استاد گلزار علي خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

استاد گلزار علي خان جو اصل نالو گلاب هو، پر سندس مرشد مهدي شاهه مٿس گلزار علي نالو رکيو. -ان- وقت گلزار عليءَ جي عمر 10 سال هئي. گلزار علي خان، محمد مراد خان دايي جي گهر ۾ 1934ع ڌاري ضلعي نوشهروفيروز جي شهر خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ ديهات ۾ ڄائو. هن پرائمري -تعليم- ديهات مان ئي پرائي. سندس پيءُ مراد خان دايو به ڳائيندو هو. هن راڳ جي سکيا پهريان پنهنجي پيءُ کان، پوءِ ماسٽر مهر علي لاڙڪاڻي واري کان ورتي. تڏهن هو پندرهن سورهن سالن جو هو. بعد ۾ -استاد منظور علي خان- کان سکيا ورتائين. -ان- وقت هن جي عمر 25 سال هئي. هو -استاد منظور علي خان- جي پيارن شاگردن مان هو. 1955ع ۾ ريڊيو حيدرآباد ٺهيو ته گلزار علي خان -ان- سان لاڳاپجي ويو. ڪيترن سالن تائين هو اتي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. وري جڏهن مارچ 1983ع ۾ ريڊيو خيرپور شروع ٿيو ته اتي هو هڪ موسيقار جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. ريڊيي تي اچڻ کان پوءِ هو ٽي ويءَ تي به ڳائڻ لڳو. ٽي ويءَ تي کيس پروڊيوسر -اعجاز- عليم عقيليءَ متعارف ڪرايو. سندس ڪيتريون آڊيو ڪيسيٽون به رليز ٿيون آهن. هن ٽيهه پنجٽيهه سال ريڊيي ۽ ٽي ويءَ وسيلي فن جي خدمت ڪئي. 1985ع کان بيمار رهڻ لڳو، ڊاڪٽرن کيس نه ڳائڻ جي صلاح ڏني، پر -ان- جي باوجود هو ڳائيندو رهيو، مٿس ٻه ڀيرا -اڌ رنگ- جو حملو به ٿيو، جنهن ۾ سندس دل ۽ -بڪيون- متاثر ٿيون. 1990ع کان پوءِ سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي. مختلف اسپتالن ۾ سندس علاج ڪرايو ويو، پر هو زندگيءَ جي -جنگ- هارائي ويو. 22 سيپٽمبر 1992ع ۾ اڱاري جي ڏينهن 3 وڳي دم ڌڻيءَ سائينءَ حوالي ڪيائين. سندس پونيئرن ۾ ٻه پٽ ۽ چار نياڻيون شامل آهن. هو تقريباً سڀ ساز جهڙوڪ: باجو، طبلو، ڍولڪ، بينجو، ستار، تانپورو، وائلن وغيره مهارت سان وڄائي ويندو هو. استاد گلزار علي خان لاڙڪاڻي شهر ۾ راڳ سيکارڻ جو اسڪول به کوليو هو. -جتي- ڪيترن ئي ڳائڻن کي سکيا ڏنائين. هن جي شاگردن ۾ عبدالغفور سومرو، غلام شبير سمو، حنيف لاشاري، عبدالحميد راڄپر، سڄڻ سنڌي، نجم علي مڱڻهار، عبداللطيف مهر، غلام قادر ۽ مختيار علي خشڪ وغيره شامل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]