درگاهه الله آباد شريف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

درگاهه الله آباد شريف سنڌ جي ڪنڊيارو شهر ۾ هڪ وڏي صوفي درگاهه آهي جتي پير سهڻا سائين نقشبنديءَ جو مقبرو موجود آهي. هن وقت سجاده نشين خواجه محمد طاهر بخشي نقشبندي المعروف پير سڄڻ سائين آهي.

هن درٻار جو بنياد 1973ع ڌاري حضرت سُهڻا سائين رحه، پنهنجي مخلص مريدن ڊاڪٽر عبدالطيف چنا ۽ ٻين جي اصرار ۽ تعاون سان رکيو. اها درٻار ڪنڊياري ۾ مين روڊ ، باءِ پاس لڳ واقع آهي. سهڻا سائين هن مرڪز جي قائم ٿيڻ کان وفات تائين پاڻ هتي سڪونت پذير رهيو. سندس مزار به هتي ئي آهي. هتي مسجد کان علاوه مدرسو به ٺاهيو ويو، جتان هن وقت تائين ڪيترائي حافظ ۽ عالم ٿي نڪتا آهن. هن مرڪز تي هر اسلامي مهيني جي 27 -تاريخ- تي روحاني محفل ٿيندي آهي، جنهن ۾ پاڪستان کانسواءِ ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ عقيدتمند به شريڪ ٿيندا آهن. هن مرڪز ۾ مردن جي مدرسي کانسواءِ عورتن جي -اصلاح- ۽ ديني -تعليم- لاءِ پڻ انتظام ڪيو ويو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]