اورنگ آباد
ڏيک
يو سي اورنگ آباد(انگريزي: UC Aurangabad ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي ناظم آباد سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاميٽي آهي. ان جي اتر ۾ پاپوش نگر يونين ڪاؤنسل ۽ اوڀر م لياقت آباد سب ڊويزن واقع آھن ڏکڻ ۾ ان جو دنگ ناظم آباد روڊ تي آھي جنھن جي ٻي ڀر جلال آباد وارو علائقو آهي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي جو چيئرمين اعجاز احمد خان ۽ وائيس چيئرمين محمد طابش جيلاني چونڊجي آيا جن جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1]. آبادي جي اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن جي آھي ۽ اقليت م پنجابي ۽ سنڌي شامل آهن. پاپوش نگر ٿاڻو ھن يو سي ۾ واقع آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 06 آڪٽوبر 2023 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 16 اپريل 2020۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)