میر محمد "میرل" فقیر جویو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاعرمیر محمد ”میرل“ فقیر جویو ڳوٺ وڪڙي، لڳ ڳوٺ ٻیلوپتڻ، تعلقو خیرپورناٿن شاھ، دادو ضلعي ۾ سال 1936ع ۾ پیدا ٿیو۔ میرل فقیر شاعر سان گڏوگڏ ھڪ سٺو موسیقار۽ راڳي پڻ ھو۔ میرل فقیر سنڌي ٻوليءَ ۽ سرائڪي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي- میرل فقیر جديد سنڌي شاعر استاد بخاري ۽ احمد خان آصف مصراڻي جو ھمعصر شاعر ھو۔ میرل فقیر 1950ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪري، 1952ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو۔ میرل فقیر جا ٻہ ڪتاب ڇپیل آھن، ھڪ سندس شاعريءَ جو ”ڪلام میرل فقیر“ ۽ ٻیو سنڌ جي ادیبن ۽ شاعرن جا لکیل خط ”میرل ڏانھن محبت ناما“۔  سندس شاعريءَ جو ھڪ اڻ ڇپیل ڪتاب پڻ موجود آھي۔ میرل فقیرسن ضلعي دادو ۾ جنوري 01، 2010ع تي وفات ڪئي- میرل فقیر جي شاعريءَ کی سنڌ جي ڪيترن ئي مشھو ر راڳين ڳايو آھي، جھڙوڪ علٹ فقير، شازيہ خشڪ، الھداد زرداري، سڄٹ سنڌي ـ محبت ۾ مٺڙا وغيرہ-


حوالا[سنواريو]


خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]