ميمڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ميمڻ ھڪ خاص طرز ثقافت جا ماڻھون آھن، انھن مان گهڻن جو لاڳاپو ڏکڻ ايشيا جي اترين علائقن سان آھي۔ميمڻ ڪيترن ئي گروھن ۾ ورهايل آھن۔ ڪاٺي وار گروھ پنھنجو پاڻ کي رڳو ميمڻ جي سڃاڻپ سان متعارف ڪرندا آھن۔ سنڌي ميمڻ اھي آھن جيڪي سنڌ جا رھائشي ھجن۔ ڪڇي ميمڻ جو تعلق ”ڪڇ“ سان آھي ۽ ”ڪڇي“ ٻولي ڳالھائيندا آھن۔اوکائي ميمڻ جو تعلق اوکا پورٽ سان آھي ۽ اھي ميمڻي ٻولي ڳالھائيندا آھن۔

هيءُ به اصل هندو لوهاڻا هئا، جي پوءِ مسلمان ٿيا. پندرهين عيسوي صديءَ ۾ سيد يوسف الدين قادري بغداد مان ٺٽي آيو ۽ انهيءَ جا هُو مريد ٿيا ۽ پوءَ ڪڇ ڀُڄ ۽ بمبئيءِ جي پاسي ڏي ويا. ڪڇي ميمڻ وڏا واپاري آهن. اُهي سُني ۽ ديندار آهن. گھڻن جي راءِ آهي ته ميمڻ اڪثر پاڻ کي قاضي ۽ آخوند سڏئيندا آهن، جو اڪثر ٻارن کي پڙهائيندا آهن ۽ مسجدن ۾ مُلا ٿي رهندا آهن ۽ واپار به ڪندا آهن.[1]

لهاڻن جو ڦري ميمڻ ٿيڻ[سنواريو]

اينٿوون صاحب هڪ ڪتاب بمبئي کاتي جي قومن ۽ ذاتين بابت لکيو آهي. انهيءَ ۾ اهو لکي ٿو ته ’پيران پير دستگير‘سنه 1165ع ۾ بغداد ۾ رحلت ڪئي (گذري ويو). دنيا مان موڪلائڻ کان اڳ، پنهنجي پٽ تاج الدين کي هدايت ڪيائين ته تون هندستان ۾ وڃي رهه، اتي جي ماڻهن کي اسلام جي روشني ڏيکار (سومرا ۽ سما شايد انهيءَ وقت مسلمان ٿيا). سيد تاج الدين کان پنج پيڙهيون پوءِ، سيد يوسف الدين قادري پيدا ٿيو. تنهن کي سنه 1421ع ۾ خواب ۾ آيو، ته تون سنڌ ۾ وڃي اتي جي ماڻهن کي اسلام جي راهه ڏيکار. اهو صاحب جنهن وقت سنڌ ۾ آيو، تنهن وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ٺٽو هو، ۽ اتي جو حاڪم سما گهراڻي جو مرڪب خان هو‘. اينٿوون صاحب لکي ٿو ته ’من جي صاحبي‘ 1351ع کان وٺي 1521ع تائين هلي ۽ اهو مرڪب خان، جو شايد ڄام رائدان (سنه 1454ع) هو، تنهن سيد صاحب کي ججهي عزت ڏيئي پنهنجو مهمان ڪري رهايو. انهيءَ حاڪم وٽ ماڻڪجي نالي هڪ سيٺ برک هو، جو لهاڻن جي چوراسي لکن يا برادرين جو مکي هو. ٺٽي جو حاڪم هن سيد صاحب جو مريد ٿيو، ته سيٺ ماڻڪجيءَ به پنهجي حاڪم جي پيروي ڪئي، ۽ پنهنجن ٽن پٽن مان ٻن پٽن ۽ لهاڻن جي ست سؤ آڪهين سميت شاهه صاحب جو مريد ٿيو ۽ دين اسلام اختيار ڪيائين. سيٺ ماڻڪجيءَ جو پٽ سيٺ رائجي هو، تنهن تي احمد نالو پيو. رائجي جا ٻه پٽ سندر جي ۽ هنسراج هئا، سي آدم ۽ تاج محمد سڏجڻ ۾ آيا. لهاڻن ۾ ڪي ”موٽا“ ڪوٺبا هئا، پر پوءِ لهاڻن توڙي موٽن تي نالو پيو ”ميمڻ“ يعني ”مومن“ يا ايمان آڻيندڙ (ڌڻيءَ جي وحدانيت ۾). انهيءَ وقت ٻين لهاڻن درياءَ شاهه کي پڪاريو هو ۽ درياءَ شاهه سندين پڪار اونائي هئي‘- هن مان سمجهجي ٿو ته اڏيري لال جي جنم ڌارڻ کان پنج صديون کن پوءِ جي هي ڳالهه آهي: هي موقعو ئي ٻيو پيو ڀانئجي.

