مواد ڏانھن هلو

مير محمد سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پيدائش

3 جون 1946
هنڱورجا، ضلعو خيرپور، صوبو سنڌ (1936–55)، برطانوي هندستان

قلمي بالو

مقبول

ڌنڌو

شاعر، مورخ، مفسرِ قرآن، محقق، سوانح نگار, معلم

قوميت

پاڪستانپاڪستاني

نسل

سنڌي ٻولي، سومرو

تعليم

ايم اي ( مذاهب عالم)
ايم اي (اسلامي ثقافت)
مولوي فاضل (عربي)

مادر علمي

سنڌ يونيورسٽي

مشھور لکڻي(ون)

تفسيرِ رياض القرآن
هالۃ البدر في تحقيق احڪام السفر
دستورالاسلاف في اصلاح الاخلاف
تاريخ هنڱورجا

ٻار

عبداللہ، عبدالقيوم، عبدالفتاح

مير محمد سومرو (انگريزي ٻولي: Mir Muhammad Soomro) (پيدائش 3 جون ، 1946ع) سنڌ سان تعلق رکندڙ حال حيات پاڪستاني شاعر، مورخ، مفسرِ قرآن، عالم دين، محقق، معلم ۽ سوانح نگار آهي۔

حالات زندگی

[سنواريو]

مير محمد سومرو 3 جون 1946ع تي هنڱورجا، ضلعو خيرپور، صوبو سنڌ، برطانوي هندوستان ۾ مولانا اللہ بخش سومرو جي علمي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۔ مذہبن جي علم ۽ اسلامي ثقافت ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۔ بعد ۾ مولوي فاضل (عربي) ۽ بين الاقوامي اسلامي ينيورسٽي اسلام آباد جي ماتحت ادارا دعوت اڪيڊمي مان خطيب جي مراسلاتي ڪورس پاس ڪيو۔ ملازمت جي ابتداء 1966ع تي پرائمري اسڪول ٽيچر جي حيثيت سان ڪئي۔ 1985ء ۾ اين اي بلوچ ماڊل اسڪول، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد، سنڌ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتان 2006ء تائين تدريسي خدمتون سر انجام ڏيڻ کانپوءِ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي سان رٽائر ٿيو ۔ ۔[1]

ادبي خدمتون

[سنواريو]

مير محمد سومرو جو سڀ کان وڌڏو ڪارنامو قرآن مجيد جي تفسير تفسيرِ رياض القرآن آهي ، جيڪو هن سنڌي ٻوليءَ ۾ تحرير ڪيو آهي۔ ٻين تصنيف ۾ هالۃ البدر في تحقيق احڪام السفر ( عربي)، دستورالاسلاف في اصلاح الاخلاف (اُردو) ۽ تاريخ هنڱورجا (سنڌي) قابلِ ذڪر آهن۔ پاڻ عربي، فارسي، سنڌي ۽ اُردو ٻولين ۾ تصنيف، تاليف ۽ مضمونن جي تعداد ٻه سو کان وڌيڪ آهي۔

لکڻيون

[سنواريو]
  • تفسيرِ رياض القرآن (سنڌي)
  • هالۃ البدر في تحقيق احڪام السفر (عربي)
  • دستورالاسلاف في اصلاح الاخلاف (اُردو)
  • تاريخ هنڱورجا (سنڌي) (هنڱورجا شهر جي تاريخ)
  • سلطاني سهاڳ (سنڌي)
  • فضائلِ شبِ قدر (اُردو)
  • جذبا تِ مقبول (شاعري، سنڌي)
  • موتين جي مالا (سنڌي)

وفات

[سنواريو]

مير محمد مقبول سومرو 24 مي 2021 جو هنڱورجا ۾ وفات ڪري ويوـ

حوالا

[سنواريو]
  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (سنڌي) جلد اٺون، سنڌي لينگوئيج اٿارٽي حيدرآباد، سنڌ، ص 218