مير ھزار خان کوسو
Lua error in ماڊيول:Cite at line 25: attempt to call method 'getTitle' (a nil value).
| مير ھزار خان کوسو | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| شھريت | |
| ڌرم | |
| مناصب | |
| عملي زندگي | |
| مادر علمي | |
| پيشو | |
| مادري ٻولي | بلوچي ٻولي ،اردو |
| ڪم جي ٻولي | اردو ،بلوچي ٻولي |
| ترميم | |
جسٽس مير ھزار خان کوسو: ھي 30 سيپٽمبر 1929 ۾ بلوچستان جي ضلعي جعفرآباد جي ڳوٺ اعظم خان ۾ پيدا ٿيو. 1948 ۾ شڪارپور جي سرڪاري ھاء اسڪول مان سنڌ يونيورسٽي جي بورڊ تحت مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1954 ۾ شڪارپور جي سي.اينڊ ايس. ڪاليج مان گريجوئيشن ڪيائين ۽ ايس.ايم.لا ڪاليج ڪراچيءَ مان 1956 قانون جي ڊگري ايل.ايل.بي. پاس ڪيائين.تعليم دوران ھن شاگرد يونين ۾ سرگرمي سان حصو ورتو. جنوري 1957 ۾ وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين. 1959 ۾ ويسٽ پاڪستان ھاء ڪورٽ جي بار جي رول تي سندس نالو داخل ٿيو.1980 ۾ سپريم ڪورٽ جو وڪيل بڻيو. 1966 ۾ ھي جيڪب آباد ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو ۽ 1976 ۾ مستعفي ٿي ويو. جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جو ٻہ دفعا جنرل سيڪريٽري ۽ ٽي ڀيرا صدر رھيو. ھن نصيرآباد جي بار ايسوسيئيشن جو بنياد رکيو ۽ ان جو پھريون صدر بڻيو. 1976 ۾ ھن بلوچستان بار ايسوسيئيشن۾ شموليت ڪئي ۽ 1984 ۾ ان جو ميمبر چونڊيو ويو. 20 جون 1977 ۾ ھي بلوچستان ھاء ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. ھڪ دفعو ٻيھر ھي 1985 ۾ بلوچستان ھاء ڪورٽ جو اضافي جج مقرر ٿيو ۽ 31 مارچ 1987 م مستقل جج مقرر ٿيو.. 13 ڊسمبر 1989 ۾ بلوچستان ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس مقرر ٿيو. 29 سيپٽمبر 1991 م ھي ان عھدي تي ھوندي رٽائر ٿي ويو. 28 آڪٽوبر 1991 ۾ سندس مقرري نئين سر فيڊرل شريعت ڪورٽ ۾ بطور جج ٿي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ پي.ايل.ڊي 1992جرنل ، صفحو 1--پي.ايل.ڊي.پبلشرز،لاھور