اينٿوون صاحب هيئن به لکيو آهي ته ’ڀُڄ ۾ جاڙيجو راءُ کنگهار 1548ع تائين حاڪم هو. هن ٺٽي جي ميمڻ کي دعوت ڏيئي ڀُڄ ۾ گهرايو، جتي هو پنهنجو پاڙو ٻڌي وڃي رهيا. اتان پوءِ ڪنهن وقت ڪڇي ميمڻ ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ڏي ويا. سورت (Soorat) جو شهر 1580ع کان وٺي 1680ع تائين وڻج واپار ڪري برک هو، ۽ هيءُ ميمڻ اهو وقت اتي رهي ساڄا ٿي پيا هئا. سورت جي واپار جو پوءِ چلتو گهٽيو، ته ڪيترا ميمڻ بمبئيءَ ڏي ويا‘- مطلب ته ڪڇ ۽ بمبئيءَ وارا ميمڻ به سنڌ جي لهاڻن مان آهن.

ابوالحسن طرفان ميمڻن کي اسلام ۽ مذهبي تعليم ڏيڻ لاءِ سنڌي لپيءَ ۾ ڪتاب ڇپرائڻ[سنواريو]

سمن جي صاحبيءَ کان وٺي، سنڌ جا ڪيترا لهاڻا ڦري ميمڻ ٿيا ۽ اهي وڌيا ويجهيا، ته ائين مسلمانن جو انگ سترهين صديءَ ڌاري وڌي گهڻو ٿيو. ان وقت ڪن مسلمان عالمن ضرور سمجهيو، ته سنڌيءَ ۾ ڪي اهڙا ڪتاب ڪڍجن، جن جي وسيلي ميمڻن ۽ سندن اولاد کي اسلام جي عقيدن ۽ فرضن کان چڱيءَ ريت واقف ڪجي. ان وقت ٺٽي ۾ هڪ مولوي ”ابوالحسن“ نالي هو، جو مسلمان ٻارن کي مذهبي تعليم ڏيندو هو. سنه 1700ع ڌاري هن صاحب هڪ ڪتاب ”مقدمة الصلوات“ نالي لکيو، جنهن ۾ نماز پڙهڻ، وضو سارڻ، ۽ ٻين اهڙين ديني ڳالهين جو ذڪر آهي. کانئس اڳي قاضي قاضن، شاهه ڪريم ۽ ٻين شاعرن ڪي بيت جدا جدا وقتن تي چيا هئا ؛ پر هينئر هيءُ سنئون سولو ڪتاب مولوي ابوالحسن سنڌيءَ ۾ جوڙيو، تنهنڪري هو صاحب سنڌي علم، ادب يا ساهت (لٽريچر) جو بنياد وجهندڙ ليکجي ٿو، ان وقت مسلمان عالم عام طرح عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڪتاب لکندا هئا. اهي بزرگ گهڻو ڪري ٺٽي، سيوهڻ ۽ ٻين هنڌن جا هئا. انهن مان سنڌيءَ ۾ جن ڪو ڪتاب لکيو، تن جي سنڌيءَ کي، بلڪ سندن ڪتابن کي، انهن جي سنڌي سڏيندا هئا. مولوي ابوالحسن جا عربيءَ ۾ لکيل ڪي ڪتاب اڳي ئي هئا، پر هينئر جو هيءُ ڪتاب پهريون گهمرو سنڌي شعر ۾ لکيائين، ته اها ”ابوالحسن جي سنڌي“ سڏجڻ ۾ آئي. ان وقت کان وٺي ٻيا به ڪي مسلمان عالم اهڙا ديني ڪتاب لکڻ لڳا ۽ سندين سنڌي سندن نالن پٺيان سڏجڻ ۾ آئي. اهڙيءَ طرح جملي پنجاهه کن ڪتاب ابوالحسن جي سنڌيءَ جي نوني، آڳاٽي صورتخطيءَ ۾ لکيل موجود آهن، جي هينئر سڀڪو آسانيءَ سان پڙهي ڪين سگهندو. [2] [3] [4] [5]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع, باب ٻارهون، صفحو 12، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ
  3. مسٽر محمد صديق ميمڻ: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، صفحو 4
  4. ڏسو، ڪئپٽن ولبر فورس بيل جي جوڙيل ”ڪاٺياواڙ جي تاريخ“
  5. R.E. Emihoun. The tribes and Castes of Bombay” Vol:ii