رضويه سوسائٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رضويه سوسائٽي م واقع شاھ ڪربلا مسجد

رضويه سوسائٽي(انگريزي: UC Rizvia Society) سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي لياقت آباد سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاؤنسل جو نالو آهي. 11 جنوري 2011 کان اڳ اھا لياقت آباد ٽائون جو حصو ھئي ء ان جو نالو يو سي 1 رضويه سوسائٽي آر سي ايڇ ايس ھيو [1]. ھن يو سي جي آبادي جي اڪثريت شيعه اسلام سان تعلق رکندڙ آهي. پاڪستان جي قيام بعد سنڌ مدرسة السلام ڪراچي جي ھڪ استاد مولانا انيس الحسين ۽ ھڪ وڪيل قزلباش ايڊووڪيٽ 1948 ۾ شيعن کي پلاٽ فراھم ڪرڻ لاء ھن سوسائٽي جي پلاٽنگ ڪئي ھئي[2]. ھن سوسائٽي م انڊيا جي علائقن اوڌ ء لکنو کان آيل مھاجر آباد ٿيا. ھن يو سي جو پوسٽل ڪوڊ 74600 آھي. ھن سوسائٽي جو بورڊ آف ٽرسٽيز پڻ جيڪو ان جي سنڀال ڪندو آهي جنھن جي آفيس مرڪزي مسجد " شاھ ڪربلا مسجد" جي لڳ واقع آهي. ھن يونين ڪاؤنسل م رضويه ڪلب، امام زين العابدين اسپتال، سر سيد چلڊرين اڪيڊمي، عثمانيه گرلس ڪاليج، اي آر واء نيوز ھيڊ آفيس، گورنمينٽ وحيد آباد سيڪنڊري اسڪول، ڪراچي اسپورٽس فٽبال گرائونڊ گوليمار قبرستان واقع آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. Official Web Portal of Karachi Metropolitan Corporation, وقت 2014-05-30 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-04-05 
  2. A story behind every name