصوير ۾:سوليماني) 3 جنوري 2020، بغداد ويجهو بغداد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ٿيل آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو.
يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752 ايران جي شهر تهران کان اُڏام ڀَرڻ جي تُرت پوءِ ڪِري تباهہ ٿي ويو، جنهن ۾ چڙهي سوار ٿيل 176 ماڻهو مارجي ويا.