مير حاجن پنهور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مير حاجن پنهور

مير حاجن مير پنهور (انگريزي:Mir Hajan Panhwar) سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر، ليکڪ نقاد، ڪهاڻيڪار ۽ محقق آهي. سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.

زندگي جو احوال[سنواريو]

مير حاجن مير جو اصل نالو حاجي خان ولد محمد سليمان پنهور آهي. مير حاجن مير جي قلمي نالي سان لکي ٿو. هن سنڌ جي ڄامشورو ضلعو جي لڪي شاھ صدر شهر ويجهو ڳوٺ محمد يعقوب پنهور  ۾ 3 ڊسمبر 1979ع تي جنم ورتو.[1]

ادب[سنواريو]

هن ادبي دنيا ۾ شاعر طور قدم رکيو. هن 1995ع ۾ شاعري جي شروعات ڪئي. بعد ۾ هن ادبي، تاريخي ۽ تنقيدي مضمون پڻ لکڻ شروع ڪيا. هيءُ سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ميمبر آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ جو سيڪريٽري آهي. ان کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت ضلعي ڄامشورو جو رابطا سيڪريٽري به رهيو آهي.[2] مير حاجن مير سلسليوار مئگزين سيوهڻ سماچار ۽ صبح جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي.[1]

ڪتاب[سنواريو]

  • رنگ خوشبو ۽ گل، شاعري، 2008ع[1]

نيرا خواب (شاعري) 2012ع

  • سيوهڻ جون ادبي شخصيتون، خاڪا 2014ع.[3]
  • سڄڻن ياد ڪيوم، خط، 2016ع[4]
  • موتي ميڙيا مون، تحقيق،2018ع[5]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 "پنهور مير حاجن مير : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-22. 
  2. "Sindhi Adabi Sangat". sindhsangat.atspace.com. حاصل ڪيل 2019-12-22. 
  3. "”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون “ : سيوهڻ بابت انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت رکندڙ ڪتاب". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2019-12-29. 
  4. "سڄڻن ياد ڪيوم (خط) (مير حاجن مير) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2019-12-22. 
  5. "موتي ميڙيا مون (مير حاجن مير) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-05-08.