طارق جميل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جنم : 1953

طارق جميل (معروف مولانا طارق جميل) هڪ پاڪستاني مبلغ ۽ عالمِ دين آهي۔[1] هن جو تعلق خانيوال، صوبي پنجاب جي شهر تلمبه سان آهي جيڪو ميان چنون جي ويجھو واقع آهي۔ هو تبليغي جماعت جو رڪن آهي ۽ فيصل آباد، پاڪستان ۾ هڪ مدرسو هلائيندو آهي۔ هن جي تبليغي ڪوششن جي ڪري ڪافي گلوڪار، اداڪار ۽ رانديگر دينِ اسلام جي طرف راغب ٿيا۔ان کان علاوه هن جون تقريرون هر مڪتب فڪر ٻڌندو آهي ۔

ابتدائي حالات[سنواريو]

طارق جميل جو تعلق هڪ زميندار گھراڻي سان آهي۔[2] اهن ابتدائي تعليم جي حصول کان بعد لاهور جي ڪنگ ايڊوڊ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ايم بي بي ايس جي لاء داخلا ورتي۔[3] دورانِ تعليم هو تبليغي جماعت سان متعارف ٿيو ۽ پوء ان کان متاثر ٿي ڪري مذهبي تعليم جي حصول جي لاء جامعه عربيه رائيونڊ ۾ داخلا ورتي۔[4]

تبليغي جماعت[سنواريو]

مولانا طارق جميل پنهنجي اندازِ بيان جي ڪري مشهور آهي۔ هن تبليغي جماعت سان گڏ 6 کنڊن جو سفر ڪيو آهي۔ هن جي مقتدن طرفان هن جا بيان انٽرنيٽ تي مختلف ویب سائيٽن تي پيش ڪيا ويندا آهن۔[4]

اثر[سنواريو]

ماڻهون هن جون ڳالهيون وڏي تعداد ۾ ٻڌندا آهن، هن جي اخلاق کان متاثر ٿي ڪري  ڪافي معروف شخصيتون دائرۂ اسلام ۾ داخل ٿيون۔ هو فرقه واريت جو سخت مخالف آهي۔

حوالا[سنواريو]

  1. "The Muslim 500 [500 مسلمان]" (انگریزی میں)، رائل اسلامک اسٹریٹجک اسٹڈیز سینٹر، http://themuslim500.com/download، اخذ کردہ بتاریخ 24 نومبر 2014ء
  2. انعام الحق (1999ء)، "Memoirs of Insignificance [ناچیز کی یادیں]" (انگریزی میں)، دار التذکیر، http://books.google.com.pk/books?id=_dzgAAAAMAAJ&q=moulana+tariq+jameel&dq=moulana+tariq+jameel&hl=en&sa=X&ei=EzhSVIHdBJLfapjpgvgN&redir_esc=y، اخذ کردہ بتاریخ 24 نومبر 2014ء
  3. طاہر خان (17 ستمبر 2013ء)، "Tableeghi Jamaat chief Maulana Tariq Jameel denies attack [تبلیغی جماعت کے راہنما مولانا طارق جمیل کا حملے سے انکار]" (انگریزی میں)، نیوز پاکستان، http://www.newspakistan.pk/2013/09/17/tableeghi-jamaat-chief-maulana-tariq-jameel-denies-attack، اخذ کردہ بتاریخ 24 نومبر 2014ء
  4. 4.0 4.1 http://www.quranrecites.com/maulana-tariq-jamil.php