لکمير دڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لکمير دڙي جو ڏيک

لکمير دڙو انگريزي (Lakhmir Mound) سنڌ پاڪستان ۾ قديم آثارن وارو ماڳ آهي جيڪو سيوھڻ شريف، دادو ضلعو (هاڻ ڄامشورو ضلعو) کان 45 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولھ - ڏکڻ طرف کيرٿر جبل جي جابلو سلسلي جي جبلن ڀِت جبل ۽ بڊو جبل جي وچ ۾ نئيگ شريف جي ماٿري ۾ واقع آهي. مقامي طور هيءُ دڙو لکمير جي ماڙِي سان مشهور آهي. لکمير جو دڙو جي برطانوي هندستان جي قديم آثارن جي ماهر اين. جي. مجمدار کوٽائي نه ڪئي هئي پر ان بابت پنهنجي ڪتان ايڪسپلوريشنس اِن سنڌ ۾ راءِ ڏني آهي ته ڪنجهي يا ٽامي جي دور (Chalcolithic) جو ٺڪراٺو سڄي دڙي ۽ ان جي پيڙھ واري حصي تي پکڙيل آهي. مجمدار وڌيڪ لکي ٿو ته ڪجهه مصالحي جا ٽڪرا ۽ پٿر جي ديوار يا ڪوٽ تاريخ کان اڳ واري دؤر جا پڻ ڏٺا ويا هئا. سنڌو تهذيب جو ٺڪراٺو (يعنى ڳاڙهي تي ڪارو) پڻ مشاهدي ۾ آيو.[1][2] دفائي ديوار يا ڪوٽ به نظر ۾ آيو هو. قديم آثارن وارو هيءَ ماڳ ٻن حصن ۾ آهي. پهريون مخروطي ٽڪريءَ ۽ هيٺيون حصو ڳوٺ يا شهر لڳي ٿو. [3][4]

حوالا[سنواريو]